ادبنئون

شاعري

وائي

ناشاد شوڪت شنباڻي

من جي تنهائي

ڪير هتي ڄاڻي نٿو

ماڻهو ماڻهو اوپرو

ڪنهن جي جدائي

ڪير هتي ڄاڻي نٿو

گهرا گهرا گهاوَ ۽

تِن جي گهرائي

ڪير هتي ڄاڻي نٿو

دردن ڀاڪر ۾ ڀري

ڪئي آ ول سائي

ڪير هتي ڄاڻي نٿو

ياد الائي ڪنهن جي

سانجهيءَ جو آئي

ڪير هتي ڄاڻي نٿو!!!!

***

غزل

صاحب خان ”سورھ“ ميراڻي

وڏو ھو سَو ماھر، کلڻ جو، نقل جو

گھٽين ۾ کڻي دل، گھميو ٿي، ڀڳل جو

خليفو محبّت جَو مايوس آھي!

پيو ساھ گھٽجي وري اڄ غزل جو

ورقَ پيار جا ڪو پڙھي ئي نٿو ھت

اندر ڪو اکيلي نه ٻرندڙ جبل جو

ڪندو خون شايد، ارادو اٿس ھي

وڌي قيد آھي ويو اڄ بڪل جو

سڃا خواب سانڍي اکين ۾ ھليو ٿي

ھيو لاش زندّہ، سڄڻ ڪنھن ٿَڪل جو

رھي گڏ نٿي، دشمني ۽ محبّت

ملي ٿو ھِي بدلو اسان کي عمل جو

سڳو سڪ سندو ڪنھن، سنڀاليو نه سورھ

ھيو وقت ويريءَ ھٿاران، لٽيل جو

***

ٺاھيندڙ ٿو ٺاھي ڇا ڇا

ٺاھي يڪدم ڊاھي ڇا ڇا

الجھي الجھي، سلجھي ويندس

سبق ڏنو آ ڏاھي ڇا ڇا

تنھا ڪمرو، سڏڪا تو بن

تو کان اوجھل آھي ڇا ڇا

خالي ھٿڙا، ھر ڪو ويندو

ڪڙمي ھاڻي ڪاھي ڇا ڇا

ٿوريون خوشيون، سور سوايا

ھمدم تو سان آھي ڇا ڇا

”بيوس بار اٺن ڀي ڇڏيو“

دل جي دڳ تي ناھي ڇا ڇا

چانڊوڪي تڙپائي سورھ

من جو ماتم چاھي ڇا ڇا

***

شاعري

عاطف عزيز عاطف

ھـــاڻ ھا ڪيان ٿــــي هـــيـــڪــلـــي ٿـــــــــي هــــلان،

خـــود وســــــــاري ڇـــــــڏيـــــو آ تـــــوکـــــــان بـــــنـا،

هــــــــاڻ بـــــــــــــس ويـــــــل ڪــــــــــــــــر ورڻ واري،

ســــــواءِ تــــــــــــو ڪـــــنــــهـــن کــــــــان ڪــــڇــــان؟

هــون تـــه ســــرنـدي ئــي نه هئي منهنجي سـوا،

هـــــاڻ بــيـــچـــيـــن نـــاهــــــــيــن مــنــهــنــجا مــٺـــا؟

مـــــان تــــه مرنـــدي وتـــان پــئـي تـــوکـــان ســـوا،

يــــاد تـــــــوکـــــــــي بـــه مــنــهـنـــجـــــي آئـــي ڇـــــا؟

ڪـــــــــــم ڪــــــــــــارن ۾ ولــــــولائـــــيــــــــن ڇــــــا؟

ھـــــــلـــنـــدي ھـــــــلـــنـــدي ۽ خــــيـــالــــن ۾ گـــــــم،

ڪـــنـــهـــن اڻ ڄـــــاتــــي ســــان ٽــــڪرائــــن ڇـــــا؟

ڪـــنـــهـــن گـــهـــڙي پـــوئــــتـــي پـــڪـــاري ڪــو،

مــــونــــکــــــي ســمــــجــهـــي تــــــون وراڻـــي ڇـــا؟

رات ٿـڪـــجـــي ٽُــــٽـــي جــيئــن لــيـٽــين تــــون،

چـــــنـــــڊ تـــــارن ۾ مـــــونـــکـــي ڳـــــولــئـــي ڇــــا؟

کــــــــوڙ ڳــــالــهـيـــون هــــن عاطف يــــاد اٿــئــي..!

رُڳــــــو احــــســاس ٿـــــــي ڏيــــان لــحـــاظ اٿـــئـــي.

***

غزل

ممتاز علي ٿرواسي

ندي جـــيئن آئــــي وهي ياد تنهنجي

وســي ٿي اکين تي رهي ياد تنهنجي

پڇاڻان ڪــــــيا پار تنهنجا ڏنا مون

گهڙي لاءِ ناهـــــي لهي ياد تنهنجي

حِــــنائي هئا هٿ هِلايا هـــــوا ۾

اٿم الوداع ۽ سهـــــــــي ياد تنهنجي

ردم روڪ ساجــن سُٺو آ سڳي جو

ڇَلي جي ڇهاءَ سان ڇُهي ياد تنهنجي

نما شام نيڻن اُتاري عڪس جــــي

مٺا مينهن وانگـي ٺهي ياد تنهنجي

ڇڏي ڇانون آ زور جي هُن هوا سان

ڪـکائين هئي گهر ڊهي ياد تنهنجي

***

غزل

غلام نبي ڪولاچي 

سَنڌ سَنڌ ۾ ٿيو، سور آ ساٿي،

تڏھن به ھلڻو، ڏُور آ ساٿي.

شان اسان جو، لوئي اجرڪ،

پل پل جنھن جو،  پُور آ ساٿي.

جيون سارو، جڪڙيل جڪڙيل،

عضوو عضوو، چُور آ ساٿي.

ويٺي ويٺي، جيئن نه وڃي دم،

مرڻو ٿي، منصور آ ساٿي.

ظالم کان مظلوم، جو بدلو،

وٺڻو اڳي پو، ضرور آ ساٿي.

سچ تان پنھنجو، ساهه به صدقي،

ڪوڙ جي منھن ۾، ڌوڙ آ ساٿي.

ساہه کان پيارو، سنڌ جو مونکي،

ٻٻرن جو ھي، ٻُور آ ساٿي.

***

غزل

مظهر علي ميربحر

ساٿ ڏيڻ وارو ڪو ناھي مسڪينن جو

جنجال ٿيو جيئڻ آهي مسڪينن جو

سال سمورو ڪري مزوري گھرڙو ٺاھيئون

مينھن ڇڏيو سو گھرڙو ڊاھي مسڪينن جو 

ڀوتار وڏيرا ويا ڦٻائي مال سمورو

مسڪينن وٽ بچيو ته ڇاھي؟ مسڪينن جو 

روز وڃي ٿو وڌندو بار مھانگائيءَ جو

ساھ ڇڏيو سڀني سھساھي مسڪينن جو 

رشوت ڏيڻ وٺڻ ھت ڌنڌو بڻجي ويو آ

ڀلو ٿيڻ ڪوئي نه ٿو چاهي مسڪينن جو 

مان تہ مسڪينن لاءِ لکان ٿو، لکندو رھندس

درد سگھان ڪو شايد لاھي مسڪينن جو

***