ميئر ليبيا ۾ ٻوڏ سبب 20 هزار ماڻهن جي مرڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو
ليبيا ۾ طوفان کانپوءِ اچڻ واري ٻوڏ اوڀر ليبيا جي شهر درنا کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن شهر جي ميئر خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ٻوڏ سبب مرڻ وارن ماڻهن جو انگ 20 هزار ٿي سگهي ٿو. آمريڪي ميڊيا مطابق هلاڪتون 8 هزار تائين پهتيون آهن ۽ ٻوڏ کانپوءِ 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو لاپتا آهن، جڏهن ته سمنڊ جي ڪنارن ۽ شهر جي رستن تي لاشن جا ڍير لڳل آهن. ٻئي پاسي ليبيا جي حڪومت سامونڊي طوفان جي تباهڪارين سبب بين الاقوامي ۽ مقامي ايجنسين کان فوري امداد جي گهر ڪئي آهي.