انساني تهذيب جي شروعات کان وٺي درياءَ زندگيءَ جو سرچشمو رهيا آهن. اهي زرخيزي، زراعت، واپار، پاڻيءَ جي فراهمي ۽ تمدن جي قيام لاءِ بنيادي اهميت رکندڙ رهيا آهن، پر ساڳي وقت درياءَ پنهنجن ٻوڏن، طوفانن ۽ بي قابو وهڪرن سبب انسان لاءِ خطري جو باعث به بڻيا آهن. انساني ذهن ۾ هميشه اهو سوال رهيو آهي ته ڇا دريائن کي قابو ڪرڻ لاءِ ڊيم اڏڻ دانشمندي آهي يا بيوقوفي؟ هي سوال هزارين سالن کان بحث هيٺ رهيو آهي ۽ اڄ به انساني سماج لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. تاريخي تجزيي ۽ موجوده تجربن مان خبر پوي ٿي ته ڊيم جا فائدا ضرور آهن، پر انهن جا وڏا ۽ ڊگهي عرصي جا نقصان به سامهون اچن ٿا.
قديم مصر ۾ نيل درياءَ انساني زندگيءَ جو بنياد هو. هر سال ايندڙ ٻوڏون زرخيز مٽي کڻي اينديون هيون ۽ زراعت لاءِ نئون دور کولي ڏينديون هيون، پر جڏهن پاڻيءَ جو سطح ضرورت کان وڌي ويندو هو ته ڳوٺ ۽ فصل ٻڏي ويندا هئا. مصري حڪمرانن درياءَ کي قابو ڪرڻ لاءِ بند ۽ واهه ٺاهڻ شروع ڪيا. عارضي طور تي انهن سان زراعت ۾ سهولت ٿي، پر ڊگهي عرصي ۾ نيل جي قدرتي زرخيز مٽي وهڻ بند ٿي وئي ۽ زمين پنهنجي فطري پيداوار وڃائي ويٺي. اهڙي صورتحال بين النهرين ۾ به ڏسڻ ۾ آئي، جتي دجله ۽ فرات کي بندن ۽ واهن ذريعي قابو ڪيو ويو. سميري، بابل ۽ اشوري حڪمرانن لاءِ اهو ترقيءَ جو ذريعو هو، پر پاڻيءَ جي بي قاعده استعمال سان مٽيءَ ۾ لوڻ وڌي ويو ۽ زرخيز زمين آهستي آهستي بنجر بڻجي وئي. اهوئي سبب هو جو انهن تهذيبن پنهنجي زوال ڏانهن رخ ڪيو. سنڌو ماٿريءَ ۾ به درياءَ کي قابو ڪرڻ جا تجربا ٿيا. سنڌو درياءَ ۽ ان جا وهڪرا ماڻهن لاءِ زراعت ۽ زندگيءَ جا اهم ذريعو هئا. ابتدائي بندن ۽ واهن سان فصلن کي فائدو ٿيو، پر جيئن ئي وهڪري ۾ گهڻي مداخلت ڪئي وئي، ٻوڏون ۽ پاڻيءَ جي کوٽ ٻئي مسئلا بڻجي ويا. موهن جو دڙو ۽ هڙاپا جهڙا وڏا شهر پاڻيءَ جي بي قاعدگي سبب زوال پذير ٿيا. چين ۾ به پيلي درياءَ کي “ڏک جو درياءَ” چيو ويندو هو. ان جون ٻوڏون بار بار انساني زندگين کي اجاڙي ڇڏينديون هيون. حڪمران ڊيم ۽ بند ٺاهيندا هئا، پر جڏهن به اهي ڀڄي پوندا هئا ته انساني تباهي عام ٻوڏ کان به وڌيڪ هوندي هئي.
