ايڊيٽوريل

ملڪي معيشت جي بحالي جو رستو

وفاقي وزارتِ خزانه طرفان فيبروري 2024 مهيني لاءِ اڪنامڪ اپڊيٽ ۽ آئوٽ لڪ جاري ڪري ڇڏيو آهي. خزاني واري وزارت جو اهو چوڻ آهي ته سخت ۽ غير مقبول فيصلن سان معيشت جي بحالي ٿي آهي ۽ اها ترقي جي رستي طرف وڃي رهي آهي. مالي سال 23-2022 ۾ پاڪستان هڪ وڏي معاشي بحران کي منهن ڏنو آهي. جنهن سبب خوراڪ، گئس ۽ تيل جي قيمتن ۾ وڏي پئماني تي اضافو ٿيو هو. سياسي بحرانن ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت جنهن کي عدم اعتماد جي ووٽ سان هٽايو ويو هو. انهيءَ ملڪي معيشت سان راند ڪئي هئي. بين الاقوامي حالات به ڪجهه بهتر نه هئا.
يوڪرين ۽ روس جي جنگ جي ڪري تيل ۽ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ واڌ اچي وئي هئي ۽ ملڪ ۾ به سرڪار جون پاليسيون به بهتر نه هيون. لڳو ائين پي ته ملڪ ڪنهن به وقت ڊيفالٽ ڪري ويندو، پر پي ڊي ايم سرڪار جو محور سياسي بقاءَ سان گڏ معاشي بحران کي به منهن ڏيڻو هو. انهيءَ ڪري انهن کي سخت فيصلا ڪرڻا پيا، جنهن جي ڪري انهيءَ ڊالر ۽ رپئي جي قيمت ۾ وڏو فرق اچي ويو. ڊالر طاقتور ٿي ويو، نتيجي ۾ مهانگائي ۽ افراط زر انهيءَ وقت پنهنجي بلند ترين سطح تي هو. ناقص حڪمراني جي ڪري ملڪ جون درآمدات گهٽجي ويون، ڳالهه ايستائين وڃي پهتي جو ايترو زرمبادله به ڏکيو پئي لڳو جو امپورٽ بل ادا ڪري سگهجي. هڪ طرف زرمبادله جي گهٽتائي هئي، ٻئي طرف ڊالر جي قيمت رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ اها پنهنجي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي. جڏهن پي ڊي ايم جي عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب ٿي، تڏهن عالمي مالياتي فنڊ جو پروگرام اسان وٽ بند هو. ملڪ کي 17.3 ارب رپين جو خسارو هو. ايترو ضرور چئبو ته پي ڊي ايم سرڪار ۽ نگران حڪومت جي فيصلن جي ڪري ملڪ نه صرف ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچيو، پر ملڪ عالمي مالياتي فنڊ کان هڪ نئون بيل آئوٽ پيڪيج حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. آئي ايم ايف جي انهيءَ پئڪيج جي ڪري اسان کي دوست ملڪن کان امداد ملي. چين، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات پنهنجن قرضن کي رول اوور ڪيو ۽ سعودي عرب پاڪستان ۾ پنهنجي ڊپازٽ کي وڌايو به آهي. عالمي مالياتي فنڊ جو پيڪيج حاصل ڪرڻ سان دنيا جا ٻيا مالياتي ادارا به اسانجي مدد لاءِ هلي آيا. ائين اسين پنهنجي تاريخ جي ڏکئي دور مان گذري پار پياسين. دنيا سان ڪاروبار سڀئي ملڪ ڪن ٿا ۽ عالمي مالياتي ادارن سان ڏيتي ليتيون به دنيا جي ڪاروهنوار لاءِ ضروري آهن، پر هتي اسين اهو چونداسين ته سڀ کان پهرين اسان کي پنهنجو گهر بهتر ڪرڻو آهي.
نئين چونڊيل حڪومت لاءِ سڀني کان اهم چئلينج آهن: 1. سياسي استحڪام، 2. سماج ۾ امن امان، ۽ 3. معاشي سڌارا. سياسي استحڪام ۽ سماج ۾ امن امان اسانجي پهرين ضرورت آهي، پر انهيءَ سان گڏ جيڪڏهن اسين چاهيون ٿا ته اسين پنهنجي معيشت کي قرضن تي نه هلايون ته اسان کي معاشي سڌارا آڻڻا پوندا ۽ پنهنجي معيشت کي دستاويزي ڪرڻو پوندو. هتي اسين وري به ورجايون ٿا ته ملڪ جي معيشت لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. پاڪستان سال 2024 جي پهرين ٽماهي ۾ هڪ اهڙي موڙ تي بيٺو آهي، جتي انهيءَ جي سماج ۾ بيچيني ۽ بلند سياسي آواز آهن ۽ معيشت جو سوال انهيءَ کان به مٿڀرو آهي.
اسين ملڪ جي سياسي قوتن کان اها توقع ٿا ڪريون ته اهي پنهنجي انائن کان مٿي ٿي، سياسي استحڪام ۽ سماج ۾ امن لاءِ هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪن ته جيئن سڄي دنيا کي اهو پيغام وڃي ته اسانجو ملڪ بهتري طرف ۽ ترقي طرف وڃي رهيو آهي. جيڪڏهن سياسي ڌرين ساڃاهه کان ڪم ورتو ۽ گڏجي ويٺيون ته معيشت جي بحالي ممڪن آهي. آخر ۾ اسين وزارت خزانه جي فيبروري واري رپورٽ جي ڳالهه ڪريون ته انهن اهو چيو آهي ته سخت ۽ غير مقبول فيصلن سان معيشت بحالي جي راهه تي گامزن آهي ۽ حڪومت کي پنهنجي ادارن جي تنظيم نو ڪرڻي پوندي ۽ حڪومتي ملڪيتي ادارن ۾ گورننس ۽ مالي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻي پوندي. انهي رپورٽ ۾ اهو به چيل آهي ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ حڪومت جي قدمن سان مارڪيٽ جو اعتماد بحال ٿيو آهي ۽ معاشي سرگرمي ۾ تيزي آئي آهي. نئين چونڊيل سرڪار جيڪا ڪجهه ڏينهن ۾ اچڻي آهي. انهيءَ کان اسان کي اها اميد آهي ته اها معاشي ترقي کي بهتري جي طرف وٺي ويندي.