سنڌ ۾ ڊينگي بي قابو، متاثرن جو انگ 20 هزار 300 کان وڌي ويو
سنڌ ۾ ڊينگي وائرس متاثرين جو انگ 110 ٿي ويو، جنهن کانپوءِ هلندڙ سال سنڌ ۾ ڪيسن جو انگ 20312 ٿي ويو آهي. صحت کاتي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي مان 48، حيدرآباد مان 41، سکر مان 4، ڄامشوري مان 2، عمرڪوٽ مان 7، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻي مان 2-2 ڪيس سامهون آيا، جڏهن ته خيرپور، سانگھڙ ۽ شهيد بينظير آباد مان هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو. پڌرائي موجب گڏيل طور تي 24 ڪلاڪن دوران 110 ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن کانپوءِ هلندڙ مهيني ڪيسن جو انگ وڌي 1241، جڏهن ته هلندڙ سال 20 هزار 312 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ هلندڙ سال ڊينگي وائرس کان 58 ڄڻا متاثر ٿي فوت ٿي چڪا آهن، سڀ کان وڌيڪ 15286 ڪيس ۽ 48 فوتگيون ڪراچي ۾ سامهون آيون آهن.

