ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت کان ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ هارائي ويو

ايشيا ڪپ 2025ع جي فائنل ۾ ڀارت پاڪستان کي پنجن وڪيٽن تان شڪست ڏئي نائين ڀيري ايشيا ڪپ جو ٽائيٽل کٽيو آهي، جيڪو دنيا جي ڪنهن به ڪرڪيٽ ٽيم ۾ سڀ کان وڌيڪ فتح جو اعزاز آهي. هي هڪ دلچسپ ۽ آخري اوور تائين هلندڙ مئچ هئي، جيڪا 28 سيپٽمبر 2025 تي دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي وئي.

ڀارت ٽاس کٽي پهرين بولنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان بيٽنگ جي شروعات سٺي ڪئي، پر چئن اوورن ۾ سندن بيٽنگ ڊرامائي طور تي ابتڙ ٿي وئي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته پاڪستاني ڪرڪيٽر سٺو کڏيندي کيڏندي هڪدم ڪرڪيٽ جي شائقين کي ايترو مايوس ۽ رنجيده ڇو ڪندا آهن. ايئن لڳو ته انهن وٽ کيڏڻ جي لاءِ ڪابه حڪمت عملي نه هئي.

صاحبزاده فرحان 57 رنسون ۽ فخر زمان 46 رنسون ٺاهي اوپننگ پارٽنرشپ ڪئي، پر ڀارتي اسپنرن خاص طور تي ڪلديپ ياديو 30/4 جي شاندار بولنگ سبب پاڪستان جي پوري ٽيم 19.1 اوورن ۾ 146 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستاني ٽيم جو اسڪور تمام گهٽ رهيو جنهن جي ڪري ڀارتي ٽيم کي ان جو تعاقب ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف نه ٿي. پاڪستان پنهنجون آخري 9 وڪيٽون صرف 33 رنسن تي وڃايون. جنهن مان لڳي ٿو ته پاڪستاني رانديگر انڊيا جي بهترين بولنگ جو نفسياتي دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهيا ۽ هڪ وڪيٽ جي پويان ٻي وڪيٽ ڪرندي وئي.

ڏٺو وڃي ته ڀارت جي شروعات ڪا بهتر نه هئي ۽ سندن ٽاپ آرڊر تمام تيزي سان آئوٽ ٿي ويو، پر سندن بهتر حڪمت عملي جي ڪري نوجوان بيٽسمين تلڪ ورما 59 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري هڪ مضبوط فتح ڏياريندڙ اننگ کيڏي. هن 53 بال کيڏيا ۽ ڀارت کي حيرت انگيز ۽ سنسني خيز فتح ڏياري.

ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان جو پهچڻ اها به هڪ وڏي ڪاميابي آهي، پر ان جي باوجود پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم تي ڪيترائي سوال اڀرن ٿا، جن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. پهريون سوال اهو آهي ته پاڪستان جي اننگز ۾ جڏهن ٽيم هڪ وقت 113 هڪ آئوٽ جي مضبوط پوزيشن تي هئي ته پوءِ سڄي ٽيم 146 رنسن تي ڪيئن آئوٽ ٿي ۽ ڇو آئوٽ ٿي. ٽاپ آرڊر کانپوءِ وچئين آرڊر جي ناڪامي اهو سوال ٿي پيدا ڪري ته اهي بيٽسمين جن صاحبزاده فرحان ۽ فخر زمان کانپوءِ کيڏيو اهي هڪٻئي پٺيان تاش جي پتن وانگر ڪيئن ڪرندا ويا ۽ ڇو ڪرندا ويا؟

ڀارتي اسپنرن جي سامهون پاڪستاني بيٽسمينن جي راند تمام مايوس ڪندڙ هئي، انهن تمام غير ذميداراڻي انداز سان شاٽس کيڏيا ۽ پنهنجون وڪيٽون گهٽ رنسن تي وڃايون. پاڪستاني ٽيم جي اها به وڏي ناڪامي آهي ته هو پنهنجو ويهون اوور به مڪمل نه ڪري سگهي، 19.1 اوورن ۾ آل آئوٽ ٿيڻ پاڪستان جي ٽيم جي ڪارڪردگي مٿان هڪ وڏو سواليه نشان آهي.

راند جي اندر ڪجهه اهڙيون شيون نظر آيون جيڪي سوالن جي مٿان سوال اٿارينديون رهن ٿيون ۽ جڏهن ڀارتي بيٽسمينن کي پاڪستاني اسپنرن کي منهن ڏيڻ ۾ مشڪل محسوس ٿي رهي هئي ته ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا تيز بولر حارث رئوف کي بولنگ ڏني ۽ اهو بولر پاڪستاني ٽيم جي لاءِ مهانگو ثابت ٿيو ۽ ان ڀارٽي ٽيم تان دٻاءُ ختم ڪري ڇڏيو. تيز بولر حارث رئوف جي بولنگ تي خاص سوال اٿاريا پيا وڃن جنهن تي وسيم اڪرم جهڙن ماهرن به تنقيد ڪئي آهي.

حارث رئوف پنهنجي اوورن ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ڏنيون ۽ ڀارت کي پنهنجو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڄڻ ته آساني پيدا ڪري ڏني. پراڻن رانديگرن ته کيس رنسن ڏيڻ جي مشين به ڪوٺيو آهي. سوال اهو آهي ته ڇا حارث رئوف اهم ۽ پريشر وارن لمحن ۾ بولنگ جي لاءِ بهتر ثابت ٿي سگهي ٿو يا نه. مجموعي طور تي هيءَ شڪست پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ وچئين آرڊر جي ناڪامي، بولنگ، ڪپتاني فيصلن ۽ وڏين مئچن ۾ دٻاءُ کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت نه هجڻ تي سوال اٿاري ٿي.

ٽيم جي ڪارڪردگي ۽ فيصلن تي جيڪي اهم سوال اٿن ٿا، انهن جي جوابن ۽ ٽيم جي ڪارڪردگي جي سڌارن لاءِ تفتيشي ٽيم جوڙي وڃي ۽ ان کي انتهائي سنجيدگيءَ سان جاچ ڪرڻ گهرجي. جنهن ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ٽيم 113 رنسن تي هڪ وڪيٽ وڃائي ۽ پوءِ مڊل آرڊر ۾ ايتري تيزيءَ سان وڪيٽون ڪرڻ جو ڇا سبب هو؟

ان کان علاوه ڪپتاني حڪمت عملي تي به جاچ ٿيڻ گهرجي. ٽيم جي چونڊ ڪهڙن بنيادن تي ٿئي ٿي. انهن سڀني شين کي نظر ۾ رکي تفتيش ٿيڻ گهرجي. ڀارت کان ٽورنامينٽ ۾ ٽئي ميچون هارائڻ پاڪستان جي ڪرڪيٽ جو مڪمل جائزو وٺڻ ضروري آهي. جنهن کانپوءِ مسئلن جي اڳيان اچڻ تي انهن مسئلن کي حل ڪيو وڃي، انتظاميه جي فيصلن تي روشني وڌي وڃي ته آخر ڪيئن پاڪستان جي ڪرڪيٽ کي ٻيهر اهو مقام عطا ڪري سگهجي ٿو، جيڪو کيس ماضيءَ ۾ مليل هو جيڪا دنيا جي هڪ بهترين ٽيم جي طور سڃاتي ويندي هئي.