خاصنئون

لاڙڪاڻي اندر ايڊز پکيڙڻ جي الزام ۾ هڪ ڊاڪٽر گرفتار، ايڊز جي تصديق

لاڙڪاڻي جي تعلقي رتوديرو اندر ٻارن ۽ 42 ڄڻن ۾ ايڊز جي وائرس پکيڙڻ جي الزام ۾ هڪ ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر جو نالو مظفر گهانگهرو آهي. ڊاڪٽر مظفر رتي ديري ۾ پرائيويٽ ڪلينڪ هلائيندو آهي. متاثر ماڻهن پاران مٿس الزام هنيو ويو آهي ته  اهي  ڊاڪٽر مظفر کان ئي علاج ڪرائيندا آهن. پوليس پاران ڊاڪٽر مظفر  خلاف 324 جو ڪيس داخل ڪندي قتل جي ارادي واريون شقون لڳايون آهن. ڊپٽي ڪمشنر نعمان صديق مطابق ڊاڪٽر مظفرجي غفلت سبب وائرس پکڙيو آهي ۽ ان جي ئي مريضن ۾ وڌيڪ وائرس جي موجودگي ثابت ٿي آهي. ڊاڪٽر مظفر جو ذهني توازن به درست نٿو لڳي ظاهري طور ائين ٿو لڳي ته هن ڄاڻي واڻي متاثر سرنج ذريعي وائرس کي پکيڙيو آهي. ٻئي طرف ڊاڪٽر مظفر جو چوڻ آهي ته مان هڪ ڊاڪٽر آهيان مون ۾ ايڊز جي ڪابه علامت نه آهي.  جيڪڏهن مان مريض هجان ها ته ماڻهن جو علاج ڪرڻ بجاءِ پنهنجو علاج ڪرايان ها. هيلٿ ڪيئر ڪميشن پنهنجو پاڻ کي بچائڻ خاطر مون تي ڪوڙا ڪيس ٺاهي رهي آهي. واضح رهي ته لاڙڪاڻي شهر ۾ ايڊز هڪ موذي مرض جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. هڪ مهيني اندر 15 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تشخيص ٿي آهي متاثر ٻارن جون عمرون 8 مهينن کان 8 سالن تائين آهن.