احسان الحق پٺاڻ، ڊاڪٽر احسان دانش 15 فيبروري 1974ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ مشهور اديب ۽ محقق ڊاڪٽر بشير احمد “شاد” جي گهر جنم ورتو. شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي مان ۽ ايم اي اردو ادب ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪيائين. اڳيان سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي بعنوان “شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج” تي ڪيائين. ڊاڪٽر احسان جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. 1988ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين سندس لکڻين جو محور تحقيقي تنقيد، لطيف شناسي ۽ شاعري آهن. ڇپيل ڪتاب بي سڪون خواب جو سچ (ڪهاڻيون) 2005ع، لاڙڪاڻو: تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو، (مقالا-2005ع)، ويل نه وسريام (سوانحي مقالا 2007ع)، لفظن جي خوشبو (شاعري-2009ع)، سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو: موهن جو دڙو (تحقيقي مقالا ترتيب) آهن. ڊاڪٽر احسان جو ڪتاب “پيهي پروڙيم” جديد سنڌي شاعريءَ بابت تحقيقي مقالن ۽ 13 شاعرن جي فن جي تجزيي بابت 2020ع ۾ ڊجيٽل بُڪ طور آيو آهي، جيڪو سنڌ سلامت تي آن لائين پڙهي سگهجي ٿو.
سندن هڪ ٻيو ڪتاب 2021ع ۾ لطيف شناسيءَ تي پيڪاڪ پبلشرز ڪراچي کان ڇپيو “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو” 184 صفحن جي هن ڪتاب ۾ آيل مضمون ۽ مقالا “شاهه لطيف درد جي حقيقت”، “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جا لفظي روپ”، “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جون ڪيفيتون”، “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سور جي سونهن”، “شاهه لطيف جي سورمين وٽ درد جا انواع”، “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد ۽ عشق جو لاڳاپو”، “شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو سماجي ڪارج” هڪ ئي موضوع “درد” بابت هيءُ مڪمل ڪتاب لطيف سرڪار جي شاعري ۾ هن موضوع کي مختلف رخن سان سمجهڻ ۾ معاون آهي.
شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج: مقالي جا ٻه اکر غلام اڪبر لغاري ۽ مهاڳ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي پاران لکيل آهن ۽ ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي نالي منسوب ڪيل آهي. 2016ع ۾ هيءَ تحقيق سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران شايع ڪئي، 520 صفحن تي آڌاريل هن تحقيق جا اٺ باب هن ريت آهن. باب پهريون سماج ۾، سماج جي لغوي معنيٰ، وصف، سماج جي تخليق جا ڪارڻ، سماجي جوڙجڪ، سماجي لڳ لاڳاپا، فطري ادارا، ڪٽنب، قبيلو، ڳوٺ، شهر، رياست، سماج جون خاصيتون، سماجي قدر، منظم زندگي، ٻڌي ۽ اتحاد، انصاف ۽ برابري، سماج سان لاڳاپيل اصطلاح، ثقافت، تهذيب شڪاري، زرعي ۽ صنعتي سماج سان گڏ چند ٻيا موضوع آهن. ٻئي باب شاعري جي عنوان سان ۾ ٻولي ۽ ڪلچر، سنڌي ٻولي ۽ سماج، ادب، اديب ۽ سماج، شاعري، پسمنظر ۽ سماجي ڪارج ۽ شاعريءَ جا سماجي قدر آهن. باب ٽيون اوڀر جي ٽن اهم ٻولين عربي، فارسي ۽ هندي جي شاعريءَ جو سماجي اڀياس، ڏنل آهي. چوٿين باب سنڌي سماج ۽ قديم سنڌي شاعري ۾ سنڌي سماج جي اوسر سنڌ جو قديم دور، عرب دور، سومرا دور، سما دور، ارغون ترخان ۽ مغل دور جي سماجن جي ذڪر سان گڏ قديم سنڌي شاعريءَ جا اُهڃاڻ، سنڌي لوڪ شاعريءَ جو سماجي اڀياس ۽ شاهه کان اڳ واري اساسي شاعري جو سماجي اڀياس آهن. باب پنجون شاهه لطيف جي شاعري ۽ سنڌي سماج جي عنوان سان ۾ سنڌي سماج ۽ شاهه لطيف جي عظمت شاهه جي ڪلام ۾ موضوعاتي وسعت، سنڌي سماج ۾ شاهه جي ڪلام بابت فڪري ۽ نظرياتي تضاد، شاهه جي ڪلام جي ادبي، فني ۽ لسانياتي پرک، شاهه جي ڪلام جا عالمي ادبي قدر، سنڌي سماج ۾ شاهه لطيف جي مقبوليت جا سبب، صوفي فڪر، مذهبي پچار ۽ انسان دوستي، موسيقي ۽ راڳ، سنڌي سماج جي مقبول داستانن جي چونڊ، عام ماڻهن ۽ سماج جي هيٺين طبقي جو فڪر، سنڌي ٻوليءَ جو استعمال، سنڌي سماج ۽ ثقافت جي عڪاسي آهي.
