ايڊيٽوريل

سنڌ اسيمبليءَ ۾ رٿ منظور ۽ صدر جي ارسا جي معاملي تي سوچ!!

ملڪي آئين ۾ ٿيل ارڙهين ترميم کانپوءِ جيڪي اختيار صوبن کي مليل آهن، جيڪڏهن انهن جو مڪمل استعمال ٿئي ته صوبن اندر موجود مايوسي ختم ٿيندي ۽ صوبي ۾ رهندڙ ماڻهو صوبائي وسيلن مان فائدو حاصل ڪندا.
پنجاب صوبو انهن اختيارن جو مڪمل استعمال ڪري ٿو. خيبر پختونخواهه پڻ پنهنجي آئيني حق جي استعمال ۾ ڪوتاهي نٿو ڪري. بلوچستان جي ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت کين مليل ارڙهين ترميم کانپوءِ آئيني حق استعمال ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪن ٿيون، جنهن جي ڪري انهن صوبن جي عوام کي ارڙهين آئيني ترميم ڪو خاص فائدو نه ڏئي سگهي آهي. سنڌ صوبي جي ڳالهه ڪريون ته اسان کي شهرن ۾ پوري دنيا مان تڙيل ڏوهاري ماڻهن جو هڪ وڏو انگ نظر اچي ٿو، جيڪي غير قانوني طور سنڌ ۾ رهن ٿا، انهن ۾ افغاني سر فهرست آهن. ان کانپوءِ بنگالي، بهاري، برمي، ايراني ماڻهو آهن، جيڪي غير قانوني طور آيل آهن ۽ سالن کان سنڌ صوبي جي وسيلن مٿان بار بڻيل آهن ۽ ڏوهن ۾ پڻ ملوث نظر اچن ٿا، پر صوبائي حڪومت جنهن کي اختيار آهي ته اهڙن غير قانوني ترسيل پرڏيهين کي واپس موڪلي اها ڪجهه به نٿي ڪري. هن وقت سنڌ جي صوبائي اسيمبلي هڪ رٿ منظور ڪئي آهي جنهن ۾ حڪومت کان گهر ڪئي وئي آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ غير قانوني پرڏيهين کي هڪدم واپس ڪيو وڃي، جيڪڏهن واپس ٿيڻ ۾ وقت گهربل آهي ته انهن غير قانوني رهندڙ ماڻهن جي رجسٽريشن ڪئي وڃي، جيئن خبر پئجي سگهي ته سنڌ اندر ڪيترا ماڻهو غير قانوني طور تي رهائش پذير آهن. صوبائي اسيمبلي اها به رٿ منظور ڪئي ته نادرا کي سختي سان منع ڪيو وڃي ته هو ڪنهن به غير قانوني ماڻهو جو شناختي ڪارڊ نه ٺاهي. اتي اسان جي صلاح اها آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجو آئيني ۽ قانوني حق استعمال ڪندي نادرا کان غير قانوني طريقي سان ٺاهيل شناختي ڪارڊن جي ڊيٽا حاصل ڪري ۽ نادرا ۾ ويٺل انهن ماڻهن کي وائکو ڪري، جن اهي ڪوڙا شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ ۾ انهن ماڻهن جي مدد ڪئي آهي ۽ قانون مطابق انهن کي سزا ڏياري. انهيءَ رٿ جي جزوي مخالفت يا اڻ سڌي مخالفت جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم ڪئي. انهن جو چوڻ هو ته بنگلاديش ۾ رهندڙ بهارين کي پاڪستان آندو وڃي ۽ جيڪي بنگالي ۽ بهاري سنڌ اندر موجود آهن انهن کي پاڪستان جو شهري مڃيو وڃي ۽ کين شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا وڃن. جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم اهڙي قسم جون ڳالهيون هميشه ڪنديون رهيون آهن جنهن سان سنڌ اندر نفاق جي صورتحال پيدا ٿيندي آهي. صرف هڪ نقطي تي ايم ڪيو ايم جا ميمبر پيپلز پارٽي جي ميمبرن سان متفق هئا ته غير قانوني