اوزون جي تهه تيزي سان ڀرجي رهي آهي

زمين مٿان حفاظتي ڇٽي وانگر رهندڙ اوزون جي تهه جيڪا تباهي جو شڪار هئي هاڻي تيزي سان ڀرجي رهي آهي ۽ 2060 تائين ان جو سوراخ پورو ڀرجي ويندو. هن جو سبب اهو پيو ٻڌايو وڃي ته اڄ کان 30 سال اڳ گڏيل قومن جي اداري پاران ڪجهه ڪيميڪلز جي تياري ۽ استعمال تي پابندي هنئي وئي هئي، انهن ۾ اهم ڪلورو فلورو ڪاربنز هئا، جيڪي فضا ۾ وڃي اوزون کي تباهه ڪري رهيا هئا. هاڻي هڪ رپورٽ شايع ڪئي وئي آهي جنهن کي گڏيل قومن جي اداري هيٺان هلندڙ ادارن به مڃيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 1989 ۾ مانيٽريال پروٽو ڪول تحت اوزون دشمن شين ۽ ڪيميڪلز تي پابندي لڳائي وئي هئي. جنهن بعد اوزون جي تهه جو سوراخ ڀرجڻ شروع ٿي ويو هو، جنهن ڪم ۾ هاڻي تيزي اچي وئي آهي. جڏهن ته ان جي مڪمل بحالي ۾ اڃان ڪجهه وقت لڳندو. ۽ امڪان آهي ته 2060 تائين اها تهه پوري طرح ٺيڪ ٿي ويندي. واضح رهي ته اها حفاظتي تهه زمين جي سطح کان 20 کان 30 ڪلو ميٽر هئي اوزون جي تهه آهي جيڪا زمين تي ايندڙ سج جي روشني مان خطرناڪ شعاع فلٽر ڪري زمين تي موڪليندي آهي ۽ اوزون تهه نه هجڻ سبب زمين تي موجود انسانن تائين اها روشني سڌي ريت اچڻ شروع ٿي ويندي آهي جنهن سبب زمين تي موجود سڀني جاندارن لاءِ صحت جا وڏا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا جنهن ۾ چمڙيءَ جو ڪينسر پهرين نمبر تي آهي. 30 سال اڳ جڏهن اوزون جي تهه ۾ سوراخ ٿي پيو هو ته ان وقت ڪجهه ملڪن اندر خاص ڪري آسٽريليا جي ماڻهن ۾ اسڪن ڪينسر جي بيماري وڌي وئي هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *