چين پاڪستان کي نقد مالي مدد جي اعلان کان روڪي ڇڏيو
وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چين طرفان امدادي رقم متعلق سوالن تي وزيراعظم معذرت ڪندي چيو ته چين پاڪستان جي تاريخي مدد ڪئي آهي. چين ڪيتري مدد ڏئي رهيو آهي ان جو اعلان نٿا ڪري سگهون. اصل ڳالهه اها آهي ته چين پاڪستان جي نقد مالي مدد جو اعلان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي چين ڪيتري مدد ڪندو اهو نٿا ٻڌائي سگهئون. ڇاڪاڻ ته ان سان چين جا ٻيا پارٽنر تحفظن جو اظهار ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ميڊيا ۾ ڪرپشن جون خبرون ضرور ملنديون هيون پر پاور ۾ اچي اصل گهپلن جي خبر پئي آهي. هن اهو به چيو ته ڪرپشن ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي، جڏهن ته اڃان وڏيون مڇيون باقي آهن.