افغانين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي. ڇو ته ڪراچي جون حالتون خراب ڪرڻ ۾ ۽ ڏوهن جي واڌاري ۾ غير قانوني افغاني ملوث آهن. پيپلز پارٽي جي ميمبرن طرفان آيل ان رٿ جي سنڌ جو عوام تائيد ڪري ٿو ۽ حڪومت کان مطالبو ڪري ٿو ته هڪدم سنڌ ۾ رهندڙ غير قانوني پرڏيهين کي جن ۾ افغاني، بنگالي، بهاري شامل آهن گرفتار ڪري واپس سندن ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي. پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ۾ موجود ميمبرن جو سنڌ دوست رويو پڻ سامهون آيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي پيپلز پارٽي جي ميمبرن ڪارپوريٽ فارمنگ تي اعتراض ڪيو آهي، سندن چوڻ آهي ته ملڪ کي جيڪڏهن انتشار کان بچائڻو آهي ته 48 لک ايڪڙ زمين حاصل ڪرڻ ۽ ان کي آباد ڪرڻ وارو منصوبو ختم ڪرڻو پوندو. سندن چواڻي 48 لک ايڪڙ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي موجود ئي ناهي. اهي ٻئي نقطه سنڌ جي ساڃاهه وندن طرفان هر فورم تي وقت بوقت پرزور نموني اٿاريا ويندا آهن، پر حڪومت ۾ موجود ڌريون جنهن ۾ پيپلز پارٽي پڻ شامل آهي انهن مسئلن تي ڌيان نه ڌرينديون آهن. هن وقت به سنڌ جون قومپرست سڄاڻ ڌريون دانهون ڪري رهيون آهن ته ارسا جي جوڙجڪ جنهن ۾ آئيني ترميم آندي وڃي ٿي ان جو سڌو نقصان سنڌ صوبي کي پوندو. اهڙي قسم جي ميٽنگ ايوان صدر ۾ ڪئي وئي آهي، جنهن لاءِ رپورٽ ٿيو آهي ته موجوده صدر پڻ اهڙي ترميم جو حامي آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته هڪ طرف صدر پاڪستان جيڪو پيپلز پارٽي جو هوندي ارسا ۾ ترميمن جي اجازت ڏئي رهيو آهي ته ٻئي طرف صوبائي اسيمبلي سنڌ جي ۽ پيپلز پارٽي جا قومي اسيمبلي ۾ موجود ميمبر سنڌ جي جائز مسئلن کي اجاڳر ڪري رهيا آهن. پيپلز پارٽي جي انهيءَ ٻٽي موقف ۾ الائجي ڇو نيت جي کوٽ نظر اچي رهي آهي.
هڪ ڳالهه واضح آهي ته سنڌ جو عام ماڻهو ڀلي اهو ووٽر پيپلز پارٽي جو هجي، پر سنڌ جي گڏيل مسئلن تي گڏجي احتجاج ڪندو آهي. پيپلز پارٽي کي پڻ انهيءَ ڳالهه جو احساس هجڻ گهرجي، انهيءَ ڪري پ پ کي پنهنجو موقف صاف ۽ چٽو رکڻ گهرجي ۽ ٻٽي راند کيڏڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته سندن اها پاليسي ڪنهن به وقت کلي عوام جي سامهون اچي ويندي ۽ سنڌ جو عوام سنڌ جي مفاد تي ڪوبه سودو قبول نه ڪندو، پوءِ ٻٽي نظام وانگر وري پيپلز پارٽيءَ کي ٻه قدم پٺيان وڃڻو پوندو ۽ پنهنجن فيصلن تان هٿ کڻڻو پوندو. پيپلز پارٽي کي ان ڳالهه جي خبر هجڻ کپي ته سندن حڪومت عوام جي ووٽن جي محتاج آهي، عوام کين ووٽ ان ڪري نٿو ڏئي ته اهي سنڌ جي مفادن جو سودو ڪن. بلڪه عوام کين سنڌ جي حقن جي حفاظت جي لاءِ چونڊي ٿو. اسان وري به پيپلز پارٽي مان سٺي عمل جي اميد رکون ٿا ۽ اسان پنهنجي دل ۾ پيدا ٿيل وسوسن کي صرف پنهنجي دل جو وسوسو ئي سمجهڻ چاهيون ٿا.