پ پ مرڪز جي منفي رويي خلاف سڄي صوبي اندر احتجاج شروع ڪندي: نثار کهڙو

پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته مرڪز پاران ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ مرڪز جو منفي رويو آهي. جنهن خلاف پ پ 15 سيپٽمبر کان احتجاج ڪندي. لاڙڪاڻي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ماضي ۾ به مرڪز ڪالا باغ ڊيم جي صورت ۾ سنڌ تي حملو ڪيو، جنهن جي صوبي پاران مذمت ڪئي وئي. هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم به ماضي ۾ اسيمبلي اندر ڪراچي، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد کي صوبي ٺاهڻ لاءِ چوندي رهي آهي، جنهن کي به اسان رد ڪندا رهيا آهيون. هن چيو ته هن وقت سيڪشن 2 آرٽيڪل 149 جو حصو نه آهي. سنڌ حڪومت آئيني طور تي ڪم ڪري رهي آهي، لوڪل گورنمينٽ به چڱيءَ ريت ڪم ڪري رهي آهي.

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments