بلاگنئون علي دوست عاجز سان مختصر ڳالهه ٻولهه June 27, 2024 Zahida Abro علي دوست، فريد آباد تعلقي ميهڙ ۾ 02 نومبر 1964ع تي جنم ورتو. سندس ادبي سُڃاڻپ شاعر واري آهي. ان کانسواءِ هن تحقيقي ڪم پڻ ڪيو آهي. خاص طور سندس استاد بخاري بابت ڪيل ڪم، جوڳي جاءِ والاري ٿو! نثر ۾ مضمون ۽ مقالا ۽ ٻيو ڪم اٿن. ڪتاب “آديسي استاد” لِکي، هن پنهنجي روحاني مرشد استاد بُخاريءَ کي ياد ڪيو آهي! شاعري، جتي وڏن لاءِ ڪئي اَٿائين، اُتي سُهڻن سنڌ جي ٻالڪن کي به نه وساريو اٿس! اچو ته کانئُن ٻالڪ ادب بابت ڪي سوال پُڇون! سوال (1): پنهنجي ننڍپڻ، تعليم ۽ ادب ڏانهن راغب ٿيڻ بابت ٻُڌايو…! جواب: اسان جو ڳوٺ فريد آباد، ڪاڇي ۽ بئراجي علائقي جي ڪَسَ تي آهي. مون پرائمري ۽ مڊل تائين تعليم اتي حاصل ڪئي، جو اتي اڃان هاءِ اسڪول نه ٿيو هو. تنهنڪري مون مئٽرڪ پياري ڳوٺ هاءِ اسڪول مان، سائين عبدالرحمان شاھ جن وٽ حاصل ڪئي! ڳوٺ ۾ جوهر بروهي صاحب، جيڪو ديني عالم ۽ شاعر هو، تنهن جي صُحبت، سائين عبدالرحمان شاھ جي علمي، ادبي شخصيت ۽ طبيعت ۾ شاعراڻو رُجحان، شاعريءَ ڏانهن وٺي آيو! سوال (2): پهرين تحرير ڪهڙي ڇَپِي ۽ ان وقت ڇا محسوس ڪيُوَ! جواب: پهرين تحرير/شعر روزاني اخبار آفتاب جي ادبي صفحي ۾ ڇَپِي. تڏهن سُٺو لڳو! نئين زندگيءَ ۾ پهريون شعر ڇپيو، ته انهن اعزازي ڪاپي سان گڏ چاليھ پنجيتاليھ رپين جو چيڪ به موڪليو! سوال (3): ٻارن لاءِ لِکڻ جو خيال ڪيئن آيو..! جواب: ڳوٺ ۾ ٻارن جو رسالو گُل ڦُل ايندو هو. اسڪول ۾ هَلڪيون ڦُلڪيون ٻاراڻيون سرگرميون به سبب ٿي سگهن ٿيون! ٻارن جي رسالي “ادا سائين” لاءِ خالد آزاد هر مهيني ڪُجھ لکي ڏيڻ لاءِ، تاڪيد ڪندو رهندو هو. ڪجھ وقت کانپوءِ اهو مَواد ڪتاب جيترو ٿي ويو ته ڪتاب ڇپائڻ لاءِ دل چيو! ايئن هڪ کانپوءِ ٻيو…! سوال (4): ڇا سنڌي ٻالڪ ادب جي نثر، نظم ۾ ڇپيل ڪتابن کي اطمينان جوڳو قرار ڏئي سگهجي ٿو…؟ جواب: نه هجڻ کان ڪُجھ هُجڻ، چڱي ڳالھ آھي، پر ان جي ڏِٺي اردو ۾ تمام گهڻو لِکجي، ڇَپجي پيو. تنهنڪري اطمينان جوڳو ڪيئن چئجي…! سوال (5): پنهنجي ٻالڪ ادب (ڇپيل/اَڻ ڇپيل) بابت ٻُڌايو…! جواب: ٻارن لاءِ مُنهنجِي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن. 1. جهڙا تارا جرڪڻا ۽ 2. ٽانڊاڻا ٽانڊاڻا رات. “ٽانڊاڻا ٽانڊاڻا رات” ته سنڌي ٻولي اٿارٽي ۽ سنڌ الاجي پاران سال جي سٺي ڪتاب هجڻ جو ايوارڊ پڻ حاصل ڪيو! ڪو اڻ ڇپيل مواد نه آهي. سوال (6): سنڌي ٻالڪ اَدب لِکڻ وارن جي تحريرن کي ڇَپائڻ لاءِ ڪو پليٽ فارم ڪونهي، نه اخبارن ۾ صفحا آهن، نه ئي ڪي رِسالا ٿا نِڪرن. هرهڪ شخصي طور، دِلي جذبي سان ڪم ڪري رهيو آهي. انهيءَ صورتحال ۾ سنڌي ٻالڪ ادب اڳيان ڪيئن اچي سگهي ٿو…! ڇا اها فِڪر جوڳي حالت ڪونهي…؟! جواب: فِڪر جي ڳالھ ته آهي! ڪتابن جي ڇَپائي، پوءِ وري پڙهندڙن (وڏو هجي يا ننڍو) تائين پهچائڻ جو مسئلو آهي! وڏن وارا ڪتاب ته ماڻهو ذاتي شوق يا تعلقات تي ڇپايو کپايو ڇڏين، پر ٻارن لاءِ لِکڻ، انهن جي دلچسپيءَ وٽان ڇپائڻ، وڌيڪ مهانگو ٿو پوي، تنهنڪري وڌيڪ مشڪل آهي! اهو سرڪار يا ڇپائيءَ وارن ادارن جي دلچسپيءَ کان سواءِ مُمڪن نه آهي. تنهنڪري اسان وٽ ٽيڪسٽ ۾ موجود مواد ئي سڀ ڪجھ آهي، ان کانپوءِ ٻيو مواد يا ٻيا ڪتاب آهن، جيڪي سنڌي هر ٻار کي مُيسر نه آهن…! سوال (7): ٻار موجوده وقت ۾ مُطالعي کان پري پيا رهن، سندن لاءِ ڪو پيغام ڏيو…! جواب: ڪو به ماڻهو پيغامن، سلامن تي ڪونه ٿو هلي، نه هلندو. نينهن نياپي ناهي ٿيندو! ٻار ته آهن ئي بادشاھ…! ٻارن کي به وَڏن وانگر بِشتُ (بهشت) تَرِيءَ تي ملي ويو آهي! موبائل ان جي به هٿ ۾ آهي. ان جا ايپليڪيشن هلائڻ هُو وَڏن کان به وڌيڪ ٿو ڄاڻي…! جيستائين هُو ان تان مُنهن نه هَٽائيندو، تيستائين هُو ٻئي جي ڪٿان ٻُڌندو…! تنهنڪري اِدارن، آرٽسٽن کي ان تي سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو…! ٻارن جي دلچسپيءَ وارا گيت، گانا، ڪهاڻيون، دلچسپ انداز سان فلمائي، اهڙيون تمام گهڻيون ويب سائيٽس کولي ڇڏڻ گهرجن! ٻار اهي ڏِسن، ٻُڌن ٿا. عملي سرگرميون، پوءِ اهي علمي هُجن، ادبي يا سائنسي گهڻو ڪري اسڪولن ۾ ئي وڌيڪ ممڪن آهن. جنهن تي اسڪول وارن، والدين ۽ سرڪار کي ڌِيان ڏيڻ گُهرجي! ٻارن لاءِ ادبي، ثقافتي ۽ سائنسي ميلا پڻ ان ۾ جوڳو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا..! Post Views: 70