بلاگخاصنئون

هڪ نئين سياسي پارٽي

چون ٿا ته طاقتور ملڪن جون ملڪي خاص طور سياسي اقتصادي پاليسيون ڊگهي عرصي لاءِ جوڙيون وڃن ٿيون، حڪومت ۾ ڪهڙيون به پارٽيون اچن يا وڃن، انتظاميه ۽ عدليه ۾ ڪيتريون به تبديليون ٿين، پر پاليسيون جاري ۽ ساري رهن ٿيون، مڪمل ٿين ٿيون. اهي ملڪ ترقيءَ جا ڏاڪا تيزيءَ سان چڙهندي پنهنجي ملڪ ۽ عوام لاءِ سک ۽ سهولتون مهيا ڪندا رهن ٿا. اصل ۾ انهن ملڪن جا حڪمران، سياستدان، مختلف هنرن ۽ علمن جا ماهر، عوام، قومن ۽ ملڪن سان سچو پيار ڪن ٿا ۽ وفادار رهن ٿا. نتيجي ۾ انفرادي ۽ اجتماعي اختلافن کي ملڪي مفاد جي خلاف استعمال نٿا ڪن.
ٻئي طرف پياري پاڪستان جي اندر شروع وارن ڏينهن کان عوام ۽ رياست جي وچ ۾ وڌيل وٿي وڌندي رهي ٿي، نه هاڻي رياست کي ملڪ ۽ عوام جو اونو آهي نه عوام کي رياست جو. سماج ۾ ملڪي ۽ بين الاقوامي سوشل ميڊيا جي پکڙجڻ سان جيڪو ٿورو گهڻو ضمير يا شرم هو اهو به ڪفن پائي مري وڃڻ جو روز ڍنڍورو ڏيئي رهيو آهي. اڳ اخبار يا ريڊيي جي ننڍي خبر وسوارن کي به پريشان ڪري ڇڏيندي هئي. اڄ بي حيائي، بدعنواني، بي انصافي ۽ بداخلاقي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ملڪان ملڪ وائکي ٿئي ٿي ته اڳلا ڇاتي ٺوڪي فخر ڪن ٿا.
بلڪه پنهنجي اهڙن شهرن ۽ دهشت کي قائم رکڻ لاءِ سڀ حدون لتاڙي وڃن ٿا. بي شرميءَ جي انتها ته اها آهي جو اهڙن بي ضميرن جو اولاد به اهڙن ڪمن تي خوش ٿئي ٿو، بلڪه پنهنجي مائٽن کي انهن ڪڌن ڪمن جو احساس ڏيارڻ بجاءِ انهن سان ان ڳالهه تي ناراض ٿين ٿا ته هو ڦرلٽ ۾ پوئتي ڇو آهن! ڪٿي دولت جي ڊوڙ، عياشين ۽ سماجي حيثيت ۾ پٺتي نه رهجي وڃن. اسان وٽ سڀ منصوبا سڀ پاليسيون صرف ۽ صرف اهڙن ئي ڪڌن ڪمن کي پوري ڪرڻ لاءِ جوڙيا وڃن ٿا ۽ واڳ ڌڻين جي تبديليءَ سان سڀ پاليسيون ۽ منصوبا مٽبا سٽبا، کلندا ۽ بند ٿيندا رهن ٿا. انهن منصبوبن ۽ پاليسين کي اهو ظاهر ڪرڻ لاءِ ته اهي عوامي آهن، سياسي حڪومتون ٺاهيون ۽ ڊاهيون وڃن ٿيون. جيئن ته بين الاقوامي طاقتون پنهنجي عوام آڏو جوابده آهن. جنهنڪري نه صرف پنهنجي ملڪن ۾ جمهوريت، انصاف، روزگار، تعليم، صحت ۽ اظهار جي آزادي ۽ قانون سڀ لاءِ برابر کي يقيني بڻائين ٿا، پر پنهنجي عوام کي اهو يقين ڏيارڻ لاءِ جتن ڪن ٿا ته هو دنيا ۾ ڪنهن ڊڪٽيٽر جي نه پر جمهوريت ۽ سياسي حڪومت جي حمايت ۽ مدد ڪن ٿا ۽ ان لاءِ پنهنجا سفارتي وسيلا استعمال ڪن ٿا. اسان وٽ نام نهاد ۽ ڊرامائي سياسي حڪومتن هجڻ جو هڪ بنيادي سبب اهو به آهي، ڇو ته واڳ ڌڻي صرف ۽ صرف انهن کي انڪار نٿا ڪري سگهن، ڇو ته هنن جي اڳيان پاڻ کي هيڻو محسوس ڪن ٿا. اڄڪلهه اهو سڄو ڊرامو اڪثريت آبادي نه صرف سمجهي ٿي، پر وقتي مفادن ۽ مجبورين ڪري ان ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار به ادا ڪري ٿي. ڇو ته هيڏن عذابن ۽ بکن ڏکن ۾ ڄمندي مرندي عوام ڀلي ڀت هر ڳالهه سمجهي ٿو ته هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪو چور، ڪو صادق ۽ امين، ڪو غدار، ملڪ دشمن، دشمن جو ڇاڙتو ۽ وري ٻئي ڏينهن ان جي ابتڙ ڪيئن ثابت ٿئي ٿو.
