سماجي حالتون شعور جو تعين ڪندڙ آهن. انساني سماج، سماجي لقائن، سماجي وجود، سماجي اڻبرابري، خيالي سوچ ۽ مادي دماغ جو انسان ذات جي معاشي، سماجي، تاريخي، سياسي، خيالن پسندن جي اندروني عنصرن بدران مادي جي تبديل ٿيندڙ شڪلين جو ٺوس تجزيو ڪري پيداواري سرشتي کي منظم بڻائي برداشت جوڳيون حالتون جتي ناڻي جي ورڇ منصفاڻي هُجي ان ۾ بهتري آڻڻ لازم آهي. رجعتي سياسي نتيجن، طبقاتي شعور ۽ سرمائيداري ظُلم خلاف پورهيت کي شعوري ۽ تاريخي طور جدلياتي رستو وٺي گڏيل جدوجهد ڪري سماج کي نئين سر اڏڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري غير پائيدار سماج خلاف بغاوت جي باهه ٻاري، انفراديت، سرمائيداري سيٺين جي خود غرض مقصدن، حرفت بازي خلاف سرگرم ٿي تحرڪ ۾ اچڻ گهرجي.
طبقاتي جبر، مفعولي پيار، بُڇڙاين خلاف مزاحمت، روايتي رسمن ۽ عقيدن جي غُلامي مان نجات، پورهئي جي معروضي حالتن جي اهميت کي سمجهڻ، جبر تي ٻڌل قانون، هائيپر ريئلٽي تي بيٺل رياست، يوٽوپيائي جهموريت سان معاشرو ڊسٽوپيا جو مثال بڻجي وڃي ٿو. مون کي هيءَ رياست افلاطون واري ٿي لڳي جنهن ۾ هُن سياسي فرمانبرداري بابت فرد جو رياست اڳيان تابعدار رهڻ وارو خيال ڏنو جيڪو نج فرد جي آزادي جي مخالفت آهي ۽ اڄ رياست فرد مان اهائي اميد رکي ان جي مجموعي مفادن کي چيڀاٽي ٿي. هو اوائلي مذهبي تصور جي آڙ وٺي مصر، چين، روم، جاپان جيان رياست کي آفاقي مڃرائين ٿا. تازو جيئن عالم دين طارق جميل جا قمر جاويد باجوه ۽ عمران خان کي ايماندار، پرهيزگار چئي قوم کي ورغلائڻ جا واعظ ڪرڻ مطلب مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ آهي. جيئن فرانس انقلاب کان پهرين پادري ۽ پنڊت بادشاهن جي پاسداري ڪري عوام کي خدا جي نالي لُٽيندا هئا، جيئن عرب رهزنن مذهب جي نالي سنڌ کي لُٽيو، جيئن مذهب جي نالي تي ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو ۽ خاندان اجڙيا ان وقت قومن لاءِ ڳالهائيندڙ ڪميونسٽ پارٽيءَ کي دٻايو ويو ۽ ٻه قومي نظريا پيش ڪيا ويا. جيئن هندن کي مذهب جي نالي تي سنڌ مان قتل ڪري ڀڄائي انهن جون ملڪيتون مهاجرن ۽ پنجابي آفيسرن کي ڏنيون ويون. اهڙن بيانن سان اهي چند فرد اسان مٿان حاوي ٿي وسيلن سان گڏ سياست، قانون، انصاف، علم، مذهب، فن، تعليم، فلسفي توڙي نظريي تي قابض ٿي ذهنن کي هائجيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آيا آهن.
ذهني غُربت فرد کي ويڳاڻو بڻائي ڇڏيندي آهي، اهو فطري عمل نه پر، سماجي مادي حالتن مطابق جُڙندو آهي. اهي حالتون جن ۾ فرد جي محنت شامل آهي. اها محنت ۽ قوت جيڪا خود ڪفيل ناهي هوندي، جنهن جي پيداوار پورهيت ۽ انهن جا مالڪ سرمائيدار هوندا آهن. اهي سرمائيدار جيڪي زنده فرد کان ويندي مردي تائين، عورت کان مرد، زال کان ڪال گرل، اخلاق کان وٺي بداخلاقي، مظلوم کان ويندي ظُلم تائين هر شيءِ کي تابع رکي ان مان منافعو ڪمائي ٿو. انهن جي ملڪيت اها هوندي آهي جنهن جا مالڪ پورهيت هوندا آهن، سنڌ ۾ ان جو مثال بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي جهڙا ادارا زمينون سنڌ جون، وسيلا سنڌ جا مالڪ ٻيا آهن.
