بلاگخاصنئون

عيدالاضحيٰ جو تهوار ۽ ملڪي معيشت ۾ لائيو اسٽاڪ جو حصو

عيدالاضحيٰ ذوالحج جي 10 تاريخ تي سڄي اسلامي دنيا ۾ ملهائي وڃي ٿي. مسلمان ڪعبت الله ۾ حج جي تڪميل کانپوءِ عيد ڪن ٿا. وڏي عيد جو اهو تهوار پاڪستان ۾ به وڏي پئماني تي ملهايو وڃي ٿو ۽ خدا جي راهه ۾ قرباني ڪئي وڃي ٿي، خوشيون ملهايون وڃن ٿيون. هن عيد جي اچڻ کان اڳ جيئن اسان وٽ رواج آهي ته واپارين هٿرادو مهانگائي ڪئي آهي. جنهن ۾ عام استعمال جون شيون اناج، ڀاڄين ۽ مصالحن جي قيمتن ۾ هٿ ٺوڪي واڌ ڪئي وئي آهي. ڇاڪاڻ جو عام پاڪستاني الله جي راهه ۾ حلال جانور جي قربانيءَ کانپوءِ ان جي گوشت کي مستحقين ۾ ورهائي ٿو. تڏهن جن شين جي کاڌي جي رد پچاءُ ۾ ضرورت پوي ٿي انهن کي هٿ وٺي مهانگو ڪيو ويو آهي.
ان موقعي تي شماريات واري اداري پاڪستان ۾ جيڪي مهانگائي جا اشاريه جاري ڪيا آهن انهن جي مطابق عيدالاضحيٰ کان پهرين مهانگائي جي شرح ۾ 1.30 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. سڄي دنيا ۾ ايئن به آهي ته تهوارن جي موقعي تي شين کي سستو ڪيو ويندو آهي ته جيئن ماڻهو تهوار جي موقعي تي وڌ ۾ وڌ خريداري ڪن ۽ خوشيون هڪٻئي سان ورهائين، پر افسوس آهي جو اسان وٽ هر اهڙي موقعي تي جڏهن خوشيءَ جو امڪان آهي تڏهن ڪجهه خود غرض ماڻهو اها ڪوشش ڪن ٿا ته ماڻهن جي خوشين کي گهٽ ڪجي، پر عيد جا ٻه ٽي ڏينهن گذري ويندا ۽ پاڪستان جو عوام زنده دل آهي ۽ اهو خوشي ۽ خريد جي موقعي کي هٿان ڪونه وڃائيندو آهي ۽ هيءَ عيد به پاڪستان جو عوام پنهنجي خوشي ۽ خريد سان اڳي کان به بهتر ڪندو. جيئن ته اسين وري به چوندا هلون ته عيد جا ٻه تهوار آهن، عيدالفطر ۽ عيدالاضحيٰ. اسان جا غريب توڙي شاهوڪار ماڻهو پنهنجي دل سان ٻئي تهوار ملهائيندا رهيا آهن، اها اسان جي روايت به آهي ۽ اسان جي ايمان جو حصو به آهي. هتي اسين سڀ کان اهم ڳالهه ٿا ڪريون ته قربانيءَ جي عيد اسان جو تهوار ته آهي، پر ملڪ جي وڏي معاشي سرگرميءَ سان به اهو تهوار لاڳاپيل آهي. ملڪ ۾ قربانيءَ لاءِ لکن جي تعداد ۾ جانور قربان ڪيا وڃن ٿا. انهن جانورن جي پالنا جيڪي ڀاڳيا ڪن ٿا اهي لائيو اسٽاڪ جي ملڪ گير ڪاروبار سان لاڳاپيل آهن. 12 مهينا ماڻهو گابا، پاڏا، ٻڪر، رڍون، مينهون، ڍڳيون پاليندا آهن. ملڪ جو وڏو حصو جيڪو زراعت سان لاڳاپيل آهي انهيءَ طبقي جو هڪ حصو لائيو اسٽاڪ جي ڪاروبار سان به لاڳاپيل آهي. اهي جانورن تي پنهنجي سيڙپ ڪن ٿا ۽ ملڪ ۾ انهن جانورن جي کاڌي ۽ دوائن جي صنعت به انهيءَ سان لاڳاپيل آهي، جن سان به لکين ماڻهو لاڳاپيل آهن. سڌي ڳالهه ڪجي ته مال جي پالنا زرعي شعبي کانپوءِ ملڪ جو ترقي ڪندڙ وڏو شعبو آهي. ملڪ جي جي ڊي پي ۾ مال جي پالنا جو وڏو حصو آهي. مالي سال 24-2025 بجيٽ کان اڳي اقتصادي سروي پيش ڪندي وفاقي وزير خزانا اهو چيو ته ملڪ جي جي ڊي پي ۾ ٻن شعبن جو اهم حصو رهيو آهي، هڪ زراعت، ٻي مال جي پالنا. پاڪستان جي مال جي پالنا نه صرف گوشت لاءِ پر کير لاءِ ۽ کير مان پيدا ٿيندڙ ٻين باءِ پروڊڪٽس لاءِ به اهم آهي.
هتي اسين عيدالاضحيٰ جي تناظر ۾ مال جي پالنا جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. ملڪ ۾ الله جي راهه ۾ قرباني هڪ فرض آهي، تڏهن اسين اها ڳالهه ڪريون ٿا ته اسان جي هن تهوار قرباني جي عيد جي ڪري عام ماڻهن کي کائڻ لاءِ وڌ کان وڌ گوشت ملي ٿو. هڪ طرح جيڪڏهن اسين انهيءَ عمل جي شروعات ۾ ڏسون ٿا ته مال جي پالنا جو شعبو اسان وٽ اهم آهي ۽ لکين ماڻهن جي لاءِ گذر ۽ آمدني جو ذريعو آهي. عيد قربان جي موقعي تي اسين پنهنجن پڙهندڙن ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيد مبارڪ چئون ٿا.