گمبٽ ۾ مال گاڏي جا ٻه دٻا پٽڙي تان لهي ويا
گمبٽ ۾ ريلوي اسٽيشن تي مال گاڏي جون ٻه بوگيون پٽڙي تان لهي ويون. آمد و رفت معطل ٿي وئي. مال گاڏي لاهور کان ڪراچي وڃي رهي هئي. ڊائون ٽريڪ ساڍي چئين وڳي کان بلاڪ آهي. جڏهن ته ڊائون ٽريڪ هڪ ڪلو ميٽر تائين متاثر به ٿيو آهي. ٽريڪ بلاڪ ٿيڻ سبب سکر ايڪسپريس کي سيٺارجا اسٽيشن تي روڪيو ويو آهي. ريلوي مطابق رليف ٽرين روهڙي کان حادثي جي مقام تي پهچي وئي آهي ۽ ريسڪيو جو ڪم هڪ ڪلاڪ کان جاري آهي ڪجهه دير ۾ ٽريڪ بحال ڪيو ويندو.

