بلاگنئون

پاپولزم ۽ جديد دنيا: تبديلي يا تباهي؟

پاپولزم جديد دور ۾ سياست جو هڪ مقبول اصطلاح جيڪو عوام جي جذبات خواهشن ۽ ضرورتن کي بنياد بڻائي طاقت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش جو نالو آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پاپولزم سياسي بحثن عوامي حمايت ۽ حڪمراني جي نون طريقن لاءِ اهم موضوع بڻجي چڪو آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا پاپولزم هڪ موقعو آهي جيڪو عوام جي مسئلن جو حل آهي يا اهو هڪ خطرو آهي؟ جيڪو سماجي تقسيم، ادارن جي ڪمزوري ۽ معاشري ۾ عدم استحڪام پيدا ڪري ٿو؟

پاپولزم جو بنيادي اصول اهو آهي ته عوام جي خواهشن کي سياست جو مرڪز بڻايو وڃي پاپولسٽ سياستدان پنهنجو پاڻ کي عوام جو اصل نمائندو ۽ اشرافيه يا اسٽيبلشمينٽ خلاف ڪردار طور پيش ڪن ٿا اڪثر ڪري اهي “اسان بمقابله اهي” جو بيانيو ٺاهي عوام کي جذباتي ڪري پنهنجو سياسي فائدو حاصل ڪندا آهن.

پاپولزم جا بنيادي عنصر:

جذباتي نعرا: عوام کي مختصر ۽ پرجوش نعرا ڏئي انهن کي متاثر ڪيو وڃي.

اشرافيا خلاف موقف: اسٽيبلشمينٽ، طاقتور ادارن يا اشرافيه کي عوام جي مسئلن جو ذميوار قرار ڏنو وڃي.

عوام جي هجوم تي زور: عوام جي راءِ کي بنياد بڻائي سياسي موقف اختيار ڪيو وڃي.

پاپولزم جا فائدا:

  1. عوامي شعور جي واڌ: پاپولزم عوام کي سياسي طور تي وڌيڪ باشعور بڻائي ٿو. عوام جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اهو هڪ اهم پليٽ فارم بڻجي سگهي ٿو.

  2. اشرافيا جي گرفت کي ٽوڙڻ: اها سياست موجوده سياسي نظام ۾ طاقتور طبقن جي اجاراداري کي چئلينج ڪري ٿي.

  3. نون سياسي لاڙن جي پيداوار: پاپولزم روايتي سياست کان ٻاهر نڪري عوام کي نئين حل پيش ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو.

پاپولزم جا نقصان:

جذباتي استحصال: پاپولزم جي سياست عوام کي صرف جذباتي نعرا ڏئي حقيقتن کان پري رکي ٿي.

ادارتي ڪمزوري: پاپولزم اڪثر ادارن جي غير جانبداري کي نقصان پهچائيندو آهي.

سماجي تقسيم: اهو عوام ۾ ورهاست ۽ پولرائيزيشن پيدا ڪري ٿو.

حقيقي مسئلن کان ڌيان هٽائڻ: اصل سماجي ۽ اقتصادي مسئلن کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو ۽ عوام کي بي معنيٰ مسئلن ۾ الجهايو وڃي ٿو.

پاڪستان ۽ پاپولزم:

پاڪستان ۾ پاپولزم جي شروعات 2010 کانپوءِ تيزي سان ڏسڻ ۾ آئي هڪ اهڙي سياسي پارٽي اڀري جيڪا عوام کي “تبديلين” جا نعرا ڏئي اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان اقتدار ۾ آئي. انهن جذباتي نعرا اينٽي اسٽيبلشمينٽ موقف ۽ قومي جذبن کي بنياد بڻائي عوام جي حمايت حاصل ڪئي.

پاپولزم جا نتيجا:

معاشي مسئلا: پاپولزم جي سياست ۾ مختصر مدي وارا فيصلا ڪري عوام کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر انهن فيصلن جي ڊگهي مدي وارا نتيجا تباهه ڪندڙ ثابت ٿيا.

ادارتي بحران: سياسي پاپولزم ادارن جي پاڻ ۾ ويڙهه کي وڌايو جيڪو ملڪ ۾ استحڪام جي کوٽ پيدا ڪري ٿو.

