آڳاٽي زماني ۾ وڏڙن جي واتان ڪچهرين ۾ نقل نذير قصا ڪهاڻيون ڳالهيون ٻڌبيون هيون اهي اهڙيون ته دلچسپ ۽ نصيحت ڀريون هونديون هيون جو رات لڙي ويندي هئي، پر نه ڳالهه کٽندي هئي نه وري اٿڻ پڄندو هو. ها ڪڏهن ڪڏهن اهڙي هدايت ڀري ڪچهري مان اٿي مڙس متارا ڏاند ڇوڙي هرن تي هليا ويندا هئا. انهن ڪچهرين ۾ ماضي جا ڏک سک حالتون، تجربا، هدايتون، پهلواني جا بيان نوجوانن لاءِ زندگي گذارڻ جا رنگ ڍنگ اصول ۽ ضابطا سمايل هوندا هئا. اهي سڀ گُرَ حياءُ شرم اخلاق ۽ وڏ ننڍائي لاءِ هدايت جا مينار هوندا هئا. جڏهن سماج ۾ اهڙي محبت ۽ همدردي هوندي هئي ته ان جي بدولت معاشري ۾ برڪت ئي برڪت هوندي هئي هڪ ڄڻو ڪمائيندو هو ته آڪاهه کائيندي هئي. ضرورتمند سوالي ڪڏهن به در تان خالي نه وريو، کوهن نارن تي مڙس ماني رکيو ويٺا هوندا هئا متان ڪو واٽهڙو مسافر سيد، فقير لنگهي اچي ۽ بکيو هجي ڪٿي ڪو خون قتل ٿيندو هو ته مهينن تائين حراس هوندو هو هاڻي ته اخبارن ۽ ٽيوين تي هر هر جهيڙا قتل ڏسي دل ۾ ڄڻ دل نه، پر ڪو ڪاٺ هجي جو انسان جو انسان کي ڪهڪاءُ ئي نه پيو اچي. نوشهروفيروز ۾ ڪو ڪونڌر ڪٺو پيو هجي ته مڙئي خير آهي، ڇو ته سڃو هو، پر ڪنهن مالدار کي سکر ۾ مڇر کائي ته سکر ڪو پري آهي هل ڙي نظام امامت جي دعويٰ ڪردار ۽ عمل.
اڄ ته غريب جو خون وهائڻ پکي مارڻ جيترو به ڏوهه نه آهي. الله جي سهڻي مخلوق لارين ۾ سڙي يا ڪو ڪهاري اسڪول ۾ ٻچا ماري يا بم هڻي سوين انسان معذور ڪري سوين اجها اُجاڙي پر ڪوئي ڪيس تي مذمت ڪري ڇڏي بس ڪافي آهي!!!؟
ڇا اسان انساني روپ ۾ درندا آهيون. اڳ ڳوٺ ۾ چوري ٿيندي هئي ته سڄو راڄ پهتو پهتو چئي لٺ، لوڙهه ڪهاڙي سميت پيرين اگهاڙو اچي پهچندو هو. هاڻي گلاب جي گلن تي گوليون ۽ بم ٿا لڳن اسان ميڻ بتيون ٻاري ذميداري کان آجا ٿيو پيا وڃون ڪڏهن به پنهنجي جان جوکي ۾ وجهڻ لاءِ تيار ناهيو تڏهن ته اهڙا هاڃا پيا ٿين بري هن ڀنڀور ۾، پر خدانخواسته ڪنهن ايم پي اي، بيوروڪريٽ، وڏيري، ننڍيري يا رئيس سان ڪو ناخوشگوار واقعو يا حادثو ٿئي پوءِ ته سائين رڻ ٿو ٻري ساوا سڪا سڀ پيا سڙن ڄڻ ملڪ ۾ اهي ئي انسان آهن ۽ آئين ۽ قانون صرف انهن جي دفاع لاءِ ٺهيو آهي. سڀ پوليس سڀ آفيسر سڀ ڳجها ادارا حرڪت ۽ حرارت ۾ جيڪي غريب جي ڪيس تي اگهور ننڊ ۾ ستل هئا اهي سڀ سجاڳ ۽ پروانا بڻجي پيا آخر ڇا ٿيو آهي…؟ ڇا انهن جي نظر ۾ اهي انسان هئا جن لاءِ قانون حرڪت ۾ ٿو اچي. ها آهي به ائين، اسان جي ٿاڻن تي بيٺل موبائيلون جيڪي اسٽارٽ ٿيڻ ۾ ڪلاڪ کن وٺنديون آهن وري جي اسٽارٽ ٿي پئي ته ڪوهه سوا تي ڪو نه ڪو کانجاڻو ضرور ٿئي اهڙا خيال پچائيندي اچي هاءِ وي تي پهتس.
ابول! پوليس موبائيل جو لينڊ ڪروزر سان مقابلو، جيت وري به موبائيل جي ۽ ان سان گڏ ان وزير صاحب جي گاڏي اڳيان هلندي رستو صاف ڪرائڻ لاءِ مختلف آواز به ڪڍي پئي ته پوءِ سائين! اهڙي ٻٽي معيار تي خاموش تماشائي ڇو آهيون؟ ظالم جي ظلم تي اطمينان ڇو اٿئون مظلوم جي آهه اندر ۾ گهاءُ ڇو نه پئي ڪري اسان جا وڏا ته ظالم ۽ ظلم کان نفرت ڪندا هئا ۽ اوطاقن ۾ مفڪر ۽ ڏاها ويهندا ۽ ٺهندا هئا ۽ اهي همدردي جا احساس ۽ جذبا ڀڙ ٿيندا هئا جن ۾ ٻڌو هئوسين ته مسڪين مري ته ٻٻر جو ڇوڏو، سائو مري ته سنڌ کي لوڏو. ڪنهن جي نظر بد لڳي جو اهي اوطاقون اجڙي ويون وڏڙن سان ويهڻ عيب ٿو لڳي هيڏي هوڏي ڏسي هڪ اندر مان آهه نڪتي ۽ قلم لکڻ بند ڪيو. حبدار خدا اهو ڏينهن ڪري انسان سڌار جو ڪو واءُ وري پئي خلقت هتي مفت مري پئي.