ايڊيٽوريلنئون

عالمي امداد جي اپيل جي تاخير تي پ پ طرفان سينيٽ ۾ قرارداد پيش

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان سينيٽ ۾ قرارداد پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻوڏ دوران انساني همدردي ۽ زرعي بحاليءَ جي ضرورت کي اجاڳر ڪيو. چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ماحولياتي آفتن سبب ٿيندڙ تباهيءَ سان منهن ڏيڻ لاءِ وفاق کي عالمي امداد جي اپيل ڪرڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي، کيس اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته عالمي امداد ڇو طلب نه ڪئي وئي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هڪ ايڪس بيان ۾ چيو آهي ته ان نوعيت جي آفتن دوران عالمي مدد طلب ڪئي ويندي آهي، جيئن گذريل سالن ۾ ڪيو ويو. هن لکيو آهي ته جڏهن هو وزير خارجه هو ان کان پهرين جڏهن 2010ع جي ٻوڏ آئي ۽ 2005ع ۾ زلزلو به آيو ته اهو ئي ڪيو ويو. سڄي دنيا ۾ قدرتي آفتن اچڻ کانپوءِ ٻاهتر ڪلاڪن جي اندر بين الاقوامي امداد جي اپيل ڪئي ويندي آهي. ايئن نه ڪرڻ مطلب لکين متاثرين کي امداد کان محروم رکڻ آهي.

هن وفاقي حڪومت جي نااهلي ۽ غير سنجيدگي کي اصل سبب قرار ڏنو آهي. جنهن جي ڪري ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ قومي ۽ عالمي سطح تي ڪوششون تيزيءَ سان شروع نه ٿي سگهيون آهن. پيپلز پارٽي جو اهو رڪارڊ رهيو آهي ته قدرتي آفتن ۾ بحالي ۽ امداد جون ڪوششون منظم طريقي سان ڪيون وينديون آهن. 2010ع جي وڏي ٻوڏ دوران جڏهن پ پ  جي وفاق ۽ سنڌ ۾ حڪومت هئي ته هن ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ امداد لاءِ گهڻيون ڪوششون ڪيون. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ماڻهن جي مدد ڪئي وئي ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو وڏي پيماني تي استعمال ڪيو ويو.

ان کان علاوه عالمي سطح تي امداد جون بروقت اپيلون ڪيون ويون جنهن جي نتيجي ۾ مختلف ملڪن، غير سرڪاري تنظيمن، طرفان پاڪستان کي وڏي امداد ملي هئي. ان کان علاوه وڏي پيماني تي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظامي ڪميٽيون ٺاهيون ويون، جن جو مقصد امدادي ڪمن کي تيز ڪرڻ ۽ شفافيت کي يقيني بنائڻ هو.

ان هوندي به ڪيترن ئي نقادن جو خيال آهي ته امدادي ڪم ۾ ڪجهه سست رفتاري ۽ بد انتظامي جا مسئلا به موجود هئا، پر جيئن ته وفاق هن وقت عالمي امداد جي لاءِ اڃان تائين اپيل ناهي ڪئي، پيپلز پارٽي جي تنقيد بروقت نظر اچي ٿي.

سينيٽر شيري رحمان طرفان سينيٽ ۾ جمع ڪرايل قرارداد ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته هڪدم انساني امداد انتهائي ضروري آهي، جنهن ۾ لکين متاثر ٿيل بي گهر شهرين لاءِ بجلي جا بل معاف ٿيڻ به شامل هجڻ گهرجي. قرارداد جي اهم نقطن کي موجوده بحران ۾ موسمياتي تبديلين، ٻوڏ، زرعي ۽ انساني همدردي جي ايمرجنسي تسليم ڪرڻ شامل آهي. قرارداد ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو آهي ته عالمي رد عمل جي رفتار جي باوجود امداد جي حاصل ڪرڻ ۾ تاخير ناقابل قبول آهي. هن وقت ٻوڏ جي ڪري فصل تباهه ٿي ويا آهن، ماڻهن کي پنهنجا علائقا ڇڏي ٻين علائقن ڏانهن وڃڻو پيو آهي، انهن جي بحالي عالمي مدد کانسواءِ ممڪن ناهي.

پ پ طرفان وفاقي حڪومت کان اهو مطالبو ڪيو ويو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي متاثر ٿيل هارين، آبادگارن ۽ بي گهر خاندانن کي سڌي سنئين نقد رقم ٽرانسفر ڪري جيئن 2022 ۾ ڪاميابي سان ڪئي وئي، سندن بنيادي طبي سهولتن ۽ دوائن جي فراهمي ڪري مدد ڪئي وڃي. پيپلز پارٽي جيئن ته پاڪستان جي هڪ وڏي عوامي پارٽي آهي جنهن جون پاڙون عوام جي اندر چئني صوبن ۾ اڃان تائين کتل آهن، ان جو مطالبو آهي ته حڪومت پاڪستان کي هڪدم گڏيل قومن جي اداري ذريعي هڪ بين الاقوامي فليش اپيل شروع ڪرڻ گهرجي ته جيئن بين الاقوامي عطيو ڏيندڙن جي حمايت سان پاڪستان ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جي بروقت امداد ڪري سگهجي.

اها قرارداد پيپلز پارٽي جي عوام دوست پارٽي هجڻ جو ثبوت آهي. نه صرف عوام دوست پارٽي هجڻ جو ثبوت آهي بلڪه هڪ مضبوط سياسي سوچ رکڻ واري پارٽي هجڻ جو به ثبوت آهي ته ڏکين وقتن ۾ ڪهڙي طريقي سان پنهنجي عوام کي رليف ڏئي انهن جي لاءِ ڪيئن مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي.