وقت کي ماپڻ جو پئمانو ٺهيل آهي، سيڪنڊ، منٽ، ڪلاڪ، ڏينهن رات، هفتو، مهينو ۽ سال. جيئن خبر پئجي سگهي ته وقت ڪيئن گذري رهيو آهي. 2024 گذري چڪو آهي، انهيءَ کي الوداع چئون ٿا ۽ 2025 اچي ويو آهي، انهيءَ کي ڀليڪار چئون ٿا. ساڃاهه ۽ سوچ وارا ملڪ گذريل وقت جي غلطين ۽ ناڪامين مان سبق حاصل ڪري هلندڙ وقت ۾ بهتريون آڻي ايندڙ وقت خوشحال ۽ محفوظ بڻائيندا آهن. جيڪڏهن غلطين مان سبق حاصل نه ڪيو ويو ۽ ان جو ازالو نه ڪيو ويو ته پوءِ ايندڙ وقت گذريل وقت کان وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿو.
سال 2024 جو عرصو پنهنجي ملڪ پاڪستان لاءِ گڏيل سڏيل رهيو. بهتري ضرور آئي، پر جيتري اچڻ گهرجي نه آئي آهي. 2024 ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کانپوءِ توقع هئي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو جنهن جي ڪري معيشت مضبوط ٿيندي، امن امان قائم ٿيندو، روزگار ملندو ۽ پنهنجو ملڪ خوشحالي طرف سفر ڪرڻ شروع ڪندو. ڪجهه بهتري ضرور آئي، پر جيتري توقع هئي پوري ٿي نه سگهي. سياسي استحڪام نه اچي سگهيو، جنهن جا ڪيترائي سبب آهن. امن امان جي صورتحال پڻ بهتر نه رهي. دهشتگرديءَ جون ڪارروايون سال 2024 ۾ وڌي ويون. بقول آءِ ايس پي آر جي ته هن سال 9 سئو دهشتگردن کي ماريو ويو، پر ان سان گڏ سوين فوج، رينجرز، ايف سي ۽ پوليس جا جوان ۽ آفيسر پڻ شهيد ٿيا. جيئن اسان ذڪر ڪيو ته غلطي مان سبق حاصل ڪجي ان جو ازالو ڪجي ته جيئن ايندڙ وقت بهتر ٿي سگهي، پر اسان انهيءَ سبق کي بار بار ورجائڻ کانپوءِ به عملي طور تي اهي قدم نٿا کڻون جنهن جي ذريعي بهتري جي اميد ڪجي. ملڪ جي معيشت جا انگ اکر معاشي بهتري جو اهڃاڻ ڏئي رهيا آهن اهو اهڃاڻ 2024 واري سال ۾ حڪومتي ڪارڪردگيءَ جي بهتري آهي، پر مڪمل بهتري ان صورت ۾ ايندي جڏهن حڪومت عملي طور تي قدم کڻي، انصاف ۽ قانون جو مان مٿانهون ڪري، احتساب پنهنجو پاڻ کان شروع ڪري ۽ عوام پڻ حڪومت جي بهتر قدمن جي تائيد ڪري، اهي اميدون اسان کي سال 2025 کان ٿي سگهن ٿيون، پر افسوس اهو آهي ته نئين سال جي شروعات ۾ پڻ ملڪ اندر ڌرڻا جاري آهن. هڪ مذهبي گروهه ڪراچي شهر جي رستن کي بند ڪيو ويٺو آهي، جڏهن کانئن پڇيو ٿو وڃي ته ڪُرم جو مسئلو خيبر پختونخواهه سرڪار جو آهي ته چون ٿا ته اسين يڪجهتي لاءِ ويٺا آهيون. اچرج تڏهن ٿي لڳي ته خيبر پختونخواهه ۾ اهو ئي مذهبي گروهه يڪجهتي جي لاءِ ڪوبه احتجاج نٿو ڪري، باقي سنڌ ۽ پنجاب صوبي اندر ائين محسوس ٿئي ٿو ته سياست چمڪائڻ جي لاءِ يا ڪنهن هڪ پارٽيءَ کي خوش ڪرڻ جي لاءِ عوام کي تڪليف ۾ وڌو وڃي ٿو. 31 ڊسمبر 2024 تي وزيراعظم پاڪستان ميان شهباز شريف صاحب ويزن 2029 جي پاليسي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کي “اُڙان پاڪستان” جو نالو ڏنو ويو آهي. وزيراعظم چواڻي ته اسان 2029 تائين آءِ ٽي جي ايڪسپورٽ 60 ارب ڊالر تائين کڻي وينداسين. 2035 تائين اسان جي معيشت هڪ هزار ارب ڊالر تائين ٿي ويندي. اهڙيون کوڙ ساريون ڳالهيون جيڪي اميد پيدا ڪن ٿيون ۽ اتساهه ڏيارين ٿيون، وزيراعظم صاحب ڪيون آهن. اسين به هن سال مان پُراميد آهيون. وزيراعظم صاحب جي سوچ ۽ ويزن جي انهيءَ شرط تي تعريف ۽ تائيد ڪريون ٿا ته سندس اها سوچ لفظي نه هوندي، پر ان تي هو پوري محنت سان عملي قدم کڻندو. جيئن پاڪستان جو هي سال گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ ملڪ جي عوام جي لاءِ بهتر ثابت ٿئي. هن سال ۾ مهانگائي گهٽجڻ جا پڻ امڪان آهن، ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ ۾ پڻ توازن ٿيندي نظر اچي ٿو ۽ ملڪي سطح تي کنيل حڪومت جون پاليسيون بهتري طرف اشارو ڪري رهيون آهن.
ملڪ جي عوام کي سڀ کان پهرين امن امان گهرجي، ان کانپوءِ روزگار گهرجي ۽ مهانگائي کي قابو ڪيو وڃي. هن سال ۾ جيڪڏهن وفاقي سرڪار اهي ٽئي ڪم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي ته پوءِ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هيءَ سرڪار پنهنجو آئيني مدو ضرور پورو ڪندي. ملڪ جي عوام پڻ ڌرڻن جي سياست کان، دهشتگردي جي ڪاررواين کان، روڊ رستا بند ڪرڻ کان تنگ ٿي چڪو آهي. عوام چاهي ٿو ته احتجاج ڪرڻ جيڪڏهن آئيني حق آهي ته ضرور ڪريو، پر رستا روڪي دهشتگردي ڪارروايون ڪري عوام جي زندگي مشڪل نه بڻايو. اميد ڪجي ٿي ته هي سال پاڪستان جي لاءِ ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ خوشحالي، ترقي ۽ امن جو پيغام کڻي ايندو.