پاڪستان پاڪستان جي تاريخ سان گڏ هڪ لفظ آهي عدم استحڪام مُني صدي گذرڻ کانپوءِ به جڏهن پوئتي نظر ڦيرايون ٿا ته پنهنجي ملڪ ۾ ڪڏهن به استحڪام نظر نه آيو آهي. پهرين اليڪشنون نه ٿيون هيون، جيڪي ٿيون انهن کي مڃيو نه ويو ۽ مارشل لا اچي وئي، بس پوءِ اهو ڪوئي ٻلي واري راند هلي رهي آهي. اليڪشنون ڪرايو ته به عدم استحڪام نه ڪرايو ته به عدم استحڪام. مارشل لائون هڻون ته به ملڪ ۾ استحڪام نه اچي سگهي. اهڙي سفر کانپوءِ اڄ اسان 2024 ۾ پهچي چڪا آهيون، جتي جڏهن اسان برصغير جي ٻين ٻن ملڪن يعني ڀارت ۽ بنگلاديش ڏي نهاريون ٿا ته اسان کي پنهنجي ملڪ جي حالتن تي افسوس ڪرڻو ٿو پوي. اسين دنيا سان ڪهڙو مقابلو ڪنداسين، اسين ڀارت سان مقابلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهيون، پر بنگال جنهن وٽ وسيلن جي اڻ هوند آهي، انهن جي باوجود اهو هن وقت اسان کان هر شعبي ۾ اڳتي آهي، تعليم هجي، ترقي هجي، غير ملڪي لاڳاپا هجن، پر اسان ڪنهن به پاڙيسري سان سٺا تعلقات قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا آهيون. هينئر به ائين ئي ٿيو آهي.
2022 کانپوءِ پي ڊي ايم جي حڪومت ٺهي ان کانپوءِ چونڊون ٿين ٿيون، نه ٿيون ٿين، بل آخر 8 فيبروري تي ملڪ ۾ چونڊون ٿي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت برقرار رهي، نه صرف حڪومت برقرار رهي، پر پيپلز پارٽي جو وزيراعليٰ پڻ ساڳيو ئي مراد علي شاهه برقرار رهيو. ڪي پي ڪي پڻ هن وقت پي ٽي آئي جي حڪومت هيٺ ايندو جتي هن وقت پي ٽي آئي، ايس آئي سي (سني اتحاد ڪائونسل) جي روپ ۾ آهي. پي ٽي آئي جي پڻ ڪي پي ڪي ۾ حڪومت ٺهڻ جي سلسلي ۾ هيٽ ٽرڪ ٿي آهي. مسلسل ٽيون دفعو ڪي پي ڪي ۾ هيءَ واحد پارٽي آهي جنهن جي حڪومت ٺهي آهي. انهيءَ کان پهرين ڪي پي ڪي جو رڪارڊ هو ته هو ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ڪندو هو ۽ گهڻو ڪري هر پارٽي کي يا اتحاد کي صرف هڪ وارو حڪومت ڪرڻ جو ڏيندو هو، پر هن دفعي اهي به بجاءِ ڪارڪردگي جي جذباتي ووٽ ذريعي پنهنجي پسند جي پارٽي کي هڪ دفعو ٻيهر ڪي پي ڪي ۾ کڻي آيا آهن. بلوچستان ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻي ۾ حڪومت ٺهڻ وڃي رهي آهي. اها پڻ پيپلز پارٽي جي ڪاميابي آهي جو هو هنن چونڊن کانپوءِ نه صرف سنڌ ۾، پر بلوچستان ۾ پڻ حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي. پنجاب ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ٿي آهي. پنجاب ۾ حڪومت نون ليگ جي آهي ۽ وزيراعليٰ جو ڪُڻو پهريون دفعو هڪ عورت جي نالي تي نڪتو بلڪل مريم نواز جيڪا پهرين پرائم منسٽر جي اميدوار پڻ هئي، ان کي پنجاب جو وزيراعليٰ بڻايو ويو آهي. ٿيندو ته ائين ئي آهي جيڪو پنجاب جو وزيراعليٰ هوندو آهي اهو سمجهو 80 سيڪڙو وزيراعظم جيتري طاقت رکندو آهي، پر وزيراعظم به سندس ئي چاچو آهي. سو هاڻي مريم کي مشڪلاتن سان گڏ آسانيون پڻ آهن. حڪومت سازي ۽ حڪومت جي ڪاروهنوار ۾ کيس سندس والد صاحب ميان نواز شريف جي سياڻپ ڪم ايندي ۽ مرڪزي حڪومت طرفان کيس منصوبن جي لاءِ پڻ فنڊ ڏيڻ ۾ شهباز شريف سرڪار دير نه ڪندي. محسوس ائين ٿو ٿئي ته مريم نواز پنجاب ۾ پنهنجي حڪومت جو بهتر انداز ڏيکاريندي. اصل مسئلو مرڪزي سرڪار جو آهي. صوبن ۾ ڀلي حڪومتون مستحڪم هجن، پر دنيا سان رابطو رکڻ، آئي ايم ايف سان ڳالهيون ڪرڻ، وڏا وڏا منصوبا جوڙڻ، خارجه پاليسي بهتر بنائڻ اهو سڄو ڪم مرڪزي سرڪار جو هوندو آهي، جيڪا انتهائي ڪمزور پوزيشن ۾ آهي. انهيءَ جي ڪري ئي ميان نواز شريف انهي گڏيل سرڪار جي اڳواڻي کان معذرت ڪئي، ڇو ته هن کي آسرو هو ته کيس گهٽ ۾ گهٽ سادي اڪثريت ضرور ڏياري ويندي. قصور ڪنهن جو هو اهو ته وقت ٻڌائيندو، پر گذريل وقت اهو به ٻڌائي ٿو ته ميان صاحب صرف آسرن جي بي ساکين تي انحصار ڪيو هو ۽ جڏهن هو 21 آڪٽوبر تي واپس پنهنجي ملڪ پهتو هو ته سندس بهتر آڌرڀاءُ پڻ ٿيو هو، ان کانپوءِ هو خاموش ٿي ويهي رهيو ۽ عوامي ميڙاڪن جي سامهون چونڊن کان چند ڏينهن پهرين ظاهر ٿيو جيڪا اسانجي نظر ۾ سندس وڏي سياسي غلطي هئي ۽ جن جي آسري تي هن پنهنجو سياسي قدڪاٺ گهٽايو، عوام ۾ نه ويو، اهي به کيس ڌڪ پٽي ويا. مجبورن کيس وزارت عظميٰ جي اميدواري پنهنجي ڀاءُ کي ڏيڻي پئجي وئي.
