ايڊيٽوريل

نئين چونڊيل حڪومت ۽ ملڪ جا معاشي چئلينج

8 فيبروري 2024 تي ٿيل چونڊن کانپوءِ حڪومتون ٺهڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. مرڪز ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نواز ۽ اتحادين جي گڏيل حڪومت ٺهي رهي آهي. ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ هاڻي اهو صاف ظاهر آهي ته ايندڙ حڪومت جو وزيراعظم ميان شهباز شريف ۽ ملڪ جو صدر جناب آصف علي زرداري هوندو. بهتر ٿيو ته شڪ ۽ شبها ختم ٿيا. وفاق ۾ هڪ چونڊيل حڪومت جو قيام هاڻي ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه آهي. جلد ئي وزيراعظم جي چونڊ ۽ وفاقي ڪابينا جي تشڪيل ٿي ويندي.
ملڪ جيئن ته گذريل ڪجهه سالن کان معاشي ۽ مالياتي مشڪلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، انهيءَ جي باوجود نگران وفاقي حڪومت جيڪا پنهنجو مدو هڪ طرح سان پورو ڪري وئي آهي، پر ايترو ضرور چئبو ته انهيءَ معاشي ۽ مالياتي معاملن کي بهتر نموني ڏٺو آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ پنهنجي ايامِ حڪمراني ۾ مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. نگران وفاقي حڪومت جي معاشي پاليسين جي ڪري ملڪ جي برآمدات ۾ اضافو ٿيو آهي. سيپٽمبر 2023 کان جنوري 2024 تائين پاڪستان جي ايڪسپورٽ ۾ 1 ارب 70 ڪروڙ ڊالر جو اضافو ٿيو آهي. نگران حڪومت جي معاشي اقدامات جي ڪري نه صرف اسانجي برآمدات ۾ اضافو ٿيو آهي، پر انهيءَ نگران سرڪار ٻين شعبن ۾ به سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. سڀني کان اهم ڳالهه ڪندا هلون ته نگران وفاقي حڪومت سان ڪوبه مالياتي اسڪينڊل منسوب ناهي. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي انهيءَ جو ڪريڊٽ وڃي ٿو ته هن پنهنجي حڪومت کي سٺي نموني هلايو آهي ۽ نگران وزير خزانه محترمه شمشاد اختر به مالي معاملن ۾ بهتري آندي. سڌسماءَ جا ذريعا اهو به چون ٿا ته شايد نگران وزير خزانه اڳتي هلي چونڊيل نئين حڪومت جي به وزير خزانه هجي اها خبر به جلد پئجي ويندي. نگران حڪومت پنهنجو مقرر وقت پورو ڪيو ۽ هاڻي اچڻ واري چونڊيل حڪومت کي هر طرح جا چئلينجز سامهون آهن، اهي معاشي ۽ مالياتي به آهن ۽ سماجي ۽ سياسي به آهن. هيستائين ته لڳي ٿو ته نئين حڪومت جي متعلق جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿئي پئي انهيءَ ۾ ڄڻ عهدن جي ورهاست ٿي آهي ته وزيراعظم ڪير ٿيندو ۽ صدر ڪير ٿيندو، پر ميڊيا جي ذريعي عوام کي اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته ايندڙ حڪومت انهن جي ڀلائي جي لاءِ ڪهڙا قدم کڻندي، انهن کي مهانگائي جي راڪاس کان ڪيئن بچائيندي. ڇو ته سڀ کان وڌيڪ اهم ملڪ ۽ عوام جي ترقي آهي، عوام جو امن امان آهي ۽ ملڪ جي سرحدن جو تحفظ آهي. نه صرف ايترو پر نئين حڪومت کي قرضن جي ڏيتي ليتي به ڪرڻي آهي ۽ آئي ايم ايف پروگرام جي آخري قسط به وٺڻي آهي. نئين چونڊيل حڪومت کي آئي ايم ايف سان هڪ نئين پروگرام لاءِ ڳالهين جي شروعات ڪرڻي پوندي. اسين ايندڙ قيادت مان اها اميد ڪريون ٿا ته اها عهدن جي حاصلات کان هٽي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي تي ڌيان ڏيندي. اسانجي خارجه پاليسي جيئن ته نازڪ توازن تي بيٺل آهي، انهيءَ ڪري اسان کي پنهنجي خارجه تعلقات کي بهتر ڪرڻو پوندو ته جيئن اقوامِ عالم ۾ اسان جو ڪردار هڪ اهم ملڪ جي حيثيت ۾ هجي. آمريڪا جي محڪمه خارجه جو اهو بيان اسان جي حق ۾ آهي، جنهن ۾ انهن چيو آهي ته نئين حڪومت جي تشڪيل پاڪستان جو اندروني معاملو آهي. اسين انهيءَ ڳالهه کي ورجايون ٿا ته هڪ مستحڪم حڪومت ملڪ جي پهرين ضرورت آهي. نئين چونڊيل حڪومت کي مشڪلاتون ضرور آهن، پر جيڪڏهن اها هڪ عزم سان ڪوششون ڪندي ته ڪنهن حد تائين انهن سڀني مشڪلن کي گهٽائي ضرور سگهندي، مالي ۽ معاشي ترقي جو سفر شروع ٿي سگهندو. اسان کي اميد آهي ته نئين چونڊيل حڪومت پاڪستان کي معاشي، سماجي ۽ سياسي حيثيت ۾ بهتري طرف وٺي ويندي.
***