قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 26-2025 لاءِ 17573 ارب رپين جي بجيٽ 10 جون 2025 تي پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ 6501 رپين جو خسارو ڏيکاريو ويو آهي. جڏهن ته ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 14131 ارب رپيا مقرر ڪيا ويا آهن ۽ پگهاردار طبقي لاءِ ٽيڪس ۾ سٺي ڇوٽ ڏني وئي آهي. دفاعي بجيٽ ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته فوجي آفيسرن ۽ سپاهين کي اسپيشل رليف الائونس به ملندو. هلندڙ مالي سال ۾ دفاعي بجيٽ لاءِ 2122 ارب رپيا رکيا ويا هئا، جيڪي هاڻي 2550 ارب رپين تائين پهچي ويندا، اهو دفاعي بجيٽ جي لاءِ هڪ تمام وڏو اضافو آهي، جنهن مان پاڪستان آرمي کي 1,165 ارب رپيا سڄي بجيٽ جو 45.9 سيڪڙو. جڏهن ته ايئرفورس کي 520.74 ارب ٽوٽل بجيٽ جو 20.4 سيڪڙو. نيوي کي 265.97 ارب سڄي بجيٽ جو 10.5 سيڪڙو. ان کان علاوه انٽر سروسز آرگنائيزيشن (ISOs) جو 498.11 ارب سڄي بجيٽ جو 19.5 سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي. پاڪستان جي ساليانه مالياتي بجيٽ جو وڏو حصو آرمي ۽ ٻين فورسز کي وڃي ٿو، ڇو ته وقت سان گڏوگڏ انهن جي سائيز ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ڊفينس بجيٽ کي وڌائڻ وقت جي ضرورت به آهي. ان کان علاوه آرمي ۾ پينشنز ۽ ترقياتي پروگرامن جو بجيٽ به وڌائڻ وقت جي ضرورت هوندو آهي.
جڏهن مالياتي بجيٽ 26-2025، جڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويو ته هميشه وانگر اپوزيشن ڌر سالياني بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو. هن ڀيري به پاڪستان آءِ ايم ايف کان قرض واري پروگرام اندر آهي، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هي بجيٽ به عوامي بجيٽ هجڻ جي بجاءِ آءِ ايم ايف جو بجيٽ آهي، جنهن جو اثر جيڪڏهن اسان ڏسون ته پاڪستان جي معاشيات تي ڪهڙو پوندو ۽ ان بجيٽ سان عام ماڻهن جي زندگيءَ تي ڪيترو مثبت اثر پوندو، ان جي لاءِ اسان کي ڪجهه ننڍين ننڍين شين کي ڏسڻو پوندو.
پهرين ڳالهه ته هي بجيٽ عوامي بجيٽ نه آهي. ڇو ته عوام جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ ڪي به وڏا فلاحي قدم کڻڻ جي لاءِ هن بجيٽ ۾ ڪابه گنجائش نه رکي وئي آهي. ها ايترو ضرور آهي ته مزدور جون اجرتون 32 هزار مان وڌائي 37 هزار ماهوار ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه پگهاردار طبقو گريڊ-1 کان 16 تائين جيڪو غريب طبقي ۾ شامل ٿئي ٿو انهن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن سان يقينن ان طبقي جي ماڻهن کي سٺو رليف ملندو. ان کان علاوه پينشن حاصل ڪندڙ رٽائرڊ ماڻهن کي 15 سيڪڙو پينشن ۾ اضافو ڏنو ويو آهي. جنهن جو فائدو به تقريبن گهٽ انڪم وارن ماڻهن کي پوندو.
ان کان علاوه بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم به 466 ارب رپين مان وڌائي 592-593 ارب رپيا ڪئي وئي آهي، جنهن سان ان پروگرام ۾ وڌيڪ غريب عورتن کي فائدو پهچي سگهندو. ان کان علاوه ٽيڪس رليف ۾ 50 هزار رپيا ماهوار ڪمائيندڙ کي انڪم ٽيڪس جي نيٽ مان آجو ڪيو ويو آهي، هاڻي 60 هزار کان وٺي هڪ لک رپيا ماهوار ڪمائڻ وارن ماڻهن مٿان 5 سيڪڙو ٽيڪس مان گهٽ ڪري هڪ سيڪڙو ڪيو ويو آهي، جيڪو هن سليب ۾ ايندڙ ماڻهن جي لاءِ هڪ وڏو فائدو آهي. عام طور تي عوام ۽ واپاري طبقي جي دلچسپي ان ڳالهه ۾ هوندي آهي ته ڪيتريون شيون مهانگيون ٿيون ۽ ڪيتريون شيون سستيون ٿيون آهن. ان جي لاءِ اسان جي بجيٽ ۾ جن شين ۾ اضافو ٿيو آهي انهن کي ڏسڻ جي ضرورت آهي.
