هڪ عام سروي آهي ته آمريڪا يورپ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جهڙن وڏن ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ ملازمن جي پگهارن جو انهن رياستن جي مٿان ڪو بار ناهي هوندو، پر انهن ملڪن جا ماڻهو “شارٽ ٽرم” (ٿوري عرصي) وارين نوڪرين تي ڀروسو ڪندا آهن، اهي ماڻهو هڪ نوڪري تي سڄي عمر چنبڙيا ناهن، ائين به آهي ته اهي ماڻهو ٽيڪس ڀريندا آهن ۽ ائين به ناهي ته اتان جي حڪومت پنهنجي ناڻي مان انهن ماڻهن کي گهر گهاٽ، گاڏيون بنگلا، ٻارن جي مفت تعليم (توڙي جو اتي تعليم مفت آهي) گهر جا خرچ کاٻار، ٻاهرين ملڪن جا ٽوئرز، حج عمرا، ميڊيڪل، لانگ ٽرم لون پاليسي، مفت جا ڊرائيور، مفت جا پيٽرول ۽ گاڏين جي ڊيزل جا خرچ، ملازمن جا هرو ڀرو جا بار، شارٽ ٽرم لون، ڪجھه ٻيو ناهن ڏينديون، پر جيتري ڪمائي هوندي اٿن، ان آمدني آهر عياشي، سک جي زندگي گذاريندا آهن. توهان ايران تي نظر وجهو ته ملڪ جو صدر سائيڪل تي چڙهي ڪنهن يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪري پنهنجو گذر سفر ڪري ٿو ۽ پنهنجو ڪم پنهنجي هٿن سان ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو. اسان وٽ بالا آفيسر، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز، سينيٽرز، وڏا وڏا جاگيردار هجن ٿا وٽن سوين ايڪڙ زمينون آهن، وڏيون انڊسٽريون ۽ فيڪٽريون هجن ٿيون، يعني سياست بهترين ڪاروبار طور استعمال ٿئي ٿي. سيون اسٽار ۽ فائيو اسٽار هوٽلن جا مالڪ به اهي ئي آهن، اهي ئي سرمائيدار اهي ئي ملڪ جا والي وارث ۽ مالڪ آهن، اهي ئي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سيڙپڪار آهن، اهي ئي وڏا بلڊرز آهن، ان ڪري انهن کي ئي ملڪ ۾ جيئڻ جو حق آهي باقي جيڪي به ملازمت جي شعبي ۾ 60 سال زندگي گذاري انهن سياستدانن ۽ سرمائيدارن جي خدمت ڪن ٿا تن کي ماهوار پگهار ڏيڻ به مشڪل بڻجي وڃي ٿي.
جڏهن به ملازم پگهار وڌائڻ جي ڳالهه ڪندو آهي ته چيو ويندو آهي ته خزانو خالي آهي ۽ ملازم اسان مٿان بوجهه آهن، پر گذريل ڏينهن هڪ رپورٽ جاري ٿي جنهن ۾ هر سال جيان ملازمن جي ساليانه انڪريمينٽ جو ذڪر هو، جيڪي پنهنجي کاتي ۾ مسلسل 15 ڪلاڪ ڪم ڪن ٿا انهن جي پگهار 35 هزار مقرر آهي ۽ هر سال هڪ کان 22 گريڊ واري ملازم کي چند رپين کان وٺي چند هزار ڏنا وڃن ٿا. جڏهن ته مهانگائيءَ جي شرح 200 سيڪڙو کان به وڌيڪ هجي ٿي. گذريل ڏينهن جيڪا رپورٽ جاري ٿي تنهن ۾ صدر جي پگهار 10 لکن مان وڌائي فقط 22 لک ڪئي وئي. جڏهن ته سندس ڪم ڪوبه ناهي صرف آرڊر جاري ڪرڻو آهي. جڏهن ته چيف جسٽس جي پگهار 16 لکن مان وڌائي 25 لک ڪئي وئي جتي انصاف ڪوبه ناهي. وفاقي وزير جي 3 لک 50 هزار مان وڌائي10 لک ڪئي وئي سندن ڪم ڪجهه به ناهي. پارليماني سيڪريٽري جي پگهار 85 هزار مان وڌائي 4 لک ڪئي وئي. اسپيڪر اسيمبلي جي پگهار 3 لک مان وڌائي 9 لک ڪئي وئي. ان پگهار کان علاوه بجلي، گئس، پئٽرول ۽ سيڪيورٽي سميت کين ڪيتريون ئي سهولتون ميسر آهن. سينيٽ مان پاس ٿيل بل جي روشنيءَ ۾ سينيٽ چيئرمين کي تاحيات ٻارنهن ملازم ۽ ڇھه گارڊز ملي سگهندا.
ان کان علاوه تاحيات چارٽر جهاز جي سهولت استعمال ڪري سگهندا ۽ پنهنجن گهر ڀاتين يا دوستن مان چئن ڄڻن کي پاڻ سان گڏ دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ سرڪاري خرچ تي وٺي وڃي سگهندا. چيئرمين سينيٽ کي گهر جي فرنيچر جي مد ۾ پنجاھ لک رپيا ملندا. جڏهن ته گهر جي ڪرائي جي مد ۾ پڻ اڍائي لک روپين جا حقدار ٿيندا، توڙي جو هو پنهنجي گهر ۾ رهن. ھي حالتون آهن صرف سينيٽ ۾ ويٺل نمائندن جون جيڪي چون ٿا پهرين ته عوامي نمائندن جي زندگي آسائش سان گذرندي ته پوءِ عوام لاءِ ڪجھه سوچبو. ڏٺو وڃي ته ججن، جرنيلن، عوامي نمائندن ۽ ڪامورن کي جيڪي مراعتون ملن ٿيون انهن جي بدلي هو ملڪ جي لاءِ ڪجھه به نٿا ڪن.
لکن جي مد ۾ هائوس رينٽ، نوڪر چاڪر، تاحيات ملازم، بجلي جا مفت يونٽ، زمينون، لکن ۾ پينشن، رٽائرمينٽ کانپوءِ ٻيون ملازمتون ۽ ايڪسٽينشنن کي هو پنهنجو حق سمجهن ٿا، پر بدلي ۾ عوام جي ڪابه خدمت نٿا ڪن. هي جيڪي ڪرپشن ڪري ڪري پنهنجو وقت پورو ڪن ٿا ۽ وري عوام جو رت چوسي پنهنجي سلطنت کڙي ڪن ٿا تن کي عوام جو ڪوبه اهنج ڪونهي. جڏهن ته ووٽر ۽ ننڍو ملازم سورن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. مهانگائيءَ جي وڌندڙ رفتار مطابق سرڪاري ۽ پرائيويٽ ملازمن جي پگهارن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿيڻ گهرجي. دنيا ۾ وڌندڙ مهانگائي جي تناسب سان پگهارون وڌايون وينديون آهن، پر هتي گنگا اُبتي وهي رهي آهي. مهانگائي 50 سيڪڙو وڌي ٿي ته پگهارون 10 سيڪڙو اهو به بنيادي پگهار تي ملي ٿي. اهڙي قسم جي ويساهه گهاتيءَ سان ملازمن اندر رياست لاءِ ويساهه گهٽجي رهيو آهي. جيڪڏهن ملڪ ۾ موجوده مهانگائي جا اثر صدر پاڪستان، وزيرن ۽ ججن تي پئجي سگهن ٿا ته عوام ۽ ملڪ جي ٻين ملازمن تي ڇو ڪونه اثر ٿيندو. ماڻهو مهانگائي جي عذاب کان خودڪشيون ڪرڻ ۽ پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور ٿي رهيا آھن. هر مهيني 100 سيڪڙو عام واهپي جي شين جا اگهه وڌايا وڃن ٿا.
هن وقت عام ماڻھن جيان ملازم به مهانگائي جو بوجهه ڀرداشت ڪرڻ کان قاصر آھن. حاڪم ٽيڪس جو بوجهه به رڳو عوام تي پيا وجهن ايتري تائين جو ملازم (نوڪر) جي پگهار تي به ٽئڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن اڃان اهڙا عذاب نازل ٿيندا رهيا ته ملازم فاقاڪشي جو شڪار بڻجي ويندا، ان ڪري سرڪار کي ملازمن جي پگهارن ۾ مهانگائي جي تناسب سان واڌارو ڪري پريشانيءَ کان بچايو وڃي.