عوامي ورهاست: سياسي نعرا ۽ پروپيگنڊا عوام کي مختلف گروپن ۾ ورهائي ڇڏيو جنهن سان سماجي هم آهنگي ختم ٿي.

اينٽي اسٽيبلشمينٽ موقف:

پاڪستان ۾ پاپولزم جي سياستدانن اسٽيبلشمينٽ خلاف موقف اختيار ڪري عوام کي جذباتي ڪيو، پر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ انهن ساڳين ادارن سان ملي اقتدار ۾ واڌ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙي صورتحال عوام لاءِ مايوسي ۽ نظام تي اعتماد جي کوٽ پيدا ڪئي.

عالمي پاپولزم جا مثال:

آمريڪا: ڊونلڊ ٽرمپ جيڪو آمريڪا ۾ پاپولزم جو وڏو مثال آهيMake America Great Again جهڙا نعرا ڏئي عوام کي پنهنجو حامي بڻايو، پر عملي طور تي ٽرمپ جي پاليسين آمريڪا ۾ ورهاست پيدا ڪئي ۽ عالمي سطح تي ملڪ جي شبيهه کي نقصان پهچايو.

ڀارت: نريندر مودي جي حڪومت ڀارت ۾ پاپولزم جو واضح مثال آهي جتي مذهبي ۽ قومي نعرا عوام کي متاثر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا. مودي حڪومت هندن کي مرڪز بڻائي مسلمانن خلاف نفرت ۽ تقسيم پيدا ڪئي ساڳئي وقت معيشت، تعليم ۽ صحت جهڙن اهم مسئلن کي نظر انداز ڪيو ويو.

يورپ: يورپ ۾ پڻ پاپولزم جو اثر واضح آهي جتي مهاجرن خلاف نعرا ۽ قومي سياست عوام کي متاثر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي. اٽلي، هنگري ۽ پولينڊ ۾ پاپولزم عوام کي مختلف گروپن ۾ ورهايو آهي.

پاپولزم ۽ انتهاپسندي:

پاپولزم اڪثر ڪري عوام کي انتهاپسند سوچ ڏانهن وٺي وڃي ٿو سياسي اڳواڻ عوام کي مذهبي قومي يا ثقافتي بنيادن تي جذباتي ڪري انهن کي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا، پاڪستان ۾ اهڙا واقعا ڏسڻ ۾ آيا آهن، جتي سياسي پارٽين عوام کي احتجاج لاءِ اڀاريو ۽ ادارن تي حملا ڪرايا.

پاپولزم سياست ۾ هڪ اهڙو عنصر آهي جيڪو جيڪڏهن صحيح نموني سان استعمال ڪيو وڃي ته اهو سماج ۾ مثبت تبديليون آڻي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن اهو جذبات، نفرت ۽ ورهاست تي ٻڌل هوندو ته اهو سماج ۽ نظام لاءِ هڪ خطرو بڻجي سگهي ٿو. عوام کي گهرجي ته اهي جذباتي نعرا ۽ پروپيگنڊا کان بچي حقيقتن تي ڌيان ڏين سياستدانن کان سوال ڪرڻ گهرجي ته انهن جي پاليسين سان اصل مسئلن جو حل ڪيئن ممڪن ٿيندو.

پاپولسٽ سياستدانن کي گهرجي ته اهي عوام جي جذبات سان کيڏڻ بدران حقيقي مسئلن کي حل ڪرڻ تي ڌيان ڏين صرف نعرن ۽ جذباتي تقريرن سان عوام کي متاثر ڪرڻ بدران عملي قدمن سان عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو وڃي.

پاپولزم سياست جو هڪ اهڙو رخ آهي جيڪو عوام جي طاقت کي اجاگر ڪري سگهي ٿو، پر ساڳئي وقت اهو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ان کي غلط استعمال ڪيو وڃي دنيا ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا تجربا ظاهر ڪن ٿا ته پاپولزم سماجي تقسيم ادارن جي ڪمزوري ۽ اصل مسئلن کان ڌيان هٽائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ان ڪري عوام کي گهرجي ته اهي شعور سان پنهنجا فيصلا ڪن ۽ قيادت کي ان لاءِ جوابده بڻائين ته انهن جي پاليسين سان سماج ۽ نظام تي ڪهڙو اثر پوندو.

***