بلاگخاصنئون

رواداريءَ جو امين سچل سرمست

سماج جي سڀني گڏيل رنگينينِ، ثقافتي ۽ مذهبي اهمُ ڏڻن، اظهار جي مڙني مروج طريقن، حياتي گذارڻ جي سڀني نمونن کي تهه دل سان قبولُ ڪرڻ جو نالو رواداري آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”جامع سنڌي لغات“ جي جلد ٽئين ۾ رواداري جي معنى هن ريت ڏني آهي.
”رواداري: مدد _ واهر _ سهائتا _ اوٽ _ حمايت _ پٺڀرائي _ همراهي _ ڀرجهلو _ پاس _ وٽِ _ منظوري _ اقرار _ قبوليت _ مڃتا _ هائوڪار.“
رواداري علم، عقل، شعور، ڏاهپ، ادراڪ ۽ عقيدي جي آزاديءَ سان وڌائي سگھجي ٿي. عام فهم انداز ۾ رواداري اندورني ۽ خارجي اختلافن جي اندر هم آهنگي پيدا ڪرڻ جو نالو آهي. هر سماج ۾ رواداري اخلاقي فرض سان گڏ سياسي ۽ قانوني گھرج پڻ رهي آهي. ماحول ۾ رواداريءَ سبب امان امان جو قيام ممڪن بڻائڻ سان گڏوگڏ، ڪروڌ ۽ جھيڙي واري سوچ کي امن ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت به رکندي آهي. رواداري اصل ۾ ٻين جي بنيادي انساني حقن کي شعوري طور تسليم ڪرڻ جو نالو آهي.
16 نومبر 1995ع تي اقوام متحده جي سرگرم تنظيم ”يونيسڪو“ پاران رواداريءَ کي پوري دنيا ۾ عام ڪرڻ جي لاءِ هڪ اجلاس ڪوٺايو ويو، ان اجلاس جا مکيه نڪتا هيٺ ڏجن ٿا.
بين الااقوامي هم آهنگي جي لاءِ ضروري آهي ته فرد، طبقا ۽ قومون عالمگير انساني خاندان جي گھڻ ثقافتي نوعيت کي تسليم ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جو احترام ڪن.
رواداري کانسواءِ امن ممڪن نه آهي ۽ امن کانسواءِ ترقي جو قيام ممڪن نه آهي.
دنيا جو هر خطو پنهنجي رنگارنگيءَ جي حوالي کان مخصوص سڃاڻپ رکي ٿو، ان لاءِ وڌندڙ عدم رواداري ۽ بدامني دنيا جي هر خطي جي لاءِ خطري جو ڪارڻ آهي.
رواداريءَ جي سِري هيٺ تصوف، انساني عظمت _ انساني برابري _ رسم رواج _ ثقافتي رنگن _ نسلي متڀيد _ انساني حقن کي تسليم ڪرڻ _ مادري ٻولين کي تسليم ڪرڻ _ مذهب _ اظهار جي آزادي _ ٻئي جي راءِ جو احترام ڪرڻ ۽ مختلف عقيدن جو احترام ڪرڻ وغيره شامل آهن.
پوري دنيا ۾ اَمن عالم ۽ ترقي بني آدم جي حق ۽ حمايت ۾ سنڌ ڌرتي مڙني خطن کان سدائين اڳين صف ۾ رهندي اڳواڻي ۽ رهبري ڪندي نظر آئي آهي.