سياست جي علم جي روشني ۾ ڏسجي ته پياري پاڪستان جي ڪابه سياسي پارٽي، سياسي پارٽيءَ جي تعريف ۽ گهرجن تي پورو نٿي لهي ۽ نه وري هنن کي ان جي ڪا پرواهه آهي. جيستائين نظرياتي هجڻ جي ڳالهه آهي ته صرف “ڪميونسٽ پارٽي” ۽ “جماعت اسلامي” ئي اهو ليبل لڳائي سگهي ٿي، باقي سياسي پارٽيءَ جي مڪمل پورائي ته اهي به نٿا ڪن، جيستائين آئين ۽ منشور جي ڳالهه آهي ته پارليامينٽ تائين پهچڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جو پورائو ڪندي لڳ ڀڳ سڀني جا آئين ۽ منشور ساڳيا آهن، جن کي نقل ڪندڙ ۽ ڪمپوز ڪندڙ کان علاوه ڪوبه نه پڙهندو آهي. واڳ ڌڻين جي خواهشن کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پوري ڪرڻ لاءِ شروع شروع ۾ مسلم ليگ جي ئي نالي ۾ پارٽيون جوڙيون ويون. ڇو ته عوام ڊگهو عرصو ان نشي جي اثر ۾ هو. اڄ به گهٽ ۾ گهٽ ڊزن کن مسلم ليگي آهن. ها ڪو وقت هو جو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي عوام دوست سمجهيو ويندو هو، جنهن کي هڪ پراڻي منصوبي تحت سنڌ صوبي تائين محدود ڪيو ويو آهي. ان پراڻي منصوبي ۾ ٻين ڳالهين کان علاوه ان ڳالهه کي به اهميت ڏنل آهي ته ملڪي سطح تي ڪنهن کي به هڪ حد کان وڌيڪ مقبول ٿيڻ ناهي ڏيڻو ۽ ڏور پنهنجي ئي هٿ ۾ رکڻي آهي. سڀني جي سامهون آهي ته سياسي پارٽين کي علائقا ورهائي ڏنا ويا ۽ سڀني فرمانبرادري ڪندي ان معاهدي جي خلاف ورزي نه ڪئي. ان منصوبي جو ايندڙ مرحلو آهي ته صوبائي ۽ علائقائي سطح تي اهو ساڳيو منصوبو ورجايو وڃي ٿو، بلڪه اهو به سڀني جي سامهون آهي، ان جي ڪيترن ئي فائدن مان وڏو فائدو اهو آهي ته سوديبازي ۾ آساني رهي ٿي ۽ ڪنهن به حڪومت ۽ پارٽيءَ کي بنا وقت ضايع ڪئي آڱرين تي نچائڻ جو مزو ماڻي سگهجي ٿو. ان ئي منصوبي جي هڪ گهرج اها به آهي ته وڌ ۾ وڌ سياسي پارٽيون پيدا ڪجن، جيترو ممڪن ٿئي پراڻين پارٽين جا حصا ڪجن نه ته به انهن مان هر حال ۾ وفادار رهڻ تي مشتمل نيون پارٽيون جوڙجن جن جي واڳ پاڻ وٽ رکي انهن پراڻن پاپين کي انهن پارٽين تي قابض رکجي ۽ انهن پارٽين کي نئين هوا به لڳڻ نه ڏجي، نئين سوچ کي داخل ٿيڻ جا رستا به بند ڪجن، نئين رت کان به