ڇهون باب سماجي فڪر جي حوالي سان شاهه جي شاعريءَ تي مقتدمين جا اثر آهي، جنهن ۾ پرڏيهي مقتدمين جا اثر ۾ عربي ٻولي ۽ ادب جو اثر عربي شاعرن جا اثر ۽ هڪجهڙائي، فارسي ٻوليءَ جو اثر، فارسي شاعرن جا اثر، هندي شاعرن جا اثر، ڏيهي مقتدمين جا اثر، پنجابي شاعرن جا اثر، ستون باب شاهه لطيف جي دور جو سماج ۽ سندس ڪردارن جو سماجي ڪارج آهي. شاهه لطيف ۽ سندن دور جون سماجي حالتون، شاهه جا منفي ۽ مثبت ڪردار ۽ سندن سماجي ڪارج ذڪر ڪيل آهي. باب اٺون، شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج عنوان سان جا ذيلي عنوان ٻن حصن ۾ آهن. 1. شاهه لطيف جي علامتي شعور مان جنم وٺندڙ سماجي فڪر، 2. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سماجي قدر جنهن ۾ انساني مثبت سماجي قدر جيئن محبت ۽ عشق، حب الوطني/وطن دوستي، اهنسا، امن پسندي ۽ انسان دوستي، سجاڳي، جدوجهد، بهادري، ٻڌي/اتحاد، پورهيو/محنت، سچ، سخاوت، قرباني، صبر/سهپ/درگذر، نياز/نوڙت جي حوالي سان لطيف سرڪار جي بيتن مان چونڊو ڏئي سندن شاعريءَ جي مقصديت مٿين حوالن سان ڄاڻايل آهي ته گڏوگڏ منفي سماجي قدر جيئن ڪوڙ، دغا، غرور، لالچ، غفلت، جهڙن سماجي منفي قدرن کي لطيف پاران ننديندي موضوع جي چٽائي دليلن سان ڪيل آهي، آخر ۾ شاهه لطيف جو سماجي نظريو ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سنڌي سماج تي اثر ۽ تحقيقي نتيجا ۽ مروج نموني ببليو گرافي آهي.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو تجزياتي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته، ڊاڪٽر احسان دانش شاهه لطيف جي شاعريءَ جي سماجي ڪارج کي سمجهڻ خاطر پنهنجي هن ٿيسز ۾ اهڙين تاريخي حقيقتن تي روشني وڌي آهي جيڪي شاهه جي دور جي حوالي سان سماجي سرشتي کي سمجهڻ ۽ ان ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڪارائتا شعري دليل آهن. هن اهڙي فڪري لهر ذريعي شاهه جي شاعريءَ جي ڪيترن ئي رخن جهڙوڪ سياسي، مذهبي، اخلاقي، روايتي، ثقافتي، نفسياتي ۽ معاشي حالتن جو اڀياس مخصوص سنڌي سماج کي سامهون رکي ڪيو آهي.
ڊاڪٽر احسان “ٻه اکر” جي سِري هيٺ لکي ٿو، “شاهه سائين جي شاعريءَ جو ڪمال اهو آهي ته ان کي سنڌي سماج جي هر طبقي قبول ڪيو آهي ۽ پنهنجي سمجهه ۽ ساڃهه آهر سندس فڪر کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ساڻس محبت جا پنهنجي پنهنجي طريقي سان دليل ڏنا آهن، تنهن ڪري ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته شاهه سائين سنڌي سماج تي گهرا اثر ڇڏيا آهن، سندس ڪلام جي گهڻ رخي مطالعي مان هن جي ڪلام جا سماجي رخ جاچڻ ئي منهنجي هن ڪم جو اصل مقصد هو، جنهن کي مون سندس شاعريءَ جي انيڪ سماجي پهلوئن کي اجاگر ڪري پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.”