سنڌ ۾ وڏي عرصي کان رواداري پنهنجي مڙني زاوين سان سج جي اُجرن ڪرڻن جيان جرڪندي رهي آهي رواداريءَ جي حوالي کان اڏيرو لعل علائقو اهميت جو حامل رهيو آهي، سنڌ جي صوفي بزرگن ۽ فلسفي شاعرن وقت بوقت انساني عظمت، انساني حقن، انساني برابري مذهبن توڙي عقيدن جو احترام ڪرڻ جو درس ڏيندا رهيا آهن. سماج ۾ انساني ڀائپي، ثقافتي، سياسي، مذهبي ۽ اخلاقي مرڪزيت قائم ڪرڻ ۾ بنيادي ڪم رواداريءَ جو ئي آهي. سنڌ ۾ مسلمان صوفي بزرگن، درويشن، اڳواڻن، سورهين ۽ شاعرن جا اڻ ڳڻيا معتقد ۽ مريد هندو آهن، هن سلسلي ۾ شاهه عنايت شهيد، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، بيدل فقير، نصير فقير جلالاڻي، صوفي علي محمد فقير ٽالپر، مخدوم مهدي شاهه جهانيان، صبغت الله شاهه راشدي وغيره جن جا بيشمار هندو مريد آهن. اهو سڀ بي تعصبي، عالمي ڀائيچاري ۽ مذهبي رواداريءَ جي ڪري ممڪن ٿي سگھيو آهي.
مذهبي رواداريءَ جا چٽا اهڃاڻ سنڌ جون قديم دور کان قائم خانقاهون آهن جتي ڪنهن به مذهبي چاهي، نسلي مت ڀيد جي وڏي عرصي کان انسان پيار، پريت، انسيت، ڀائپي ۽ پنهنجائپ سان رهن ٿا. هن ڌرتي ۾ هر قسم جي رواداري لکها سالن کان پيوست ٿيل آهي، ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ مذهبي رواداري جا اعلى مثال موجود هئا.
رواداريءَ جو هڪ ٻيو مثال سنڌ جي صوفي فلسفي شاعرن جي ڪلام توڙي سوانح تي معياري تنقيدي ۽ تحقيقي ڪم هندو ودوانن جو ٿيل آهي انهن هندو ودوانن نسلي، مذهبي ۽ طبقاتي فرقن کي ختم ڪري هن ڌرتيءَ جي اصل جوهر (رواداري) کي عالم ۾ عيان ڪرڻ جي لاءِ پاڻ پتوڙيو جن ۾ لعل چند امرڏنو مل، ڊاڪٽر هوتچندمولچند گربخشاڻي، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، رڪي ٻائي وغيره قابل ذڪر آهن.
سچل سرمست پنهنجي دور جو هڪ وڏو روادار ٿي گذريو آهي، اڄ به سندس درگاهه رواداري جي سبب پوري دنيا ۾ مشهور آهي.
سچل سرمست جي ڪلام ۾ رواداريءَ جا انيڪ رنگ سمايل آهن، سندس ڪلام مان چند مثال هيٺ ڏجن ٿا سچل سرمست پنهنجي دور جي حالتن پٽاندڙ مذهبي جنونيت کي پاسيرو رکي عام انسانن جي ڀلائيءَ ۽ خاص ڪري ذهني سُڪون حاصل ڪرڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو، سندس آستاني (خانقاهه) تي هر وقت هندو خواهه مسلمان وڏي انگ ۾ گڏ رهندا ۽ کائيندا پيئندا هئا.
مذهبن ملڪ ۾، ماڻهو مُنجهايا
شيخي پيري بزرگيءَ، بيحد ڀُلايا
ڪي نمازون نوڙي پڙهن، ڪن مندر وسايا
اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي
سچل سرمست مذهبن جي غلط تشريح ڪندڙن پنڊتن، ٻاون، مذهب جي نالي تي استحصال ڪندڙن کي گمراهه ڪندڙ ۽ رستي تان ٿيڙيندڙ سڏيو آهي. ان ڪري ئي سچل سرمست پنهنجي اندر جي ڳالهه هن ريت بيان ڪري ٿو.
