بلاگخاصنئون

سيلف پورٽريٽ

ڇا هُو، جان ڪيٽس جيتري عمر ماڻي سگهندو۔.!؟
سندس بچپن ڏاڏيءَ سان گذريو، کيس ڄڻيو ماءُ هو تاتيو ڏاڏي هيس. هُن جا انگلَ به پنهنجي ڏاڏيءَ سان ھئا ۽ هُو اسڪول به سندس ضد جي ڪري ئي ويٺو / پڙهيو.
اسڪول وڃڻ وقت ٻه روپيا به ڏاڏي ئي ڏيندي هيس. شايد هُو ٻن روپين جي خرچيءَ جِي لالچ جي ڪري اسڪول ويندو هو. ڏاڍو ضديرو هوندو هو ۽ کيس وقت تي ماني نه ملڻ ڪري گهر کي مٿي تي کڻندو هو ۽ اڄ به هُو بُک جو ڏاڍو ڪچو آهي، پر دوستن جي وچ ۾ ڏاڍي پَڪائي ڪري ويندو آهي ۽ پوءِ کيس تڪليف اچي ويندي آهي ۽ پڇتائيندو آهي ته ٻه گرهه کڻي کائي ڇڏجن ها.
اڪثر اسڪول کان گُسائي جڏهن گهر ايندو هو ته کيس ماءُ مار ڪڍندي هئي ۽ هُو ڊوڙي وڃي، پنهنجي ڏاڏيءَ پويان لڪندو هو ۽ پوءِ ڏاڏي ۽ سندس ماءُ جو گهر ۾ جهيڙو ٿي ويندو هو. سندس ڏاڏيءَ کي ماءُ چوندي هئي ته: “توئي ڇوڪري کي مٿي تي چاڙهيو آهي.”
سندس ڏاڏي سڄي عُمر پورهيا ڪري پوٽيُن ۽ پوٽي جو پيٽ پاليو. کيس هڪ نياڻي ۽ هڪ پُٽ هو. ڏوهٽن ۽ ڏوهٽيُن سان ڪڏهن ڪونه لڳس. هُوءَ جڏهن پَن جي ٻيڙيءَ جي ڦُوڪ ڀَري دونهون خارج ڪندي هئي ته اونهيءَ سوچ جي سمنڊ مان ٽُٻي هڻي نڪرندي هئي ۽ ان وقت پنهنجي موڀي پُٽ جي سار جي تار ڇيڙي ڇڏيندي هئي.
هُو هميشه سندس ڀَر ۾ ئي سمهندو هو ۽ کيس هوءَ هنج ۾ ايئن پناهه ڏيندي هئي، جيئن ڪا ماءُ پنهنجي اولاد کي ڏيندي آهي. هُو اڄ به کيس ڳائي ٿو ۽ ايئن ٿو چوي ته جيڪڏهن ڏاڏي پالي وڏو نه ڪري ها ته: “هوند پنهنجو ڪُٽنب ئي بُک وگهي مري وڃي ها!”
هُن ڪڏهن به پنهنجو پيءُ ڪونه ڏٺو هو، ڇاڪاڻ ته جڏهن اڍائي/ٽن سالن جو هو ته سندس والد گُڙدن جي بيماريءَ سبب وفات ڪري ويو هو!
هُن کي هر موڙ تي پنهنجي والد جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. جڏهن به ڪنهن گهرو يا سماجي مسئلي جي ور چڙهي ويندو آهي ته ان وقت کيس ٻئي هٿَ مٿي تي اچي ويندا آهن ۽ تنهن پل ته پيءُ گهڻو ياد ايندو اٿس. توڙي جو هُن نه پيءُ ڏٺو هو ۽ نه ئي ان جي آڱر پڪڙي بازار ويو هو ۽ نه ئي وري هُن جي ڪڏهن ڪُلهي تي چڙهيو هو ۽ نه ئي وري هُن کي ڇُهي ڏٺو هو، تنهن جي باوجود به هُو پنهنجي پيءُ سان پيار ٿو ڪري!
