بلاگخاص

سي ئي سندر آهن قسط-2

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

قسط-2

سي ئي سندر آهن

الطاف شيخ

پراڻين اخبارن جي کوٽ ڪنهن به گهر ۾ نه هئي. تازي اخبار ته اسان ڪڏهن به امان کي وٺندي نه ڏٺي. آخر اها وٺي به ڇو، جڏهن هن اڃان پراڻيون ئي پڙهي بس نه ڪيون هيون. اخبارون اسان جي گهر ۾ خبرون پهچائڻ کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪم سرانجام ڏينديون هيون. امان جڏهن به ڪاٺ جي فرش کي پوچو ڏئي بس ڪندي هئي ته پوءِ سڄي ڪمري ۾ “وال ٽُو وال” اخبارون وڇائيندي هئي. کيس مٿان جهڪي پراڻا اداريا پڙهندي ڏسندو هئس. اخبار جو رنگين فلمي صفحو ناندان مٿان وڇائڻ لاءِ مخصوص هوندو هو. ناندان جو هيٺيون خانو ويم گهر ئي سمجهيو ويندو هو. جڏهن به اسان جي ٻلي (وري) پيٽ سان ٿيندي هئي ته امان گوشت ڪپڻ واري ڪات سان اخبار جا ڀور ڀور ڪري ان خاني ۾ وڇائي مٿان اخبار رکي ڇڏيندي هئي جيئن ٻلي ۽ سندس پونگڙا گاديلي وارو آرام محسوس ڪن. عورتون ئي اهي ڳالهيون سمجهي سگهن ٿيون. اسان جي گهر ۾ ٻليءَ جا پونگڙا هلڻ کان اڳ پڙهڻ سکندا هئا. وڏي ڀاءُ جي ٽوپي ننڍي کي پوري نه ايندي هئي ته امان ان ۾ به اخبار جا ٻه تهه ڏيئي سوڙهي ڪندي هئي، اخبار مان ٻيا به ڪيترائي ڪم اسان جي گهر ۾ ورتا ويندا هئا. جهڙوڪ: شيشن جا ڊڪ ٺاهڻ، ڀت جا سوراخ بند ڪرڻ، ڪتابن تي جلد چاڙهڻ، ٻيڙيون ۽ ٻيا رانديڪا ٺاهڻ، رول ٺاهي مارڻ وغيره وغيره. گهڻي ڪاوڙ مهل آچر جي اخبار جو رول ٺهندو هو، نه ته عام حالت ۾ ٻئي ڪنهن ڏينهن جي اخبار جو.

امان کي صفائي جو به ڏاڍو خيال هو. گهر ۾ غربت سارو جيڪا شيءِ هوندي هئي چمڪندي هئي. “گندگي نه رڳو شين کي خراب ٿي ڪري، پر رڳو اسان جي روح کي پڻ.” خاص ڪري بستري کي صاف رکڻ تي زور ڏيندي هئي.

“ميراڻ کان ونءُ وڃڻ کپي” پاڻ پڏائيندي هئي. “ڪنا بسترا ڪنا خيال آڻين ٿا ۽ ڪنا خيال ڪنن ڪمن جي پوئيواري ڪن ٿا.” اسان جي گهر ۾ صبح جو ڪجهه سوير ئي اٿڻو پوندو هو امان پرهه ڦٽيءَ کان به اڳ اٿي گهر جي صفائي جو ڪم لاهيندي هئي، پوءِ هنڌ ويڙهڻ شروع ڪندي هئي. ڪو اڃان ستل هوندو هو ته هيٺان چادر ڇڪي وٺندي هئي ۽ لڪڻ سان وهاڻي کي سٽي هنڌ ويڙهيندي هئي، مجال آهي جو سج اڀرڻ کانپوءِ ڪو سمهي. هڪ ڏينهن ماستر مون کي اسڪول کان موڪل ڏيئي چيو: “ٻچا توکي تپ ٿي پيو آهي سڌو گهر وڃي هنڌ تي سمهه” گهر پهتس ته امان هميشه وانگر پٽ تي جهڪي آلي ڪپڙي سان فرش صاف ڪري رهي هئي. “امان! سر چيو آهي ته آئون بيمار آهيان مون کي هنڌ وڇائي ڏئي ته سمهان.”