”مان جو ئي آهيان، سوئي آهيان.“
سچل سرمست انسان جي ظاهري ڏيکاءَ کي نندي ٿو، انسان جي عزت ۽ اهميت تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو. سياسي حوالي کان سچل سرمست جو زمانو انتشار ۽ بيچينيءَ وارو رهيو، ڇاڪاڻ جو ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جا اندورني جهيڙا امن امان کي ڇيهو رسائي رهيا هئا. شاهه عنايت جهوڪ واري جي شهادت ۽ مخدوم عبدالرحمان کهڙن واري جي شهادتن وارا سانحا پراڻا نه ٿيا هئا. غلام شاهه ۽ سندس ڀاءُ عطر خان جي ويڙهه، مير بهرام خان جو پنهنجي پٽ صوبدار خان سميت بي دردري سان قتل ٿيڻ، سرفراز خان جو شهيد ٿيڻ، بجار خان جو دغا سان قتل ٿيڻ، مدد خان پٺاڻ جو سنڌ تي حملو ڪرڻ، سهراب خان جو ڀاءُ مير غلام محمد خان عمرڪوٽ جي قلعي وٽ راجپوتن هٿان مارجي وڃڻ، فرنگين جو فريبي ڄار هندستان کان سنڌ طرف وڌي اچڻ، وغيره مٿي ڏنل سڀ واقعا سچل سرمست جي دور ۾ رونما ٿيا، جن جو اثر سچل تي ٿيو ۽ حالتن پٽاندڙ ان جو اظهار پڻ ڪيو اٿس.
ماٺ ڪريان تان مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر،
انهيءَ وائيءَ ور سمجھي سچيڏنو چوي.
سچل سرمست هر ظلم ۽ بربريت جي خلاف ڪٿي علامتي انداز ۾ ته ڪٿي کليل ۽ چٽي طرح اظهار ڪندو رهيو. هيٺين بيت ۾ پير، حاڪم ۽ ظالم کان سخت نفرت ڪندي پوري دنيا جي امن ۽ ڀائيچاري جو سفير ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو.
”نه مان مريد نه مان پير ساري فقر جو فقير،
نه مان حاڪم، نه مان ظالم آهيان امن جو امير.“
سچل سرمست هڪ بيباڪ مفڪر آهي، جنهن پنهنجي فلسفي فڪر ۽ شعر ذريعي ڪائنات اندر فرد جي آزاد ۽ بنيادي حيثيت، انساني ايڪي، طبقاتي نظام خلاف، حاڪميت جي بيسود اصولن، ڏاڍ خلاف آواز بلند ڪري ٿو ۽ سموري خطي جي امن امان قائم ڪرڻ لاءِ سفير ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، مٿي بيان ڪيل سچل سرمست جي سوچ هن ڌرتيءَ جو اصل جوهر رهيو آهي.
وڏا شاعر سماج سڌارڪ، فلسفي، سڄاڻ ۽ نبض شناس هوندا آهن، سندس دور رس نگاهون ايندڙ دور جي تنگ نظري ۽ ڪند ذهني سميت ڌارين جي يلغار جو پڻ پتو ڏين ٿيون.
وقت اها ٿئي وير دوئي دور ڪرڻ جي، ​
ڪڍ مذاهب من مان ساجهر ساڻ سويل، ​
هندو مومن سان ملي، محبت جا ڪر ميل، ​
متان ٿيئي اويل اولھه سج نه الهي.
سچل سائين انسان کي پنهنجن پنهنجن انا وارن خولن مان نڪري اجتماعي طور انساني ڀائپي، مذهبي رواداريءَ ۽ حب الوطنيءَ جي لڙيءَ ۾ هڪ ٿي وڃڻ جي ڳالهه کي بار بار ورجايو آهي. سچل سائين همه اوست واري فلسفي کي به پنهنجي سليس انداز ۾ هن ريت اظهاريو آهي.
پنهنجي پاڻ ڪري ٿو وائي،
تنهن تان ڳالهه اها ڳالهائي،
ڪافر مومن صورت سائي
جتي مذهبي، نسلي ۽ طبقاتي فرق مٽجي صرف هڪ صورت جو روپ ڌارين، اتي ڪي به فرقا، عقيدا ۽ ننڍ وڏائي وارا هٿرادو قانون ڪا به حيثيت نه ٿا رکن.
