پاڪستانخاصنيو‍‍ز

پاڪستان جو چين سان 700 ملين ڊالر ڪمرشل قرض جو معاهدو ٿي ويو

پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ 700 ملين ڊالر جي ڪمرشل قرض جو معاهدو ٿي ويو آهي، جنهن سان ڪل 2 ارب ڊالر جي چيني قرض جا امڪان بحال ٿي ويا آهن، هن قدم سان پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي عارضي استحڪام ملندو، جيستائين آئي ايم ايف جي رقم اچڻ شروع نه ٿئي. هيءَ پيش رفت 300 ملين ڊالر جي هڪ ٻئي چيني ڪمرشل قرض جي واپسي جي تاريخ کان ڪجهه ڏينهن پهرين ٿي آهي.