امان مون ڏي مٿي نهاريو “ڇا چيئي؟ ڇا وڇائي ڏيانءِ؟ هنڌ ته مون ويڙهي ڇڏيو. ڇا واقعي اهڙو اگهو ٿي پيو آهين جو ويهي به نه سگهندين؟”

سومر ڏينهن سڀني فليٽن ۾ ڪپڙن جو ڌوپ هلندو هو ان ڏينهن صبح ساڻ جهرڪين جي چر چر سان گڏ ڏنگرين جي سٽ سٽ به شروع ٿي ويندي هئي. منجهند داري هيٺ مٿي چوڌاري هر وقت فليٽ اڳيان پويان رسين تي ڪپڙا سڪندي نظر ايندا هئا ۽ منهنجو ڪم اهو هوندو هو ته ڏاڪڻيون لهي هيٺ ڪريل رومال  مٿي کڻي اچان، پر آئون ان کان ڪيٻائيندو هئس ڇو جو جهڙو هيٺ پهچندو هئس ته ڪنهن ٻئي فليٽ جي دريءَ مان ڪا عورت منهن ڪڍي ڪاوڙ مان مون کان پڇندي هئي “ڇورا ڇا پيو ڪرين؟” “امان جا رومال ڪري پيا آهن اهي ٿو کڻان.” “ماڻهين جا ناهن اهي منهنجا آهن ۽ پوءِ ان دانهن تي ڪنهن ٻئي فليٽ جي مائي نڪري نروار ٿيندي هئي ۽ ٻنهي ۾ جهيڙو شروع ٿي ويندو هو، اهي نه هن جا آهن نه تنهنجا. اهي منهنجا آهن.” “مائي ڇتي ڇو ٿي آهين ڪيئن ٿي چئين ته اهي تنهنجا آهن؟” “پنهنجا رومال آئون نه سڃاڻنديس ته ٻيو ڪير سڃاڻندو؟” “مان به پنهنجا سڃاڻان ٿي ڪوڙ ڇو ٿي ڳالهائين.”

“الله ڪندو ته آئون ڌيءَ جي شاديءَ تائين جيئري نه رهنديس جو ڪوڙ ڳالهايو هجيم.”

“چڱو چڱو مائي پاڻ کي ايڏو نه پٽ رومال آهن ڪي ميز پوش ته ناهن.”

۽ پوءِ ڪيترن ڏينهن جي جهيڙي بعد صلح جو واءُ ورندو هو.

بابي سان گڏ امڻ پڻ اسان کي پنهنجن هٿن جو پورهيو ڪري پڙهايو، گهر جي ڪم ڪار پوري ٿيڻ تي مشين اڳيان رکي سبڻ ۾ لڳي ويندي هئي. شاديءَ کان وٺي جو مشين هلائڻ شروع ڪئي هئي ته سندس ننڍا ٻار به اچي جوان ٿيا ۽ شاديءَ وقت بابا امان جي فقط هڪ آڱر ۾ منڊي پاتي هئي، باقي ٻين ۾ انگستان (سئيءَ کي سخت ڪپڙي ۾ اندر دڪڻ لاءِ لوهي کوپو). هوءَ عينڪ بنا هڪ هٿ سان سئيءَ ۾ داڳو وجهي ويندي هئي، ڏندن سان ڳنڍ ٻڌي ۽ کولي ويندي هئي، پاڙي وارن جي سلائيءَ سان گڏ اسان جا به ڪپڙا سبندي هئي. وڏي ڀاءُ جي ڦاٽل سوٽ کي ڪتري ننڍي لاءِ چڊي ٺاهيندي هئي ڪن ۾ ڳنڍ ۽ چتيون هڻندي هئي. ٺونٺ وٽان ٻانهن ۾ پلاسٽڪ سرجن واري گرافٽنگ ڪندي هئي. ڪو ويڪري پتلون جي دانهن ڪندو هو ته  چوندي هئس “پٽ پرواهه ناهي ٻئي سال تون ايڏو وڏو ٿي ويندي جو ماڳهين سوڙهي لڳندي ان ڪري هينئر ڀلي ٿوري ڍري هجي.” امان کي فيشن جو فڪر نه هو، رڳو اوگهڙ ڊڪڻ جي اون هئي. اسان جا ڪپڙا هميشه مسافري ۾ رهندا هئا هڪ ڀاءُ کان ٻئي ڀاءُ تائين گهڻو ڪري هن قسم جا جملا اسان جي گهر ۾ ٻڌبا هئا. امان منهنجي هوءَ قميص ڪٿي آهي؟)