اسلامي دور ۾ به پاڻيءَ کي قابو ڪرڻ لاءِ نظام ٺاهيا ويا. اندلس ۾ عربن ننڍڙا ڊيم ۽ آبپاشي جا نظام ٺاهيا، جيڪي قدرتي وهڪري سان توازن ۾ هئا. ان سان زراعت وڌي ۽ آباديون خوشحال ٿيون، پر ماحول کي وڏو نقصان نه پهتو. اهو مثال ڏيکاري ٿو ته جڏهن به انسان فطرت سان گڏجي هلندو آهي ۽ اعتدال اختيار ڪندو آهي، تڏهن ڊيم فائدي جو ذريعو بڻبا آهن. صنعتڪاريءَ جي دور ۾ ڊيم ترقيءَ جي علامت بڻجي ويا. مصر ۾ اسوان ڊيم، آمريڪا ۾ هوور ڊيم، چين ۾ ٿري گورجز ڊيم ۽ پاڪستان ۾ تربيلا ۽ منگلا ڊيم انهن مثالن مان آهن. انهن منصوبن سان بجلي پيدا ٿيڻ لڳي، زراعت کي پاڻي مليو ۽ شهرن کي ٻوڏ کان بچاءُ ٿيو، پر انهن جا منفي اثر به سامهون آيا. مصر ۾ اسوان ڊيم جي ڪري نيل جي زرخيز مٽي وهڻ بند ٿي وئي ۽ زرخيزي گهٽجي وئي. چين ۾ ٿري گورجز ڊيم جي ڪري لڳ ڀڳ 13 لک ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي ويا ۽ بيشمار قديم ماڳ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. پاڪستان ۾ ڊيم اڏڻ سان زراعت کي فائدو ٿيو، پر سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ وڌي وئي، سامونڊي پاڻي اندر گهڙي آيو ۽ هزارين ايڪڙ زمين تباهه ٿي وئي. هاڻي جيڪڏهن ڊيم جا فائدا ڏسجن ته اهي بجلي پيدا ڪن ٿا، پاڻي محفوظ ڪن ٿا، زراعت کي وڌائين ٿا ۽ ٻوڏ کان بچاءُ ڏين ٿا، پر ساڳئي وقت انهن جا وڏا نقصان به آهن. ڊيم دريائن جي قدرتي وهڪري کي ٽوڙي ڇڏين ٿا، جنهن سان هيٺانهين علائقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿي وڃي ٿي. آبي حياتيات تباهه ٿين ٿيون، مڇين جا نسل ختم ٿي وڃن ٿا ۽ ماحولياتي توازن بگڙي وڃي ٿو. انساني لڏپلاڻ هڪ وڏو مسئلو بڻجي ٿو. ڇاڪاڻ ته وڏي ڊيم منصوبي لاءِ لکين ماڻهن کي پنهنجا گهر ڇڏڻا پون ٿا. تاريخي ۽ ثقافتي ماڳ به پاڻيءَ هيٺ اچي وڃن ٿا. ان کان علاوه ڊيم جي ڀڄڻ سان جيڪا تباهي اچي ٿي، اها عام ٻوڏ کان وڌيڪ خطرناڪ هوندي آهي. سڀ کان وڏو نقصان زرخيزيءَ ۾ گهٽتائي آهي. درياءَ فطري طور مٽيءَ ۽ معدنيات کي وهائي کڻي ايندا آهن، جيڪي زمين لاءِ قدرستي ڀاڻ جو ڪم ڏين ٿا. ڊيم انهن کي روڪي ڇڏين ٿا، جنهن سان زمين پوک لاءِ ڪمزور ٿي وڃي ٿي. ٻيو وڏو نقصان پاڻيءَ جي بي قاعده ورهاست آهي، جنهن سان علاقائي ۽ سياسي تڪرار پيدا ٿين ٿا. هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پاڻيءَ جا تڪرار ڊيم سبب ئي پيدا ٿيا. ساڳي طرح مصر، سوڊان ۽ ايٿوپيا وچ ۾ به ڊيم هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهي. اقتصادي لحاظ کان به ڊيم وڏو بار آهن. انهن تي اربين ڊالر خرچ ٿين ٿا، جيڪي ڪيترائي ملڪ قرض طور وٺن ٿا. ڪيترائي دفعا ڊيم ايترو فائدو نٿا ڏين، جيترو انهن تي خرچ ٿئي ٿو. ان سان گڏوگڏ ڊيم جا وڏا ذخيرا گرين هائوس گيسز ڇڏين ٿا، جيڪي گرمي پد وڌائين ٿا ۽ ماحولياتي تبديليءَ ۾ اضافو ڪن ٿا. تاريخي ۽ موجوده حالتن مان سکڻ گهرجي ته ڊيم نه مڪمل دانشمندي آهن ۽ نه مڪمل بيوقوفي.
اصل ڳالهه اها آهي ته ڊيم اڏڻ وقت فطرت جي قانونن جو احترام ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڊيم ضرورت کان وڌيڪ اڏيا وڃن، درياءَ کي مڪمل طور تي روڪيو وڃي ۽ ماحولياتي توازن کي نظرانداز ڪيو وڃي ته اها وڏي بيوقوفي آهي، پر جيڪڏهن ڊيم محدود پيماني تي، توازن سان ۽ ماحولياتي اثرن کي نظر ۾ رکندي اڏيا وڃن ته اهي انسان جي ترقي لاءِ ڪارآمد بڻجي سگهن ٿا. نتيجي طور چئي سگهجي ٿو ته دريائن مٿان ڊيم اڏڻ هڪ اهڙو عمل آهي، جيڪو تاريخ ۾ ترقيءَ ۽ تباهي ٻنهي جا مثال ڏئي چڪو آهي. جتي انسان اعتدال سان ڪم ڪيو، اتي ڊيم ترقيءَ جو ذريعو بڻيا ۽ جتي فطرت کي مڪمل طور تي موڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اتي تباهي آئي. حقيقي دانشمندي اها آهي ته انسان پنهنجي ضرورتن کي فطرت جي وهڪري سان هم آهنگ ڪري، فطرت کي زبردستي پنهنجي مرضيءَ سان هلائڻ جي ڪوشش نه ڪري، ان سان انساني تهذيب به بچي ويندي ۽ فطرت به راضي رهندي.