لبيا جي شهر تبروڪ جي بندرگاهه کان يونان طرف ويندڙ غير قانوني ماڻهن جون ٽي ٻيڙيون سمنڊ ۾ ٻڏي ويون، ڪيترائي ماڻهو موت جو شڪار ٿيا، جن ۾ بنگال جا ماڻهو به هئا، مصر جا ماڻهو به هئا، سوڊان جا ماڻهو به هئا ۽ پاڪستاني به شامل هئا. هن وقت تائين 5 پاڪستاني ماڻهن جي موت جي تصديق ٿي چڪي آهي ۽ ڪيترائي گم پڻ آهن، گهڻن کي بچايو به ويو آهي، انهن سڀني جو تعلق پنجاب جي مختلف شهرن سان آهي.
اوهان کي ياد ڏيارجي ته اهڙا واقعا هر سال ٿيندا رهن ٿا، گذريل سال به اهڙوئي انتهائي افسوسناڪ واقعو ٿيو هو، جنهن ۾ پڻ تمام گهڻيون قيمتي زندگيون موت جو کاڄ بڻجي چڪيون هيون، انهن جو تعلق پڻ پنجاب صوبي سان هو. ايف آءِ اي ۽ مختلف ادارن ماڻهن جي اسمگلنگ ۾ ملوث هڪ اڌ اسمگلر قابو پڻ ڪيا هئا، پر انهن کي سزا آئي يا نه اهو ميڊيا ۾ رپورٽ نه ٿيو! ٿي سگهي ٿو عدالتن انهن کي ناڪافي شاهدين جي ڪري آزاد پڻ ڪري ڇڏيو هجي. غريب ملڪن جا ماڻهو امير ملڪن طرف ان ڪري ويندا آهن جيئن پنهنجي روزي روٽي بهتر انداز ۾ تلاش ڪري سگهن ۽ پنهنجو ۽ پنهنجن ٻچن جو مستقبل سنواري سگهن. هنن غريب ملڪن جا ماڻهو جڏهن امير ملڪ ۾ پهچندا آهن ته ويچارا هر قسم جو ڪم ڪندا آهن، ايستائين جو رستن تي ٻُهاري ڪڍڻ ۽ باٿ رومن جي صفائي ڪرڻ ۾ به مشغول نظر ايندا آهن. سبب اهو آهي ته اتي جي مزدوري غريب ملڪن جي مزدوري کان ڏهوڻ تي هوندي آهي. هاڻي جڏهن امير ملڪن اميگريشن جا قانون سخت ڪري ڇڏيا آهن ته پوءِ پاڪستان جهڙن غريب ملڪن جا ماڻهو غير قانوني طور تي لکين رپيا خرچ ڪري انساني اسمگلرن جي معرفت امير ملڪن طرف پهچڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ پوءِ ان رستي تي ڪيترا ويچارا پنهنجي زندگي وڃائي ويهن ٿا، اهڙو ئي منظر يونان جي ساحل جي ڀرسان هن وقت نظر اچي رهيو آهي. سمنڊ تي ترندڙ لاشون غريب ملڪن جي حڪمرانن جي منهن تي ڪارنهن مَلهي رهيون آهن. انهن غريب ملڪن جو عوام صرف ان ڪري غريب آهي ته اتي ناڻي ۽ وسيلن جي ورهاست ۾ تمام گهڻي بي انصافي ٿئي ٿي، انهن ملڪن ۾ امير تمام گهڻا امير آهن ۽ اهي ئي حڪومت ۾ آهن ان ڪري انهن جي عمارتن ۽ ملڪيتن کي ڪوبه خطرو نه آهي، انهن جي لاءِ انصاف ۽ قانون ٻيو آهي ۽ غريب ماڻهو ناڻي ۽ وسيلن جي غلط ورهاست جي ڪري غريب تر ٿي ويا آهن، جن وٽ سواءِ پنهنجي جان جي ٻيو ڪو سرمايو نه آهي. اهوئي سبب آهي ته خبر هوندي به ته ڪيترائي ماڻهو يورپ ويندي سمنڊ جو کاڄ بڻجي ويا آهن، پوءِ به مستقبل جا سنهري خواب کڻي، تڪليفون سهي، پئسا خرچ ڪري پاڻ کي موت جي منهن ۾ وجهي رهيا آهن انهيءَ آسري تي ته شايد ان رستي تي هلندي سندن آئندو بهتر ٿي سگهي. پاڪستان جي حڪومت جو انساني اسمگلنگ طرف ڪو خاص ڌيان نه آهي، نه ته ڪيئن ممڪن آهي ته هتان ماڻهو انساني اسمگلرن جي ور چڙهي يونان جي سمند ۾ ٻڏي مرن ۽ حڪومت بي خبر رهي. هتان جي حڪمرانن جي ڄنڊا پٽ صرف پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ هوندي آهي، جيڪي به رياستي ادارا آهن انهن جي سربراهن کي پڻ ان الميي جو احساس نه آهي. عام طور تي تاثر اهو آهي ته پاڪستان جي چئني صوبن مان پنجاب صوبي اندر نظام بهتر ٿو هلي، روزگار جا ذريعا آهن، اتي معاشي خوشحالي آهي. هن وقت جي وزيراعليٰ پڻ ان ڳالهه جي دعويٰ ڪندي رهي آهي ته اسين پنهنجي صوبي جي عوام جي بهتري لاءِ ڪيتري محنت ڪري رهيا آهيون. ٻئي طرف غير قانوني تارڪينِ وطن ۾ سئو سيڪڙو پنجاب جو عوام موت جو کاڄ بڻجي ٿو. جيڪڏهن صوبي ۾ معاشي خوشحالي آهي ته پوءِ هي ماڻهو پنهنجي مستقبل کي بهتر بنائڻ جي لاءِ پنهنجي جيءَ کي جوکي ۾ ڇوٿا وجهن؟ وفاقي حڪومت ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومت کي اکيون کولڻ گهرجن، انساني اسمگلرن کي سخت کان سخت سزائون ڏيڻ گهرجن ۽ پنهنجي ملڪ ۽ صوبي اندر وسيلن جي ورهاست انصاف جي مطابق ڪئي وڃي، جنهن مان غريب عوام پڻ فيضياب ٿي سگهي ۽ عوام کي غير قانوني طور ٻين ملڪن ۾ وڃي روزي روٽِي تلاش ڪرڻ جي ضرورت نه پوي.
عوام جو مطالبو آهي ته جيڪي ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن انهن جي وارثن کي سرڪار معاوضو ڀري ڏئي. سرڪار اهو پڻ يقين ڏياري ته ايندڙ وقت ۾ انساني اسمگلرن جي ور چڙهي ڪوبه پاڪستاني غير قانوني طور تي يورپ وڃڻ جي ڪوشش نه ڪندو، ان لاءِ قانون کي سختيءَ سان عمل ۾ آڻڻو پوندو.