“ڪهڙي قميص پٽ؟”

“امان اها ئي جيڪا البرٽ جو پهراڻ هئي، جيڪا جئڪ جي به قميص هئي ۽ جيڪا اديءَ جو چولو به هئي.”

“ها ها. هاڻ ياد آيو پٽ ان مان تنهنجي وڏي ڀاءُ ڊيوٽ جا اڳئين هفتي ڪڇا ٺاهي ڇڏيم.”

اسان مسواڙين ۽ جاءِ جي مالڪ ۾ فقط اها ڳالهه ساڳي هئي ته ٻئي مسواڙ گڏ ڪرڻ ۾ رڌل هوندا هئاسين. هو اسان مان، اسان پورهئي مان، بچت سچت ڪري ڏيڻ ۾ هميشه دير ٿي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن پهرين تاريخ تي ئي پئسا ڏيندا هئاسين ته جاءِ جو مالڪ ٽوڪي چوندو هو: “هيءُ ڇا؟! هن دفعي مسواڙ ايڊوانس ۾ پيا ڏيو ڇا!؟” بهرحال خدا ڪارڻ ڳالهه ڪبي ته هن ڪڏهن به اسان کي ڏاڙهيو ڪونه. گاريون ڏيڻ بدران هو ٻيا طريقا استعمال ڪندو هو. مثال طور: مسواڙ ۾ دير ڏيڻ تي هو صبح سوير هڪ ڌارئين عورت کي پاڻ سان وٺي نمودار ٿيندو هو ۽ اسان سان بنا عليڪ سليڪ جي ان مائيءَ کي ايئن جاءِ ڏيکارڻ شروع ڪندو هو ڄڻ اسان گهر جا ڀاتي نه پر روح هجون جي فقط هڪٻئي کي ڏسي سگهون. هونئن به اسان ان وقت چتين لڳل ڪڇن ۽ گنجين ۾ ڌارين مهمانن اڳيان بحث ڪرڻ بدران لڪندا وتندا هئاسين.

مسواڙي ۽ مالڪ جي جهڳڙي اسان جي ڪچي ذهن تي ايڏو اثر وڌو، جو اسان لاءِ جاءِ جو مالڪ معنيٰ ڏنگو ماڻهو، خوفناڪ جانور، يا رت چوسيندڙ ڄور هو. اسان هن کي شايد ان لاءِ به نٿي وڻياسين جو اسان هن سان دولاب ڪيو هو. اسان جهڙي وڏي آڪهه لاءِ مسواڙ تي گهر ڳولڻ ڪا سولي ڳالهه نه هئي. اسان جا ماءُ پيءُ جڏهن گهر جي ڳولا لاءِ نڪتا هئا ته پاڻ سان گڏ فقط ٻه ٻار کنيا هئائون پوءِ جڏهن اسان سامان  کڻي رهڻ لاءِ آياسين ته جاءِ جو مالڪ اسان کي ڏسي وائڙو ٿي ويو هو هڪٻئي پٺيان يڪا سارا اٺ ٻار ڏسي سندس منهن جو رنگ ئي اڇو ٿي ويو هو (۽ پوءِ وارن جو پڻ) امان کي ٽوڪ مان چيائين “پهرين ڇو نٿي ٻڌائي ته توهان کي هيڏي اعليٰ فيملي آهي؟” …(هلندڙ)…