کيس هڪ ڀيري ماءُ ٻڌايو هو ته: “هڪ لڱان جڏهن تون بنهه ٻار هئين ته هڪ مائٽياڻي نُون تو جي لاءِ مان کان رشتو گهريو ته هوءَ ٻئي هٿ ڪنن طرف وڌائي توبهه توبهه ڪرڻ لڳي ته: نه با نه… مان ٿي ڏيان ڏنگي محمد خان جي پُٽ کي پان جِي نياڻي.” ۽ وڌيڪ اهو به چيائين ته: “مان کي به هن ڇوڪري ۾ پڻانس واري رڳ ٿي نظر اچي!”
اصل ۾ سندس والد نه ڏنگو هو ۽ نه ئي ڪو جهيڙي ڪار هو، هُو رڳو اصولن جي سودي بازي کان پرهيز ڪندو هو، جنهن ڪري مائٽن کي ڪجهه گهٽ ڀانئين پوندو هو!
هُن لئه ماءُ دنيا جي اها نعمت آهي، جيڪا هر ڏُک کي سُک ۾ کن پل اندر تبديل ڪرڻ ڄاڻي ٿي!
هُن اهو به ڪٿي لکيو آهي ته: “منهنجو پيءُ به ماءُ آهي ته منهنجو استاد به ماءُ آهي!”
اڪثر گهر کان ٻاهر گذارڻ هن جي طبيعت ۾ شامل ٿي چُڪو هو. هڪ ڀيري هفتو کن گهر کان ٻاهر رهيو. ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص کان ٿيندو جڏهن واپس اڌ رات جو گهر پهتو ته گهر جو در کُليل هو ۽ ٻليءَ پير گهر ۾ داخل ٿيو ته سڌو پنهنجي ڪمري ۾ ويو ڏسي ته هنڌ وڇيو پيو آهي ۽ لکڻ / پڙهڻ واري ٽيبل تي ماني ۽ کير پيو آهي، کيس تمام گهڻي بُک لڳي هئي تڪڙا تڪڙا گرهه هڻڻ شروع ڪيائين ته اوچتو ماءُ به ڪمري ۾ آيس، کيس مٿي تي هٿ رکي ۽ چُمي ڏيندي پڇائينس ته: “احمد! خير سان پهتين؟” هن “ها” ۾ ڪنڌ لوڏيو. ايتري ۾ هوءَ ڪمري مان نڪري وئي ۽ گهر جو ٻاهريون در بند ڪري ٻي ڪمري ۾ سُمهي پئي!
هيڏانهن هُو به ماني کائي کير پِي سُمهي پيو!
صبح جو سياري ۾ سج جي تِڙڪي تي جڏهن آڳر جي کٽ تي ويٺو ته کيس ماءُ چانهه آڻي ڏني ۽ پاسي ۾ ويهندي چيائينس ته: “تون جڏهن به گهرئون ٻاهر هوندو آهين ته مان گهر جو در ناهيان بند ڪندي ته متان تون رات جو دير سان اچين، در کڙڪائين ۽ مان ننڊ ۾ هجان، در کولي نه سگهان! ۽ مان توجي لاءِ ماني ۽ کير به رکي ڇڏيندي آهيان ته متان تون بکارو اچين ۽ رات جو گهر م ڪجهه کائڻ لئه نه هجي ته متان تو کِ تڪليف اچي وڃي!”
اهي ڳالهيون هن جي دل تي اهڙو ته اثر ڇڏي چُڪيون هيون جو، هن دل ۾ فيصلو ڪيو ته اڳتي هڪ رات به ماءُ کان الڳ ڪونه گذاريندس!
هُن کي ماءُ وڌيڪ ان وقت وڻندي هئي، جڏهن هوءَ کلندي هئي، سُر آلاپيندي هئي ۽ کيس احمد چئي سڏ ڪندي هئي!
