ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان هاڪي ۾ فرانس کي شڪست ڏئي به فائنل ۾ نه پهچي سگهيو

پاڪستان هاڪي راند ۾ ڪاميابي جي طرف قدم وڌايو آهي، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته فرانس کان کٽيندي فائنل ۾ پهتو، پر اتي نيوزيلينڊ کان فائنل ميچ هارائي ويو. جنهن پاڪستان جي هاڪي جي شائقين کي تمام گهڻو صدمو پهچايو، پر خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هن وقت جيڪا اسانجي ٽيم کيڏي رهي آهي، اها انتهائي محنت ۽ لڳن سان شاندار پرفارمنس جو مظاهرو ڪري رهي آهي. جيئن ته هاڪي اسانجي قومي راند آهي ۽ ڪجهه وقت اڳ سڄي دنيا ۾ انهيءَ راند تي اسانجي رانديگرن جو راڄ رهيو آهي. سيمي فائينل ۾ فرانس کي هارائڻ اسانجي هاڪي ٽيم ۾ راندين جي عالمي ميدان ۾ قابل فخر واپسي آهي.

اهي رانديون ملائشيا جي گاديءَ واري هنڌ ڪوالالمپور ۾ ٿي رهيون هيون. ايف آئي ايڇ نيشنز هاڪي ڪپ تحت هاڪي جا اهي ميچ ٿي رهيا هئا. هاڪي ٽيم جو فائنل ۾ پهچڻ اسان جي لاءِ هڪ اهم موقعو هو، جيڪو اسان وڃائي ويٺاسين. هاڪي راند جي اسانجي تاريخ انتهائي شاندار رهي آهي. پاڪستان جي قومي هاڪي ٽيم جنهن کي گرين شرٽس جي طور تي به سڃاتو وڃي ٿو. بين الاقوامي هاڪي جي مقابلن ۾ پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي نمائندگي ڪندي آهي. پاڪستاني هاڪي ٽيم بين الاقوامي مقابلن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪامياب ٽيمن مان هڪ رهي آهي. هاڪي راند جي بين الاقوامي مقابلن ۾ چار دفعا عالمي ڪپ کٽي، اسانجي ملڪ عالمي رڪارڊ قائم ڪيو آهي.

جيئن ڪيترن ئي شعبن ۾ اسان ترقي ڪئي آهي ۽ ڪٿي اسين زوال جو شڪار به ٿيا آهيون. راندين جي ميدان ۾ هاڪي جنهن ۾ اسانجي دنيا ۾ هاڪ هئي. ڪجهه ڏهاڪا اسين ڄڻ انهيءَ راند مان ٻاهر ٿي وياسين. اسين هاڪيءَ جي دنيا ۾ پنهنجي اهميت وڃائي ويٺاسين. پاڪستان جي هاڪي جي ٽيم جنهن عالمي رڪارڊ قائم ڪيا. انهيءَ گذريل سالن ۾ عالمي ميچن ۾ اهي نتيجا نه ڏنا، جن جي انهيءَ کان توقع هئي. پاڪستان جي هاڪي جو مجموعي دور ڪاميابين تي مشتمل آهي. پاڪستان هاڪي ۾ هڪ عالمي طاقت جيان رهيو آهي. انهيءَ ڪيترائي عالمي ٽائٽلز ۽ اولمپڪ ميڊلز کٽيا آهن.

راندين جي دنيا ۾ پاڪستان جي ٻيهر ڪاميابي جي شروعات ٿي چڪي آهي. اسانجي هاڪي ٽيم ملائيشيا جي ٽيم کي شڪست ڏئي فائنل ۾ ته پهتي، پر نيوزيلينڊ کي شڪست نه ڏئي سگهي. پاڪستان هاڪي ۾ پنهنجو آخري عالمي ڪپ 1994 ۾ کٽيو هو. اسانجي عوام کي پنهنجي ٽيم مان تمام گهڻيون اميدون هيون ته اهو ڪپ کڻي واپس ملڪ موٽندي، پر ائين نه ٿي سگهيو. موجوده حڪومت راندين جي شعبي جي همت افزائي ڪري رهي آهي ۽ هاڪي، ڪرڪيٽ ۽ فوٽ بال جي راندين تي ڌيان ڏئي رهي آهي. هاڪي جي ڳالهه ڪجي ته لڳي ٿو ته انهيءَ جي ٽيم ۽ ڪوچ گهڻي محنت ڪري رهيا هئا، پر ان جي باوجود فائنل ۾ ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيا، پر خوشي جي ڳالهه اها آهي ته اسانجي ٽيم فائنل ۾ کيڏڻ وارين ٻن ٽيمن مان هڪ هئي.

وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن کي گهرجي ته اهي هاڪي کي سڄي ملڪ ۾ نئين سر متعارف ڪرائين. وفاق ۽ هر صوبي جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ هاڪي جون ٽيمون ٺاهيون وڃن ۽ مختلف اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي وچ ۾ ميچون ٿين، جيئن هاڪي جي راند ۾ اسان کي بهتر رانديگر ملي سگهن. هاڪي جيئن ته اسانجي قومي راند آهي، انهيءَ ڪري انهيءَ راند جي پکيڙ جي ضرورت آهي. ضلعي انتظاميه جو به فرض آهي ته اهي هاڪيءَ جي لاءِ مناسب ماحول پيدا ڪن ۽ هاڪيءَ جا ضلعي مقابلا منعقد ڪيا وڃن. مقامي حڪومتون به هاڪيءَ جي لاءِ راند جا ميدان جوڙين ته جيئن شاگرد ۽ نوجوان هاڪي راند کيڏي سگهن.

اسانجي سماج جي هر طبقي کي راندين جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي. سڄي دنيا ۾ هاڪي راند ۾ اسانجو معيار دنيا جي سڀني ملڪن کان بهتر آهي. تڏهن اسان جي حڪومت ۽ انتظاميه کي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته راندين جي دنيا ۾ اسانکي اهو معيار ۽ مقام واپس ملي. اهو معيار ۽ مقام حاصل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ۽ توجهه جي ضرورت آهي.