موضوع جي حوالي سان مقالي مان چند حوالا هيٺ ڏجن ٿا:
” شاهه لطيف پنهنجي فڪر ۽ فن جي معيارن مطابق جيترو بلند ۽ بالا، عظيم ۽ اعليٰ شاعر نظر اچي ٿو، اوترو ئي سنڌي سماج ۾ گهڻي ۾ گهڻي عوامي مقبوليت ماڻيندڙ شاعر طور به سڃاتو وڃي ٿو، اهوئي سبب آهي جو شاهه سائين کي سنڌ جو عوامي ۽ قومي شاعر به سڏيو وڃي ٿو.” (صه 24)،
”شاهه لطيف تصوف جي فڪر کي سماج سان سلهاڙي هڪ نئين جوت جلائي آهي، هو چوي ٿو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي سماجي حالتن کي درست ڪرڻ لاءِ دشمن قوتن سان مهاڏو اٽڪائڻ کان ڪيٻائيندا نه آهن اهي موت کي هڪ نئون جنم سمجهندا آهن، اهڙا جانثار جوان پنهنجو وجود فنا ڪري نئين حياتي ماڻڻ چاهيندا آهن.” (صه 245).
“شاهه لطيف جي مقبوليت جي محور بابت ڊاڪٽر دانش لکيو آهي ته سنڌ جي رومانوي ۽ تاريخي داستانن ۾ موجود ڪردارن، سورمن ۽ سورمين کانسواءِ شاهه لطيف پنهنجي سماج جي جنهن طبقي جو وڌ کان وڌ ذڪر ڪيو آهي اهو آهي “پورهيت طبقو” ڀٽائي جي ڪيترين سورمين ۽ سورمن جو خود انهيءَ پورهيت طبقي سان تعلق آهي، سهڻي ڪنڀار جي ڌيءَ آهي، مارئي ٿر جي مسڪين مارن جي نياڻي، سسئي ڌوٻيءَ جي ڌيءَ، نوري مهاڻي ۽ مورڙو ميربحر آهي، اهڙيءَ طرح سر سامونڊيءَ جا سارا ڪردار وڻجارا ۽ سندن ونيون سنڌي سماج جي غريب ۽ پورهيت طبقي سان تعلق رکن ٿا، ٿر جا مارو به ڪمي، ڪاسبي ۽ هاري آهن، سُٽ ڪتيندڙ عورتون به پورهيت طبقي سان واسطو رکن ٿيون. اهڙي طرح واڍا، مڱڻهار، ٻيڙياتا، ساٽي، وينجهار، ٺاٺارا، جوڳي، ڪاپڙي، کاهوڙي ۽ ڏوٿي به پنهنجي پنهنجي ڪم ۽ ڪرت جي لحاظ کان سماج جي هيٺين طبقي سان تعلق رکن ٿا.” (ص 259).
” شاهه لطيف هڪ شاعر آهي ۽ شاعر به اهڙو جيڪو پنهنجي سماج جو نقاش آهي، ڀٽائيءَ جي ڪلام جي ان نقش و نگار وسيلي اسان سماج جون ٽي صورتون ڏسون ٿا، پهرين هڪ سڌريل ۽ سهڻي سماج جي صورت، ٻي بگڙيل ۽ بدصورت سماج جي شڪل ۽ ٽين ان آئيڊيل سماج جي تصوير جيڪو ڀٽائيءَ جو خواب آهي” (ص 379)
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سماجي قدر ۽ شاهه جي شاعريءَ جو سماجي اڀياس مٿين نقطن مطابق سمجهائيندي ڊاڪٽر احسان انساني اخلاقي قدرن جي گڻن ۽ اَوَگڻن جو اڀياس شاهه جي شاعريءَ مطابق پيش ڪيو آهي.
منهنجي نظر ۾ هن تحقيقي مقالي جو طاقتور رخ شاهه جي شاعريءَ کي سماج جي ترقي ۽ تعمير جو گس ۽ عوامي طور مقبول ۽ سماج لاءِ هر دور ۾ قبول ٿيندڙ شاعري ڄاڻايل آهي ته گڏوگڏ عنوان سان سلهاڙيل رُخن جيئن سماج جي گهڻ رُخي وصف، جوڙجڪ، اوسر ۽ ادب/شاعري جو سماج جي حوالي سان گڏيل مطالعو شامل آهن. ڊاڪٽر احسان دانش جي هن گهڻي رخي تحقيق جو تت اهو به شمار ڪري سگهجي ٿو ته لطيف سنڌي سماج جي هر دور جو قومي، عوامي، مزاحمتي ۽ انقلابي شاعر آهي.