ضياءُالحق جڏهن 1970 ۾ ملڪ ۾ مارشلا لاڳو ڪئي، ان وقت ملڪ ۾ دهشتگردي جو پري پري تائين ڏس پتو نه هوندو هو. پاڪستان جو عوام دهشتگردي لفظ کان ناواقف هو.
افغانستان ۾ روسي فوج اچڻ کانپوءِ آمريڪا پاڪستان کي هر اول دستي طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. افغان روس جنگ ڄڻ ته ضياءُالحق جي لاءِ هڪ تحفو بڻجي آئي هئي، انهيءَ جنگ جي ڪري هن جي مارشلا کي دنيا ۾ خراب نه سمجهيو ويو، بلڪه ضياءُالحق جي مدد ڪئي وئي. ضياءُالحق جي اها پاليسي جنهن جي ڪري افغاني ماڻهو مهاجر بڻجي ملڪ ۾ اچي ويا، انهيءَ پاليسي ضياءُالحق جي حڪومت کي ته 11 سال ڏنا، پر پاڪستان گذريل 40 سالن کان انهيءَ پاليسي جي ڀوڳنا ڀوڳي پيو. افغانين جي اچڻ سان اسان وٽ ڪلاشنڪوف ڪلچر آيو، جنهن جي ڪري ڌاڙيلن کي اهڙي قسم جا هٿيار ملڻ ڪري انهن جي طاقت ۾ اضافو ٿيو. پوءِ جيڪا اسان ڀوڳنا سنڌ ۾ ڀوڳي آهي، اها اڄ تائين جاري آهي. هيروئن جي نشي جو تحفو پڻ اسان جي لاءِ اسان جا افغان ڀائر کڻي آيا، نشو وڪرو ڪندڙ اربين رپيا ڪمائي ويا، پر جن گهرن ۾ اهو نشو پهتو اهي خاندان جا خاندان ذلت جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا. ڳالهه صرف ايستائين نه رڪي، پر دهشتگردي جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو. مذهبي ماڻهن خودڪش بمبار تيار ڪرايا، جنهن ۾ پڻ رياستي پاليسي شامل هئي. ضياءُالحق جي مرڻ کانپوءِ به انهيءَ پاليسي تي ڪو فرق نه پيو.
محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي 2 دفعا حڪومت ختم ڪئي وئي، نواز شريف جي 2 دفعا حڪومت ختم ڪئي وئي، ملڪ ۾ هڪ دفعو ٻيهر مارشلا آندي وئي، محترمه ڀٽو واضح ڪيو هو ته دهشتگردن سان ڪڏهن به ڳالهيون ٿي نه ٿيون سگهن، انهن کي رياست جي طاقت جو استعمال ڪري ختم ڪبو. ان جي ڳالهه تي ادارن غور نه ڪيو، دهشتگرد محترمه تي ڪاوڙيل هئا، ۽ آخرڪار کيس 27 ڊسمبر 2007 تي شهيد ڪيو ويو، پر افغانستان جي پاليسي ۾ ڪوبه فرق نه آيو، ايستائين جو طالبان حڪومت افغانستان ۾ ٺهي چڪي ۽ پاڪستان جو سابق آئي ايس آئي چيف جنرل (رٽائرڊ) فيض حميد انهيءَ حڪومت جي ٺهڻ جي خوشيءَ ۾ مبارڪون ڏيڻ لاءِ افغانستان پهتو ۽ سيرينا هوٽل ۾ جشن ملهايو ويو. ان وقت جي وزيراعظم باني پي ٽي آئي جو اهو بيان پڻ تاريخ ۾ رقم ٿيل آهي، جنهن ۾ هن چيو هو افغانين غلامين جون زنجيرون ٽوڙي ڇڏيون، پاڪستان ۾ رهندڙ افغاني هتان ويڙهاڪ بڻجي ويندا هئا، جن کي جهادي سڏيو ويندو هو، جيڪي اصل ۾ دهشتگرد هئا. پي ٽي آئي جي حڪومت انهن مان 14000 ماڻهن کي پاڪستان ۾ آڻي آباد ڪيو. ملڪ جي طاقتور ادارن جي انهن پاليسين دهشتگردن جي دل وڌائي ڇڏي، ۽ انهن رياست اندر رياست قائم ڪري ورتي، جنهن ۾ انهن جو حڪم هلي رهيو هو. پوءِ جڏهن گذريل نگران حڪومت طاقتور ادارن جي پاليسي تحت افغانين تي سختي ڪئي ته پي ٽي آئي سميت ملڪ جون مذهبي سياسي پارٽيون ڪاوڙجي پيون ته افغان شهري اسانجا ڀائر آهن، انهن کي واپس نه ڪيو وڃي.
جڏهن نگران حڪومت پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جا انگ اکر ظاهر ڪيا، تڏهن خبر پئي ته ملڪ اندر ٿيندڙ دهشتگردي جا واقعا افغاني شهري ڪن ٿا، انهن جي سهولتڪاري افغانستان ڪري ٿو. هاڻي اهي سڀ ڳالهيون واضح ٿي ويون آهن، جڏهن اسانجي فوج جي مٿان افغانستان مان ايندڙ دهشتگرد حملا ڪن ٿا ۽ واپس افغانستان ۾ ڀڄي وڃن ٿا، پر افغان حڪومت انهن جي خلاف ڪوبه ايڪشن نه ٿي ڪري، مجبور ٿي پاڪستان پنهنجي سالميت کي برقرار رکڻ جي لاءِ افغانستان اندر انهن دهشتگردن جي اڏن تي حملا ڪيا آهن، ته افغان حڪومت کي ڪاوڙ اچي وئي آهي، اسين سمجهون ٿا ته جنگ مسئلن جو حل نه هوندي آهي، پر دهشتگردن کي دهشتگردي ڪرڻ جي آزادي ڏيڻ به ملڪ جي سالميت لاءِ وڏو خطرو آهي.
ملڪ جو عوام پنهنجي فوج جي انهيءَ عمل کي ساراهي ٿو، جنهن جي ذريعي پاڪ فوج افغان اندر ٽارگيٽ حملا ڪري دهشتگردن کي نشانو بڻايو آهي. عوام پنهنجي فوج سان گڏ بيٺو آهي ڇو ته عوام سمجهي ٿو ته دهشتگرد ڪڏهن به دليل جي زبان نه سمجهندو، ان کي سندس زبان ۾ جواب ڏيڻ ضروري آهي، جيڪو جواب اسانجي فوج ڏئي رهي آهي. افغان حڪومت کي به عقل کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ پنهنجي سرزمين کي دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏئي.