هڪ عام سروي آهي ته آمريڪا يورپ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جهڙن وڏن ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ ملازمن جي پگهارن جو انهن رياستن جي مٿان ڪو بار ناهي هوندو، پر انهن ملڪن جا ماڻهو “شارٽ ٽرم” (ٿوري عرصي) وارين نوڪرين تي ڀروسو ڪندا آهن، اهي ماڻهو هڪ نوڪري تي سڄي عمر چنبڙيا ناهن، ائين به آهي ته اهي ماڻهو ٽيڪس ڀريندا آهن ۽ ائين به ناهي ته اتان جي حڪومت پنهنجي ناڻي مان انهن ماڻهن کي گهر گهاٽ، گاڏيون بنگلا، ٻارن جي مفت تعليم (توڙي جو اتي تعليم مفت آهي) گهر جا خرچ کاٻار، ٻاهرين ملڪن جا ٽوئرز، حج عمرا، ميڊيڪل، لانگ ٽرم لون پاليسي، مفت جا ڊرائيور، مفت جا پيٽرول ۽ گاڏين جي ڊيزل جا خرچ، ملازمن جا هرو ڀرو جا بار، شارٽ ٽرم لون، ڪجھه ٻيو ناهن ڏينديون، پر جيتري ڪمائي هوندي اٿن، ان آمدني آهر عياشي، سک جي زندگي گذاريندا آهن. توهان ايران تي نظر وجهو ته ملڪ جو صدر سائيڪل تي چڙهي ڪنهن يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪري پنهنجو گذر سفر ڪري ٿو ۽ پنهنجو ڪم پنهنجي هٿن سان ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو. اسان وٽ بالا آفيسر، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز، سينيٽرز، وڏا وڏا جاگيردار هجن ٿا وٽن سوين ايڪڙ زمينون آهن، وڏيون انڊسٽريون ۽ فيڪٽريون هجن ٿيون، يعني سياست بهترين ڪاروبار طور استعمال ٿئي ٿي. سيون اسٽار ۽ فائيو اسٽار هوٽلن جا مالڪ به اهي ئي آهن، اهي ئي سرمائيدار اهي ئي ملڪ جا والي وارث ۽ مالڪ آهن، اهي ئي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سيڙپڪار آهن، اهي ئي وڏا بلڊرز آهن، ان ڪري انهن کي ئي ملڪ ۾ جيئڻ جو حق آهي باقي جيڪي به ملازمت جي شعبي ۾ 60 سال زندگي گذاري انهن سياستدانن ۽ سرمائيدارن جي خدمت ڪن ٿا تن کي ماهوار پگهار ڏيڻ به مشڪل بڻجي وڃي ٿي.