زمين جي گرميءَ سان بيٽري چارج ڪندڙ گهٽ خرچ نظام
آمريڪا جي يونيورسٽي آف ڪيلي فورنيا جي ماهرن جي ٽيم پاران هڪ اهڙو اوزار تيار ڪيو ويو آهي جنهن جي مدد سان رات جي وقت زمين مان خارج ٿيندڙ گرميءَ جي مدد سان بجلي تيار ڪئي وڃي ٿي. هن اوزار ۾ ٿرمو اليڪٽرڪ اثر جي ذريعي بجلي پيدا ڪئي ويندي آهي. هن نظام کي ريڊي ايٽو اسڪاءِ ڪولنگ جو نالو ڏنو ويو آهي. هن نظام تحت شروعاتي تجربن ۾ هڪ اسڪوائر ميٽر مان 25 ملي واٽ بجلي تيار ڪئي وئي آهي. جيڪا هڪ ايل اي ڊي کي روشن ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته گرم علائقن ۾ گرمي ۾ اضافي سبب بجلي جي پيداوار ۾ ويهه سيڪڙو اضافو ٿي سگهي ٿو.