ايڊيٽوريلخاص

ستر سال ۽ عام ماڻهو

اسان کي آزادي وٺندي ستر سال گذري چُڪا آهن ۽ ستر سال پورا ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ اسان جا ادارا توڙي عوام خوشيون ملهائي رهيا آهن. اڄ ستر سال پورا ڪرڻ کانپوءِ اسان سڀني کي خود احتسابي جي عمل جي ضرورت آهي ته ڇا اسان اها قوم بڻجي سگهيا آهيون جنهن قوم بڻجڻ لاءِ هن ڌرتيءَ کي آزاد ڪرائي هڪ ڌار ملڪ جوڙيو ويو؟ ڇا اهي مقصد پورا ٿي سگهيا آهن جنهن سان چئي سگهجي ته قائد اعظم جي قائم ڪيل هي فلاحي رياست پنهنجي عوام جي فلاح ۽ بهبود ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي هجي؟ اسان آزاديءَ کانپوءِ ڪرپشن ۽ دهشتگرديءَ جي ور چڙهي ويل هڪ رياست بڻجي ويا آهيون، جنهن ۾ هڪ طبقو امير کان امير تر ٿيندو ٿو وڃي ۽ ان جي امارت جي نتيجي ۾ هن جو پورو نسل مزا ٿو ماڻي ۽ کانئس سندس زندگيءَ ۾ ايندڙ وسيلن کان وڌيڪ خوشحاليءَ جي ڪابه جاچ نه ٿي ڪئي وڃي ته ٻئي پاسي غريب ۽ مسڪين ڏينهون ڏينهن پيڙهجي رهيو آهي. سندس قوتِ خريد گهٽجي رهي آهي، وسيلا محدود ٿي رهيا آهن جنهنڪري هو معاشي مسئلن ۾ ڦاسي نفسياتي مسئلن جو به شڪار ٿي رهيو آهي. عوام جي نفسياتي مسئلن ۾ ڦاسڻ جي ڪري پورو سماج هڪ خاص دٻاءُ ۾ اچي ويو آهي جنهن جو سبب عام ماڻهوءَ کي سندس محنت جو صحيح اجورو نه ملڻ، سندس ٻارن کي سٺي تعليم کان محرومي، صحت جي سهولتن جي اڻپورائي، صفائي ۽ سٿرائيءَ جي کوٽ، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جو مسئلو، انصاف جو نه ملڻ ۽ ادارن ۾ ساڻس ٿيندڙ بي واجبيون شامل آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪرپٽ ڪامورا ۽ سرمائيدار پاڪستان جي هر صوبي ۾ هڪ مضبوط لابي جي صورت ۾ موجود آهن ۽ اهي هڪٻئي جي مفادن جو تحفظ ڪندي نظر اچن ٿا. جنهن جي ڪري معاشرو تيزيءَ سان اڻبرابريءَ جو شڪار ٿيندو پيو وڃي. قانون جوڙيندڙ اسيمبليءَ جا ميمبر قانون جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري انهن کي هوا ۾ اڏايو ڇڏين. سندن گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ننڍن ننڍن ٻارن ۽ ٻارڙين مٿان بيدرديءَ سان ظلم ٿي رهيو آهي. سندن تشدد ٿيل لاش ملڻ کانپوءِ به کين ضمانتون مليو وڃن. سندن بگڙيل اولادن جي گاڏين جي هيٺان پنج پنج ماڻهو چيڀآٽجي وڃڻ کان به هو ضمانتن تي آزاد گهمندا ٿا وتن، پر جيڪڏهن ڪنهن غريب کان ڪو ڏوهه ٿي وڃي ته کيس هاف فراءِ يا فل فراءِ ڪري رستن تي ئي سندن زندگين جا فيصلا ڪيا وڃن ٿا. جنهن رياست ۾ انصاف جي اها حالت هجي ته پيسٽري چورائڻ واري کي سزا ڏني وڃي ۽ بيڪري ڦٻائڻ واري کي ڇڏيو وڃي ته اتي يقينن ڪيترائي ڏوهاري پيدا ٿي پوندا.

ستر سالن جي ڊگهي عرصي گذرڻ کانپوءِ به رياست جي اهڙي ڪا پاليسي نظر نٿي اچي جنهن سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ته رياست کي پنهنجن نوجوانن، ٻارن ۽ مسڪين طبقي جي مستقبل کي محفوظ ڪرڻ جي ڳڻتي جاڳي آهي. غربت جي خاتمي لاءِ عام ماڻهوءَ جي مفادن لاءِ ڪي به جوڳا بندوبست نه ڪيا ويا آهن. تعليم جي ميدان ۾ اڄ به اسان جا ادارا سياست جو شڪار آهن. صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ادارن جي سخت نگرانيءَ بجاءِ اهڙين طاقتن کي اختيار ڏنل آهن جيڪي ڪرپٽ آهن، حڪومت جا ڏنل فنڊ جن جي صحيح استعمال سان ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، پر انهن جي ڪابه پڇا ڳاڇا ڪانهي. اهڙيءَ حالت ۾ عوام مايوسيءَ جي لپيٽ ۾ آهي.

ان هوندي به عوام کي اميد آهي ته رياستي ادارا پاڻ کي درست ڪندا ۽ عام ماڻهوءَ جي مسئلن کي حل ڪندا. ڇو ته عام ماڻهو ئي ملڪ جو اصل وارث ۽ طاقت آهي ان کي هتي ئي جيئڻو ۽ مرڻو آهي.