2001 کانپوءِ معنيٰ رڳو ويهن سالن جي عرصي ۾ آمريڪا 145 بلين ڊالر افغانستان تي (بي مقصد) امداد جي صورت ۾ خرچ به ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ هنن پنهنجي وت کان وڌيڪ ڪوشش ڪئي هئي ته اهي افعانستان کي وري ٻيهر تعمير ڪندا. ڇو ته افغان حڪومتن ملڪ کي تباھ ڪري ڇڏيو هو ۽ هي ماڻهن ۾ رهي، حڪومت ڪري اتي خوشحالي آڻيندا ۽ عام فلاحي ۽ بهبود جا ڪم ڪندا ۽ برطانيا وانگي جو جڏهن به اهي دنيا جي ڪنهن به ملڪ تي حملو ڪري قابض به ٿيندا هئا يا انهن جي مٿان پنهنجو تسلط به قائم ڪندا هئا ته انهن ۾ تعليم، ترقي، مواصلات، صنعتن، زراعت (ڀلي پوءِ اهي ڪالونائيزيشن جي ٽرينڊ ۾ به هئا) ۾ ترقيون وٺرائيندا هئا ۽ ائين هي آمريڪي به پاڻ مڃائيندا، پر الٽو هنن ٻه چاپڙائپ ڪئي ۽ افعانستان کي ان نور کان به ڪڍي ڇڏين، مائيڪل ڪوجلمين (جيڪو سائوٿ ايشين جو واشنگٽن افيئرز جي لاءِ نمائندو آهي) ان جي رپورٽ جي مطابق يو ايس جي اسپيشل انسپيڪٽر جنرل فار افغانستان اهو ظاهر ڪيو آهي ته آمريڪا جي بي مقصد سيڙپڪاري ۽ ڊالرن جي انڌاڌنڌ بارش به افعانين جي حالتن کي سڌاري نه سگهيون، جنهن ايڏي وڏي سيڙپ ۾ به ڪجھ ٿي ناهي سگهيو، پر اتان جي ماڻهن ۾ رڳو انتشار پيدا ٿيندو رهيو آهي. ڇو ته آمريڪا جي ڪوشش ۾ اهو به هو ته هي افعانستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جون حالتون صحيح ڪندا، انهن جي تربيت ڪندا، انهن جي دهشتگردن ۽ شدت پسنديءَ واري رجحان کي نيست ۽ نابود ڪندا، سولين گورنمينٽ جي سڀني ادارن ۾ بهتري آڻيندا، اتان جي معيشت بهتر ڪندا، اتان جي سول سوسائٽيءَ ۾ بهتري آڻيندا ۽ اتي اهڙي طرح گھڻو ڪجھ ڪري سگهندا. ڇو ته پينٽاگون سرڪار هن مهل تائين 837 بلين ڊالر هڻي چڪي آهي، جنهن ۾ هنن رڳو جنگي خرچ کاٻار هلايا آهن، ان دوران 2443 آمريڪي ٽروپس جا ماڻهو (فوجي) به مارجي چڪا آهن، 1144 الائيڊ فورسز جا ماڻهو به مارجي چڪا آهن ۽ 20666 آمريڪي فوجي زخمي به ٿي چڪا آهن، پر انهن کي ويھن سالن تائين اها خبر نه هئي ته ڪرڻو ڇا آهي، ان جنگ جو مقصد ڇا آهي ۽ 6600 هزار افغاني فوجي به انهن آمريڪي جهيڙن ۾ مارجي به چڪا آهن، 48 هزار افغاني شهري به مختلف بم ڌماڪن ۾، ڊرون حملن ۾ ۽ خودڪش ڌماڪن ۾ مارجي ويا آهن ۽ هيل تائين 75000 تائين افغاني شهري به زخمي ٿي چڪا آهن، پر ڪو کڙ تيل ناهي نڪتو، جو اهڙي سول وار جو آخر مقصد ڇا هو؟