اسان ڳالهه پئي ڪئي ته هن وقت جيڪا مرڪزي سرڪار آهي، اها ڪمزور آهي. جيتوڻيڪ اتحادي جماعتن جي ميمبرن جو انگ 200 کان مٿي آهي. ان جي باوجود ان سرڪار ۾ طاقت نظر نه ٿي اچي ته هو ڪي اهڙا فيصلا ڪن، جنهن سان ملڪ ۾ معاشي، سياسي استحڪام اچي. هن وقت ڏسجي ٿو ته جيڪي ٽي وڏيون پارٽيون هن اتحاد ۾ شامل آهن، يعني نون ليگ، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم انهن جو هڪ ٻئي تي اعتبار بلڪل نظر نه ٿو اچي ۽ اچي به ڇو هنن کي جن طاقتور ڌرين اتحاد ۾ آندو آهي شايد انهن جي ذهن ۾ ملڪ جي لاءِ ڪو ٻيو منصوبو آهي. اهي ڌريون ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه ٿيون چاهين.
اليڪشن تي سوين سوال آهن، انهن جو جواب اليڪشن ڪميشن نه ڏئي رهي آهي. سڀئي پارٽيون اليڪشن ۾ ٿيل ڌانڌلي جو ذڪر ڪري رهيون آهن، ڪا هڪ به پارٽي نه آهي، جيڪا چوندي هجي ته اليڪشن شفاف ٿيا آهن. پي ٽي آئي، جي ڊي اي، اي اين پي، جي يو آئي، بلوچستان جون قومپرست پارٽيون واضح ڪري چڪيون آهن ته هو هن اليڪشنن کي تسليم نه ٿا ڪن، انهيءَ ڪري هو روڊن تي هوندا. جڏهن ماڻهو روڊن تي هوندا ته پوءِ سرڪار کي انهن روڊ وارن ماڻهن کي ڏسڻو پوندو يا پنهنجون پاليسيون ڏيڻيون پونديون. مرڪزي سرڪار چوک ۾ ڦاٿل آهي. موڊيز پڻ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي ته ايندڙ سرڪار مستحڪم نه هوندي. آئي ايم ايف پنهنجا شرط سخت ڪري ڇڏيا آهن، انهن وٽان به ڪو خاطر خواهه فائدو ملڻ جو امڪان نظر نه ٿو اچي.
انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکون ته اسان کي شهباز سرڪار جو مستقبل روشن نظر نه ٿو اچي، وري به انهن جو انحصار اسٽيبلشمينٽ تي هوندو جيستائين اسٽيبلشمينٽ کين پنهنجي ڪلهن جو سهارو ڏيندي رهندي ته هي سرڪار هلندي رهندي جنهن وقت به اسٽيبلشمينٽ پنهنجا ڪلها ڪڍي وئي ته شهباز سرڪار ڌڙام سان هيٺ ڪري پوندي اهو ملڪ جي لاءِ ۽ ملڪ جي عوام لاءِ بهتر نه هوندو، اسان ته سمجهو پئي ته چونڊن کانپوءِ ملڪ ۾ استحڪام ايندو جيڪو بدقسمتي سان نظر نه اچي رهيو آهي. ملڪي ادارا پڻ ڪمزور ٿي رهيا آهن، هاڻي ته جيڪو طاقتور ادارو ملڪ جي سالميت جو واحد سهارو آهي، ان ۾ پڻ واضح گروپ بندي نظر اچي رهي آهي. سو اسان کي ويجهي مستقبل ۾ ملڪي استحڪام نظر نه اچي رهيو آهي. واڳ ڌڻي گڏجي ويهي ڪو بهتر فيصلو ڪن ته جيئن ملڪ هن ڌٻڻ منجهان نڪري سگهي.