نئين بجيٽ جي مطابق سولر پينل، پيٽرول، گاڏيون، ڪينولا آئل، بجليءَ تي هلندڙ پکا، ٻاهران کان آيل مشروبات، ميڊيڪل جا اوزار، چاڪليٽ ۽ ٻيون شيون مهانگيون ٿيون آهن. نئين مالياتي سال تحت 850 سي سي تائين گاڏيون مهانگيون ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پراڻيون گاڏيون سستيون ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ بجيٽ ۾ 5 سال پراڻين گاڏين جي درآمد ۽ ڊيوٽي مرحليوار ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ماحولياتي تبديلي جي ڪري ملڪ جي چئني صوبن ۾ موسم تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي، گرمي پد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ بجلي جي بلن ۾ تمام تيزيءَ سان واڌ جي ڪري عوام سولر پينل تي پنهنجي ذاتي سيڙپ ڪري پنهنجون بچتون لڳائي پنهنجا سولر سسٽم لڳائي رهي آهي.
هجڻ ته ايئن گهرجي ها ته سرڪار وڏا وڏا سولر منصوبا لڳائي سستي بجلي پيدا ڪري عوام کي 24 ڪلاڪ بجلي مهيا ڪري ها، پر اسان جي نااهل حڪومت يا ايئن کڻي چئجي ته نااهل مالي مشير حڪومت کي صحيح صلاحون ڏيڻ جي بجاءِ عوام جي مٿان هڪ نئون ٽيڪس مڙهي ان ڳالهه جو ثبوت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته حڪومت نٿي چاهي ته عوام ڪنهن به طريقي سان توانائي حاصل ڪري پنهنجي زندگيءَ ۾ خوشحالي آڻي سگهي ۽ سولر سسٽم جي خريداري تي عوام جي اندر هڪ قسم جي رنڊڪ وجهي ان کي مهانگو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنهن مان حڪومت جي بدنيتي ظاهر ٿئي ٿي، ڇو ته بجلي مهانگي هجڻ جي ڪري جيڪي ماڻهو ان مصيبت مان جان ڇڏائي رهيا آهن اهي واپڊا جي بجليءَ جو استعمال ترڪ ڪري رهيا آهن ۽ حڪومت جي لاءِ اها هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال بڻجي وئي آهي.
ٻين سڀني شين سان گڏوگڏ نان فائلر ماڻهن جي لاءِ به ڪافي رڪاوٽون کڙيون ڪيون ويون آهن، هاڻي نان فائلر ڪابه گاڏي يا ملڪيت خريد نه ڪري سگهندا ۽ نه ئي ڪنهن بينڪ ۾ اڪائونٽ کولرائي سگهندا. ان لاءِ ضروري آهي ته حڪومت کي عوام تائين ان پيغام کي بهتر نموني پهچائڻ گهرجي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو پنهنجا گوشوارا داخل ڪري سگهن ۽ فائلر جي لسٽ ۾ شامل ٿي پنهنجي ملڪي معيشت کي شفاف بنائڻ ۾ حڪومت جي مدد ڪري سگهن. ايندڙ مالي سال لاءِ سکر- حيدرآباد موٽروي لاءِ 15 ارب رپيا رکيا ويا آهن ۽ گڏوگڏ ٿر جي ريلوي پروجيڪٽ کي بروقت مڪمل ڪرڻ لاءِ 7 ارب رپيا رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
نوجوانن کي فني تربيت ڏيڻ لاءِ 4.3 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جنهن سان يوٿ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام تحت هڪ لک 61 هزار نوجوانن کي فني تربيت ڏني ويندي. ان پروگرام تحت سنڌ جي علائقن ۾ 8 نوان آءِ. ٽي سينٽر قائم ڪيا ويندا، جنهن جي لاءِ نوجوانن کي متحرڪ ڪري انهن پروگرامن تائين رسائي ڏيڻ جي به اشد ضرورت آهي. نئين بجيٽ اسان جي ملڪ جي واپاري طبقي کي مايوس ڪيو آهي. فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اڳوڻي صدر ميان انجم نثار وفاقي بجيٽ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هن بجيٽ ۾ واپارين کي ڪابه صحيح ۽ واضح ڊائريڪشن نه ڏني وئي آهي. سندس چوڻ هو ته ٽيڪسٽائل جي پرڏيهه برآمدات 19 ارب کان مٿي ڇو نه وئي؟ اهو هڪ سوال آهي. صنعت نه لڳندي ته ماڻهن کي نوڪريون به نه ملي سگهنديون. مطلب ته هي بجيٽ هميشه وانگر ڪجهه ماڻهن جي لاءِ ڪجهه سرهائي ته ڪجهه ماڻهن لاءِ ارهائي به کڻي آئي آهي. اسان سڀني کي گڏجي ڪوشش اها ڪرڻي آهي ته اسين پنهنجي معاشيات کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ وقت ۽ حالتن جي حساب سان پنهنجين زندگين ۾ تبديلي آڻي جيڪي موقعا اسان جي اڳيان اچن ٿا انهن مان وڌ ۾ وڌ فائدا حاصل ڪريون ۽ پنهنجين زندگين کي ۽ پنهنجي ملڪ جي معاشي نظام کي مضبوط ڪرڻ ۾ حڪومت جو هٿ ونڊايون.