ان کي بچائجي. جڏهن ته دهشتگرد ۽ مذهبي ٽولن لاءِ وري ٻيا پر فائديمند منصوبا جوڙيل آهن، ان ئي منصوبي ۽ رستي تي هلندي اسان ڏٺو ته “تحريڪ انصاف” مان تحريڪ انصاف گلالئي کان علاوه گهڻيون پارٽيون ٺاهيون ويون. انهن جي ۽ ٻين جي موٽ ڏسڻ لاءِ وري ان ئي منصوبي جي ٻولي ڳالهائيندي شيخ رشيد دعويٰ ڪندو رهندو هو ته ان مان ش ۽ م نڪرندي. ڇو ته هنن جي اڳيان پاڻ کي هيڻو محسوس ڪن ٿا. ڪجهه سياسي شخصيتن کي ڪنهن نئين پارٽي جوڙڻ لاءِ انتظار ڪرايو ويو جيڪي رڙهي رڙهي هاڻي اعلان ڪرڻ جي اجازت جي انتظار ۾ آهن.
سوال اهو آهي ته ڇا هن ملڪ کي نئين سياسي پارٽيءَ جي ضرورت آهي، جي ها ته پوءِ ان جي اڏاوت ڪهڙي هجڻ گهرجي؟ اها ڪهڙين ڳالهين تي زباني نه پر عملي مظاهرو ڪري، ان جو منشور ۽ آئين ڪهڙين ڳالهين جي ضمانت ڏئي؟ ڇا نئين جڙندڙ پارٽي اهڙو ڪو عملي اظهار يا ڪوشش ڪئي آهي؟ جي نه ته پوءِ اها پارٽي به عوام لاءِ هڪ نئون ڦاهيءَ جو ڦندو ثابت ٿيندي ۽ واڳ ڌڻين جي استعمال، ڦرلٽ، نا انصافي جي مشين جو هڪ جديد ڪارائتو پرزو ٿي ڪم ڪندي.
جيستائين هن ملڪ ۾ عوام دوست سياسي پارٽيءَ جي ضرورت جو سوال آهي ته ان جو سادو جواب اهو آهي ته موجوده پارٽين مان ڪنهن به انقلاب، انصاف، ترقي، امن ۽ قانون جي بالادستيءَ جي اميد نٿي ڪري سگهجي. هڪ ته اهي مڙئي پارٽيون اقتدار جا مزا ماڻي چڪيون آهن ۽ سندن حڪومت بيروزگاري، ڦرلٽ، ملڪي وسيلن جي ناجائز وڪري، بدامني ۽ خرچن کانسواءِ ڇا ڏنو آهي. پڇ لٽڪائو ڪارڪردگي عوام اڳيان چٽي آهي. ملڪ اندر ته ڇا، پر پنهنجي پنهنجي پارٽيءَ جي اندر به جمهوريت ۽ اهليت جي قدر کي آڻڻ جي ڪوشش بجاءِ لتاڙيو آهي ته اهڙي صورت ۾ اهي عوام دوست نه پر عوام دشمن ئي ثابت ٿيون آهن. جڏهن ته هن ملڪ سندن عوام دشمني کي حقيقي انقلاب جي سخت ضرورت آهي. جنهن وسيلي سموري مشينري کي تبديل ڪري حقيقي معنيٰ ۾ جمهوريت، امن امان قائم ٿئي، روزگار جا وسيلا بحال ٿين، قانون ۽ انصاف حقيقي معنائن ۾ نافذ ٿئي، استحصال ۽ استحصالي طبقن جو احتساب ٿئي، عوام ۾ ساهه ۽ ويساهه پئي، سندن بنيادي ۽ جائز حق ملن، مفت خوري ختم ٿئي ۽ محنت ڪش کي پوري اجوري سان گڏ عزت ملي.
