ايڊيٽوريل

چونڊ نتيجن ۾ دير، اليڪشن ڪميشن جي ساک تي سواليه نشان!

8 فيبروري تي اليڪشن ڪميشن عام چونڊون خير خوبي سان ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اها پاڪستان جي عوام لاءِ هڪ اطمينان بخش ڳالهه آهي. جڏهن ته انهيءَ کان هڪ ڏينهن پهرين ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن جي ڪري 28 ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا ۽ 64 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا، ان ڪري ملڪ جي وزارت داخلا چوي ٿي ته مجبور ٿي چونڊن واري ڏينهن موبائل فون سروس کي معطل ڪرڻ جو مشڪل فيصلو ڪيو ويو.
وزير داخلا موجب حڪومت کي خبر هئي ته انهيءَ سان چونڊن جي نتيجن ۾ دير ٿيندي. هتي اهو سوال ٿو اڀري ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان کي ان ڳالهه جي ضرور آگاهي هوندي ته موبائل فون سروس اليڪشن واري ڏينهن معطل ٿيڻ جو امڪان ٿيندو، ته پوءِ انهن متبادل نظام ڇو نه جوڙيو. اسين انهيءَ ڳالهه سان به اتفاق ٿا ڪريون ته 8 فيبروري 2024 تي ٿيل چونڊون جن لاءِ اليڪشن ڪميشن به دعويٰ ڪري ٿي ته شفاف ٿيون آهن، پر نتيجن ۾ دير ٿيڻ سبب چونڊن جي شفافيت تي ڪيترائي سوال پيدا ٿي ويا آهن. نتيجا وقت سر ڇو نه آيا؟ اليڪشن ڪميشن پنهنجي واعدي مطابق ٽائم سان نتيجا ڏيڻ ۾ ناڪام ڇو وئي؟ اهڙي قسم جا ڪيترائي سوال جن جا جواب صرف اليڪشن ڪميشن وٽ آهن ۽ کيس ڏيڻ کپن. ڇا اليڪشن ڪميشن پنهنجي ڪم ۾ ڪوتاهي ڪئي؟ ان ڪري اهڙا شڪ شبها پئدا ٿي رهيا آهن، ته شايد ملڪ ۾ مروج رواج وانگي ڪٿي چونڊ نتيجا ته تبديل نه ٿيا آهن.
جولاءِ 2018 جون چونڊون انهيءَ جو مثال آهن، نتيجن ۾ دير سبب چونڊن جي شفافيت کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويو. پي ٽي آئي ۽ پيپلز پارٽي انهيءَ ڳالهه جو اظهار پڻ ڪيو آهي، جڏهن ته نون ليگ خاموش آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان وقت سر وضاحت ڇو نه ڏني وئي اهو پڻ هڪ وڏو سوال آهي. اسين اهو به مڃون ٿا ته چيف اليڪشن ڪمشنر چئني صوبائي سيڪريٽرين سان ٽيليفونڪ رابطي ۾ هو. ڊي آر اوز سان به سندس ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي، اهو سڀ ڪجهه سڌسماءَ جي ذريعن مان معلوم ٿي رهيو هو، پر پاڪستان جي عوام انهيءَ نتيجن ۾ دير جي ڪري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريا آهن. اسين اهو سمجهون ٿا ته پاڪستان ۾ عام چونڊون هڪ اهم عمل آهن. جنهن تي ملڪ جي عوام سان گڏ سڄي دنيا جي نظر آهي. اليڪشن ڪميشن جي ساک داءُ تي لڳل آهي. انهيءَ ڪري اليڪشن ڪميشن کي پنهنجو احتساب ڪرڻ گهرجي ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر کي هن سلسلي ۾ پنهنجي کاتي جي اندر هڪ انڪوائري جو حڪم ڏيڻ گهرجي ته نتيجن جي پڌرائي ۾ دير ڇو ٿي. اسين سمجهون ٿا ته چيف اليڪشن ڪمشنر اهڙي انڪوائري کانپوءِ پاڪستان جي عوام کي مطمئن ڪري سگهندو ته اها دير ناگذير ڇو هئي. سنڌ صوبي اندر پيپلز پارٽي ڪلين سوئيپ ڪري چڪي آهي، جهڙي نموني ڪي پي ڪي ۾ آزاد اميدوارن جي روپ ۾ پي ٽي آئي ڪلين سوئيپ ڪيو آهي.
پيپلز پارٽي جي جوان سال چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي تي مبارڪون هجن. پيپلز پارٽي جيڪا حقيقت ۾ هڪ وفاقي، جمهوري پارٽي آهي جنهن جي اليڪشن ڪيمپين مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ايندڙ اليڪشن ۾ سڄي ملڪ مان سيٽون کٽڻ چاهيندي ۽ گڏجي سڀني صوبن سان ڪم ڪرڻ چاهي ٿي. انهيءَ ڪري پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجاب مان به چونڊ وڙهي، جيڪا هو کٽي نه سگهيو، پر پنجاب ۾ پيپلز پارٽي هڪ زبردست اينٽري ڏني ۽ ٻين صوبن ۾ به پنهنجا اميدوار بيهاريا. بلاول ڀٽو زرداري هڪ متحرڪ ۽ باصلاحيت نوجوان سياسي قيادت طور اڀري سامهون آيو آهي ۽ اميد ڪري سگهجي ٿي ته هو مستقبل ۾ پوري پاڪستان ۾ هڪ مضبوط وفاقي ليڊر جي طور تي اڳيان ايندو.