اڄ جو پورهيت سماجي ڄار ۾ ڦاٿل ڪوريئڙو آهي، اها ڄار هن جي ٺهيل آهي، هو پنهنجي تاريخ سان گڏ مادي ۽ ذهني قوتن جو خالق آهي. سرمائيداري جي سيلاب ۾ ان کي پنهنجي تخليقي سرگرمين، صلاحيتن کي استعمال ڪري شعور ۽ باهمي روين سان سماج کي نئين شڪل ڏئي سگهي ٿو. شعور ۽ رويو ان جدوجهد ۾ اهميت رکن ٿا. ڇو ته ان جون ذهني صلاحيتون، تصور، اخلاقي روين تي معاشري جو اثر هوندو آهي، معاشرو فرد تي ۽ فرد معاشري تي اثر ڇڏيندڙ آهن. فرائيڊ پڻ رويو تبديل ڪرڻ کي صحتمند ۽ سرگرم ذهن سان ڀيٽ ڏئي ٿو. سماجي تهذيب، ان ۾ موجود دولت ۽ ٺاهيل سمورا قانون، ميڪانيڪي ۽ ٽيڪنيڪل شيون فرد جي ذهن جو نتيجو آهن. محنت جي تربيت، ذهني صلاحيتن سان جُڙيل آهي. ڏسجي ته زندگي جو مقصد انفرادي ۽ آزاد محنت آهي. هتي انفراديت مان مراد آزاد پورهيو آهي. ها محنت آزاد ناهي ته فرد غمگين، گنهگار، منفي روين جو حامي، مايوس، معاشري لاءِ غير مفيد ۽ پنهنجو دشمن بڻجي ويندو آهي. اهڙي آزاد محنت واري پورهيت کي مارڪس انساني شرافت جو مثال چوي ٿو.
سرمائيدار جو زور انفراديت تي آهي، بلڪل ساڳي ڳالهه ڪانٽ ائين ڪئي “ٻين لاءِ اهو نه ڪيو جيڪو پنهنجي لاءِ نٿا چاهيو” يعني نيلسن منڊيلا 27 سال جيل ۾ رهي ٻاهر نڪرڻ سان اجتماعيت جي آزادي بابت غلط سوچيو. مارڪس پاڻ تنگدستي وارين حالتن جو غُلام رهيو. پر، دنيا جي پورهيتن کي هو خوش ۽ محنت جو مالڪ ڏسڻ وارو خواب غلط هو.. ايتري قدر مارڪس پنهنجي پيءُ ڏي خط ۾ لکي ٿو “جيڪڏهن اسان ٻين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم جي چونڊ ڪيون اسان کي ڪير به جهڪائي نٿو سگهي.” ڪانٽ هتي انفراديت پسندي واري ڳالهه ڪري اجتماعي مقصدن کي رد ڪري ٿو.
اصل مسئلو آهي ئي اهو ٻين لاءِ ۽ ٻين سان زندگيءَ ۾ توازن رهڻ سان سوشلزم جي فتح آهي ۽ اهوئي انفراديت وارو هٿيار هو استعمال ڪري پورهيت کي پيداواري ذريعن کان محروم ڪن ٿا. ائين ئي ايڊم سمٿ invisible hand تي زور ڏنو ۽ general welfare of society جي ڳالهه ڪري ٿو جتي مجموعي طور اهڙو ميڪنزم هجي جتي پوري سماج کي فائدو پهچي يعنيneoclassical economic واري مارڪيٽ قائم ٿئي، مارڪس ان کي وائکو ڪندي واضح ڪيو ته ان جو سڌو سنئون فائدو سرمائيدارن کي ٿيندو. ڏٺو وڃي ته حقيقت ۾ اهڙي مارڪيٽ ۾ پورهيت جا حقexploit ٿيندا، معاشي اڻبرابري جنم وٺندي، اهڙي مارڪيٽ ۾ معلوماتي طور پڻ اڻبرابري جنم وٺي سگهي ٿي. يعني مارڪس جي فڪر مطابق ان کي اسان سرمائيدار سوشلسٽ چئي سگهون ٿا. اهڙا ئي خيال ڪافي فلاسافرن ڏنا جيئن اين رينڊ چيو “جنهن کي پنهنجو قدر ناهي اهو ڪنهن کي اهميت نٿو ڏئي سگهي.” هوObjectivism تحت سُڃاتو وڃي ٿو، هن جو زور انفراديت تي هو ۽ هن مطابق اڪيلو