”اتي ڪفر نه اسلام، آهي سڀن کي سلام.“
اصل ۾ عالمي ڀائيچاري جو مول متو به اهو ئي آهي ته انسان ذات ۽ انسانيت جي عزت ڪريو، ڪنهن به پسند يا ناپسند جي بنياد تي ڪنهن جي به دل نه ڏکويو، پوري دنيا ۾ هٿ جوڙ، رنگ نسل، مذهبي، توڙي ذات پات جي فرق کان هٽي ڪري سلام ڪرڻ ۽ آئي جو آڌرڀاءُ ڪرڻ سنڌ جي قديم اهڃاڻ رهيو آهي. سنڌ جي شاندار روايتن ۽ انساني قدرن جي پاسداري ڪندي سچل سائين هن ريت چوي ٿو ته
”جوئي آهيان سوئي آهيان هندو مومن ناهيان“
سچل سرمست پنهنجي دور جي سياسي، سماجي، معاشي، مذهبي ۽ اقتصادي حالتن کان ڀلي ڀت واقف هو، انهن مڙني ڳالهين جو کيس ادراڪ هو، هندو _ مسلم فسادن کي گھٽ ڪرڻ جي لاءِ عملي طور قدم کنيائين، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ به سندس درگاهه تي مذهبي توڙي نسلي فرقن جا اصول لتاڙي انسان، انسانيت ۽ سڀ ۾ پرين پسڻ واري سوچ رکي هر مڪتب فڪر جا ماڻهو اچن ٿا. اها سندس نظريي، سوچ ۽ محنت جي فتح آهي. سچل سرمست جي ڪلام ۾ هر هنڌ رواداريءَ جا بي بها موتي هجڻ سبب سنڌي هندو ودوانن توڙي مسلمان صوفي مفڪرن خوب قلم آرائي ڪئي آهي. سچل سرمست جي دور جون حالتون امن امان جي حوالي کان اطمينان جوڳيون نه هيون اهڙي دور ۾ مذهبي ۽ سماجي رواداري وارو رستو اختيار ڪرڻ ڪنهن انقلاب کان گھٽ نه هيو، سندس اهڙي عمل سان امن جي هوا گھلڻ لڳي. سچل سرمست جي ڪلام ۾ رواداريءَ جا سڀ روپ ۽ رنگ جابجا ملن ٿا، انهن مان جامع اختصار تحت چند مثال پيش ڪيا ويا آهن. دنيا جي موجوده گھرجن تحت اسان جي ادبي ادارن توڙي انفرادي طور تي هر هڪ سڄاڻ فرد کي گھرجي ته سچل سرمست جي رواداريءَ واري فلسفي کي عام ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪرادر ادا ڪن.
اسان کي گھرجي ته اڄ جي نفسانفسي واري دور ۾ مذهبي ۽ سماجي رواداري کي هٿي وٺرائي ۽ امن جي لاءِ سچل سرمست جي ڪلام کي عام ڪري حق، حقيقي ۽ هيڪڙائيءَ جو درس عوام تائين پهچائي اندر اجاري سگھجي ٿو.
سچل سرمست جي رواداريءَ (خاص طور مذهبي رواداري) واري ڪلام کي فنڪارن کان ڳارائي عام ڪيو وڃي، ته جيئن سماج منجھان بيچيني ختم ٿئي. سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ موجود رواداريءَ جي مڙني قسمن وارا بيت توڙي ڪافيون نصاب ۾ شامل ڪيا وڃن ته جيئن اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ استاد انهن بيتن ۽ ڪافين جو مفصل انداز سان ڪارج سمجھائي انهن کي عام ڪن.
سچل سرمست جي رواداري سان ڀرپور شاعريءَ جا دنيا جي اهم ٻولين ۾ ترجما ڪرائي، سندس امن واري پيغام کي چٽو ڪيو وڃي.
مددي ڪتاب:
رسالو سچل سرمست : عثمان انصاري
جامع سنڌي لغات (جلد ٽيون): ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
***