پوليس جو محڪمو بظاهر ته ڏوهارين جي خلاف برسر عمل هوندو آهي. سندس ڪم ڏوهن جو خاتمو ڪرڻ هوندو آهي، ڏوهارين کي قابو ڪري قانون مطابق سزا ڏيارڻ هوندو آهي ۽ عوام کي تحفظ ڏيڻ هوندو آهي. انهيءَ ڪري کين محافظ پڻ چيو ويندو آهي، پر ڇا سنڌ پوليس جو ڪوبه عمل يا رويو انهيءَ ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته هي محڪمو پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪري رهيو آهي جواب آهي نه.
سنڌ جو ماڻهو پوليس کان هر وقت ڊنل رهندو آهي. ڇو ته پوليس جو رويو عوام جي لاءِ هڪڙو هوندو آهي ۽ خاص ماڻهن لاءِ ٻيو هوندو آهي. پوليس آفيسر پاڻ کي عوام جو محافظ نه سمجهندا آهن، هو پاڻ کي خاص ماڻهن جو ذاتي ملازم سمجهندا آهن ۽ انهن جي چوڻ مطابق قانون جي لتاڙ ڪندا آهن. سبب اهو ئي آهي ته اهي خاص ماڻهو جيڪي بالا آفيسر هجن، سياستدان هجن، وزير هجن، پوليس آفيسرن جي نوڪري ۽ انهن جي پوسٽنگ جو بندوبست ڪندا آهن. نفسياتي طور تي پڻ پوليس جو رويو معاشري جي ان طبقي جهڙو ٿي ويو آهي جيڪي پاڻ کي حڪمران سمجهن ٿا ۽ عوام کي رعيت سمجهن ٿا ۽ رعيت مٿان ڪيترو به ظلم ڪن کين ڦٻي وڃي ٿو. اهي سمجهن ٿا ته عوام وٽ عزت ۽ نفس نالي ڪابه شيءِ ناهي، جنهن وقت حڪمران چاهين انهن جي تذليل ڪري سگهن ٿا. اهو ئي رويو اسان کي پوليس جو نظر اچي ٿو. اهي پڻ عوام جي تذليل ڪرڻ ۾ ويرم نٿا لڳائين. هاڻي ظلم اهو ٿيو آهي ته انهن پوليس آفيسرن جو اولاد پڻ پاڻ کي حڪمران طبقي جهڙو سمجهڻ شروع ڪيو آهي، انهن جي نظر ۾ پڻ عوام رعيت آهي ۽ هاڻي اهي پنهنجو پاڻ کي عوام مٿان ظلم ڪرڻ، انهن جي تذليل ڪرڻ جو حق ڏين ٿا. اهڙو ئي واقعو باڊهه مان رپورٽ ٿيو آهي، جتي هڪ ايس ايڇ او جنهن جو نالو رحمت الله آهي ان جو پٽ راجا پيءُ جي پوليس موبائيل کڻي پاڻ سان پوليس جا سپاهي ساڻ ڪري گشت ڪندو رهيو. ڏٺو وڃي ته اهو هڪ غير قانوني عمل آهي، صرف ان عمل تي ئي ان نوجوان کي سزا اچي سگهي ٿي، پر جيئن ته هتي قانون صرف غريب کي سزا ڏيڻ جي لاءِ جلدي ڪري ٿو ان ڪري اهڙن ڏوهارين جي همت افزائي ٿئي ٿي. هو گاڏي کڻي ٻاهر نڪري ٿو انهيءَ دوران ٻه نوجوان شاگرد جيڪي ڪيڊيٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جا ٻڌايا وڃن ٿا جيڪي شادي کان واپس اچي رهيا هئا انهن کي روڪي ساڻن بدتميزي ڪري ٿو ۽ پوءِ جڏهن ڳالهه وڌي وئي ته پنهنجي پوليس سپاهين سان گڏ انهن نوجوانن کي قابو ڪري ٿاڻي تي کڻي آيو ۽ انهن تي تشدد ڪيو. ان ڇوڪري جو دماغ ايترو ته خراب هو هن ان تشدد جي وڊيو ڀري آهي اها سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي آهي. اها ذهني حالت آهي هڪ ايس ايڇ جي پٽ جي، پر اها ذهني حالت آهي پوري سنڌ حڪومت جي ڪامورن جي اولاد جي، جن قانون کي هڪ راند بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ان سان جيئن وڻين تيئن کيڏي رهيا آهن. اسان سمجهون ٿا ته انهن نوجوان شاگردن کي جسماني تڪليف ته ضرور آئي هوندي، پر ذهني تڪليف مان به ضرور گذريا هوندا.
اسان جو پرزور مطالبو سنڌ حڪومت کان پڻ آهي ته حڪومت هڪدم انهيءَ ڪيس ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري، انهن پوليس وارن کي به گرفتار ڪري جيڪي ان ڇوڪري سان ان وقت گڏ هئا ۽ سختيءَ سان پيش اچي، اسان ڪيستائين پنهنجي سماج کي اهڙن ذهني مريضن جي حوالي ڪندا رهنداسين. سٺي ڳالهه اها آهي ته ايس ايڇ او کي معطل ڪيو ويو آهي، پر ڇا صرف معطلي سان نوجوان شاگردن سان ٿيل زيادتي جو ازالو ٿي سگهندو بلڪل به نه. ايس ايڇ او کي، ٿاڻي جي وڏي منشي سميت، موبائيل ۾ گڏ ايس ايڇ او جي پٽ سان گڏ سپاهين کي نوڪرين تان برخواست ڪيو وڃي ۽ ايس ايڇ او جي انهيءَ ذهني مريض پٽ راجا کي جنهن نه صرف شاگردن تي جسماني تشدد ڪرڻ جي زيادتي ڪئي آهي، پر انهن جي وڊيو ڀري وائرل ڪئي آهي، سماج کي خوف ۾ مبتلا ڪيو آهي ان جي مٿان سائبر ڪرائيم جو ڪيس به داخل ڪيو وڃي ۽ دهشتگردي جو قلم به لڳايو وڃي. کيس مثال بڻايو وڃي ته جيئن هر اداري جا آفيسر پنهنجي اولاد جي سٺي تربيت ڪن ۽ کين پنهنجي حدن ۾ رهڻ جي سکيا ڏين. نه ته جهنگ جي قانون بڻيل ملڪ ۾ بهتري جي اميد نٿي ڪري سگهجي.