فرد يا پورهيت سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو. يعنيsocioeconomic inequalities هن جي خيالن ۾ ڳتيل آهن. مارڪس پورهيت جي بقا اجتماعيت ۾ ڏسي ٿو، نوم چومسڪي انفراديت جي خود مختياري سان گڏ سماج جي گڏيل جدوجهد تي پڻ زور ڏئي ٿو، هيگل مطابق گڏيل جدوجهد سان self-consciousness وڌي ٿي، گڏيل پورهيو برابري ڏانهن پهريون قدم آهي. مارڪس جيclass struggle جو مرڪز ئي اهو نقطو آهي، فينن پڻ گڏيل جدوجهد جي نتيجي ۾ ڪولونيالزم مان ڇوٽڪاري جي ڳالهه ڪئي. پنهنجي ڪتاب Biopower ۾ مشل فوڪو ٻڌائي ٿو ته ڪيئن ماڻهن تي هڪ جٿو طاقت جو استعمال ڪري ٿو، فوڪو ان اڻبرابري کي ختم ڪرڻ لاءِ ۽ سماجي تبديلي خاطر گڏيل جدوجهد تي زور ڏنو. يعني ان تحت ئي دنيا جي پورهيتن کي گڏ ٿيڻ لاءِ چيو ويو. آفريڪن چوڻي آهي ته:
If you want to go far, go together.
پراڻ پسند ذهنيت خلاف علمي ۽ سائنسي علم حاصل ڪري، تاريخ جي جدليات کي سمجهي، انساني زندگي ۽ سماج جي بنيادي حقيقتن ۽ سچاين بابت ڄاڻ حاصل ڪري، سماجي محنت جو ٿيندڙ استحصال روڪڻ سان بک بدحالي تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. بُک؟ ڍوَ بنا ڍولا، ڪانهي ساڃهه سونهن جي، نارمن بورلاگ بُک کي اخلاقي حق ٿو چوي، فرانسز موري ان حوالي سان سهڻي ڳالهه ڪئي ته “بُک پيدا ڪندڙ سياستدان آهي، ۽ ان کي کارائڻ ان جو فرض آهي”، يعني ڏسجي ته بُک فطرت طرفان جنم ناهي وٺندي پر، ان جي پويان سماجي، سياسي حالتون هونديون آهن، ان جي پويان استحصالي ذهنيت هوندي آهي. پيرل بڪ بُک کي ڏوهه جو بنياد، روبرٽ بُکَ کي خالص گناهه، ٿومس مين مطابق بُک بغاوت لاءِ چڻنگ آهي، ڏسجي ته بُک يعني پورهيت طبقي جي استحصالي ئي انهن جي زندگي ۽ بنيادي ضرورتن جي قاتل آهي، راج پٽيل مطابق بُکَ فطرت بدران سياسي ۽ سماجي مسئلو آهي، جرمن چوڻي آهي ته ”Hunger is a sharp thorn.“
معروضي، موضوعي، معاشي، سماجي ۽ سياسي ماحول کي سمجهڻ پورهيت لاءِ انتهائي اهم آهي. جتي سياست جو معشيت مٿان غلبو حاوي هُجي، انصاف جو گُڻ رياست مان غائب هُجي. غير طبقاتي سماج ئي پورهيت جو آئيڊيل مقصد آهي، جنهن ۾ رياستي ڍانچي، سياسي طاقت کي سماجي نظام جي اَڏاوت هيٺان ڪچلي اڳتي وڌي سگهجي ٿو.
پورهيت جو پورهيو انهن جو هن سماج ۾ طاقتور هٿيار آهي، جنهن جي اهميت انهن کي لازمي سمجهڻي پوندي. اڻبرابري تي بيٺل سماج ۾ اهوئي پورهيو انهن لاءِ وينٽيليٽر تي آڪيسجن جيان آهي، يعني پورهئي نه ڪرڻ سان هو زندگي جي بنيادي ضرورت کان محروم ٿي مري ويندا، ان کي ان طبقاتي دشمني، سياسي جبر، پنهنجي قوت جي پاڻ مالڪي ڪرڻ ۽ طبقاتي سماج ۾ پنهنجي ثانوي حيثيت کي مرڪزي بنائڻ ۾ ئي پورهيت جي نجات آهي.
***