هُو ڇهن ڀيڻن جي مٿان ٿيو هو ۽ هڪ ڀيڻ کان هڪ سال وڏو هو. سڪيلڌو هو، تنهن ڪري ڀينرن کي پيارو هو. هو هميشه ماءُ ۽ ڀينرن سان محبت ڪندو رهندو هو، پر هُن ڪڏهن به ڪنهن کي اهو محسوس ڪونه ڪرايو ته مان پنهنجي ڀينرن سان هيتري محبت ٿو ڪيان؟
هُن وٽ ظاهري ڏيک ويک اڄ به ڪونهي. گهر ۾ هوندو آهي ته پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو پڙهندو يا لکندو آهي. هُو ان وقت وڌيڪ دلچسپيءَ سان ڳالهيون ٻُڌندو آهي، جڏهن سندس ماءُ ۽ ڀينرون ڪچهري ڪنديون آهن ۽ ڪنهن کي لکا ئي ڪونه ڏيندو ته ڪو آئون اوهان جون ڳالهيون ٻُڌي رهيو آهيان.
هُن جي شاعريءَ جي اڌ کان وڌيڪ زمين پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن جي پيار ۽ محبت سان سيراب ٿيل آهي.
هڪ ڀيري ڪنهن اخبار ۾ سندس ڳالهه ٻولهه شايع ٿي ته اها اخبار گهر کڻي آيو ۽ اخبار سندس ننڍي ڀيڻ، ماءُ کي پڙهي ٻُڌائي ته کيس ماءُ ڪمري ۾ اچي ڀاڪر پائي روئڻ لڳي ۽ چيائينس ته: “احمد! تو کِ اهي تڪليفون ڪنهن ڏنيون آهن، تون ته اڃا ٻار آهين. اهڙيون ڏکاريون ڳالهيون ڇيڪان ٿو ڪرين۔؟”
هُن کي هر وقت هڪ خواهش رهندي آهي ته ايترا ڏوڪڙ اچي وڃن جو، وڏي ڀيڻ کي هڪ ڪمرو ٺهرائي ڏئي. سندس وڏي ڀيڻ جيڏي سُهڻي آهي، تيڏي سُلڇڻي ۽ پورهيت آهي، پنجن ٻارن جو پيٽ ئي مشڪل سان پئي پالي!
هُو پنهنجي ڏاڏاڻي خاندان جو پهريون مرد آهي، جيڪو پڙهيو، لکيو ۽ شاعر ٿيو. سندس ڏاڏاڻي خاندان ۾ علم سان آشنائي ڪونه رهي ۽ سندس ٽي ڀينرون پڙهيون ۽ انهن جي تعليم به اڌوري رهجي وئي ۽ ٻاراڻي عمر ۾ سندن شادي ٿي وئي.
سندس ننڍي ڀيڻ بشيران بي ايس سي پڙهي ٿي. هُوءَ ئي سندس لکيل ڪتابَ پاڻ به پڙهي ته ماءُ کي به پڙهي ٻُڌائي ۽ هڪ حوالي سان ننڍي ڀيڻ سندس ترجمان آهي، جيڪا سندءِ لکڻيون ۽ شاعري سندس ماءُ کي پڙهي ٻُڌائيندي رهندي آهي!
هُو وطن جي معاملي ۾ ڏاڍو جذباتي ٿي ويندو آهي. وطن جي جاگرافي ۽ وسيلا ڌارين جي هٿ ۾ ڏسي ۽ غلامي تي سوچيندي وٽ کائيندو آهي ۽ ان تي هن هڪ نظم ”اسان کي ڪاوڙ نه ٿي اچي“ پڻ لکيو هو!
هُن کي ڪاڇي ۽ لاڙڪاڻي سان خاص لڳاءُ آهي. ڪاڇو سندس ماءُ جو علائقو آهي ۽ لاڙڪاڻو سندس شاعريءَ جھڙي ڇوڪري جو شهر آهي!
جڏهن به کيس ڏُک جي ڏائڻ حملي آور ٿيندي اٿس ته ذوالفقار گاڏهي کي ساڻ ڪري ڪاڇي ڏانهن هليو ويندو آهي ۽ کيس درد جي دنيا جي دري کولي کيس اندر اور ڪندو رهندو آهي ۽ ايئن ئي وري حيدرآباد ۾ علي آڪاش / رحمت سومري سان به هُو پنهنجي ذاتي زندگي جي تڪليفن جو تذڪرو ڪري بار هلڪو ڪندو آهي.