هاڻي هڪ نظر وجهون ٿا نئين جڙندڙ پارٽيءَ تي. ڪنهن به ماڻهو، گروهه، حڪومت مان اميد ان جي حرڪت، اعمالن ۽ افعالن مان ئي لڳائي سگهجي ٿي. ظاهر آهي ته جيڪا سوچ هوندي، جيڪا منصوبابندي هوندي، ته اهڙا ئي ڪم ڪبا. اها پارٽي جوڙيندڙ مختلف پارٽين مان آيل سياسي وڏيرا موجود پارٽين تي تنقيد ته ڪن ٿا انهن جا عيب ملڪي مفادن خلاف سندن سمجهوتي بازي جي ڳالهه ڪن ٿا ۽ چوندا وتن ٿا ته سندن پارٽي عوام جو مقدمو کڻي ايندي ۽ اهڙي پارٽِي هوندي جيڪا عوام جي مفادن وٽان هوندي، صرف عوام جي ڳالهه ڪندي ۽ عوامي خوشحالي آڻيندي، پر ٿلهي يا سنهي ليکي انهن جي اعمالن ۽ افعالن کي ڏسجي ته ان حوالي سان نه صرف عوام جي توجهه وٺڻ جي ڪا ڪوشش نه ڪئي وئي آهي نه ئي وري ڪو عوام جو عمل دخل نظر اچي ٿو. ڪنهن به سطح تي نه عوام سان ڪو رابطو ڪيو ويو آهي نه وري ان کي دعوت ڏني وئي آهي. حالانڪه سوشل ميڊيا جي دور ۾ عوام سان رابطو انهن کي پاڻ سان ملائڻ ۽ انهن جي راءِ وٺڻ تمام سولو آهي، جي عوام جو مقدمو وڙهڻو آهي ته نه صرف عوام جو شامل هجڻ ضروري آهي بلڪه ان جي قيادت ۽ شعوري اڳواڻي اوس ضروري آهي، اهو بغير عوام جي پيش نٿو ڪري سگهجي ۽ وڙهڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. عوام جي شرڪت کان علاوه تنظيم ۽ ان لاءِ سياسي ڪارڪن سياسي پارٽي جو هڪ ٻيو اهم ضروري حصو آهي ۽ ان سان رابطو به في الحال ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. حالانڪه هتي تمام وڏي تعداد ۾ ايماندار ۽ عملي سياسي ڪارڪن مختلف سببن جي ڪري چپ ويٺا آهن. ڪي بنهه مايوس آهن ته ڪي ڪنهن حقيقي سياسي پارٽيءَ جي انتظار ۾ آهن. انهن سان ويجهو رابطو قائم ڪري کين جوڙي سگهجي ٿو. اهڙي ئي طرح ڪنهن به نظريي يا منصوبي خاص طور ڪنهن فعال سياسي پارٽيءَ لاءِ زندگيءَ جي مختلف شعبن جي ماهرن ۽ عالمن جي سخت ضرورت هوندي آهي، جيڪي مجموعي مستقل پاليسي جوڙين ۽ وقتي پيدا ٿيندڙ معاملن تي سائنسي انداز سان پارٽي موقف جوڙين ۽ جوڙڻ ۾ مددگار ثابت ٿين، پر هتي ان حوالي سان به ٻين پارٽين وارو بدبودار رويو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته متان اهي دانشور پارٽيءَ تي قبضو ڪري وڃن، يقينن واڳ ڌڻين جي اجازت کانسواءِ هي به ڪو قدم کڻڻ نٿا چاهين. ان ڪري عوام ايڏانهن ڏسڻ بجاءِ پاڻ تي ڀاڙين، پاڻ مان قيادت اڀارين جيڪا نه صرف عوام جا مسئلا سمجهي، پر ان کي حل ڪرڻ جا ايماندراڻه اپاءُ به وٺي. ان لاءِ سياسي تعليم، تنظيم، صبر ۽ هڪٻئي تي اعتماد جي سخت ضرورت آهي. ٻي صورت ۾ اها اڻاٺ ايئن ئي هلندي رهندي.