هُو ان وقت ڪجهه وڌيڪ ئي مُنجهي پوندو آهي، جڏهن کيس ڪير اهو سوال پڇي ته: “تنهنجا ڪهڙا ڪهڙا دوست آهن.؟” ۽ هو جواب نه ڏئي سگهندو!
هڪ ڀيري سندس فيس بڪ آءِ ڊي هيڪ ٿي وئي ۽ بعد ۾ بحال ٿي ته فيس بڪ تي اسٽيٽس رکيائين ته: ”ڪنهن دوست منهنجي آءِ ڊي سان حرڪت ڪئي آهي، سو جيڪڏهن ڪنهن ڏانهن ڪو غلط پيغام وغيره اچي ته ان کي اگنور ڪجي!“ ته پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عمر تيوڻو چيو ته: “عجيب! ڳالهه آهي، جنهن سندس آءِ ڊي سان هٿ چُراند ڪئي آهي، ان کي ئي ٿو دوست چوي!” ۽ ايئن هڪ ٻيو به واقعو پيش آيس. آواز ٽي وي جي ادبي پروگرام ”مٺيون ڳالهيون“ ۾ اسد بروهي مهمان هجي. کيس ڪال آئي راءِ وٺڻ لاءِ ته ڪال تي ميزبان بخشڻ مهراڻوي چيس ته: “اسد! ٿو چوي ته احمد منهنجو ”گهاٽو“ دوست آهي، سو تنهنجو ڇا خيال آهي؟” ته هُو لڳاتار خاموش رهيو!
هُو اڄ به سنڌ جي هر فرد کي پنهنجو سمجهندو آهي. کيس دوست ۽ دشمن جي پرک ڪرڻ ئي ڪونه اچيس! هُن جي زندگيءَ ۾ هڪڙو اهڙو نوجوان آيو، جنهن کي هُو دوست نه پر، ڀاءُ چوندو آهي ۽ اهو رحمت سومرو آهي ۽ رحمت! سان اهي به ڳالهيون ونڊي ويهندو آهي، جيڪي نه ڊائريءَ تي لکي سگهندو آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن کي ٻُڌائي سگهندو آهي.
جڏهن مين پرائمري اسڪول ميھڙ ۾ پڙهندو هو ته اتي کيس هڪ ڇوڪرو نالي محمد امين ڪلاسي هو. کيس ڏاڍو پيارو هو ۽ اڄ به پيارو اٿس پر دل کان کيس گهڻو ڏور آهي ۽ ان جو خال فواد ڪلوڙ ڀريو اٿس!
هُو هن وقت بار بار اها ئي ڳالهه چوندو / لکندو رهي ٿو ته: “مون کي پڙهڻ، لکڻ ۽ پيار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪم ڪونه ٿو اچي.” ۽ اهو سچ ئي آهي ته هن جو ڏينهن ۽ رات بلڪل انهن ئي مشغلن ۾ گذري ٿو.
هُن ڪتاب پڙهيا، ڪتاب ڇپايا، ڪتاب لکيا، ڪتاب گڏ ڪيا ۽ ڪتاب پڙهندڙن ۾ ورهايا. انهن مڙني مرحلن ۾ کيس ڏاڍو سُڪون محسوس ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن به چوندو آهي، ته جيڪڏهن آئون ليکڪ نه هجان ها ته سياستدان هجان ها ۽ هُو ادب ۽ سياست کي گڏ گڏ کڻي هلڻ جو قائل آهي. هو جڏهن به قومي تحريڪ جي ساٿين سان ملندو آهي ته انهن سان وطن جي وارثيءَ جي واٽ تي هلڻ جا جتن به ڪندو آهي ته انهن سان خيالن جي ڏي وٺ به ڪندو آهي.
هُن کي هڪڙو خوف اندر ۾ هر روز کاٽ هڻي رهيو آهي ته ”ڇا آئون، جان ڪيٽس جيتري عمر ماڻي سگهندس!“
شاڪر هڪڙو شاعر آهي،
سڀ لئه جنهن وٽ شرڌا آهي!
***