خاصنئون

سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن جي هڙتال 13 ڏينهن ۾ داخل

سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن پاران وائيس چانسلر خلاف شروع ڪيل هڙتال 13 ڏينهن ۾ داخل ٿي وئي آهي. يونيورسٽي ملازمن جو چوڻ آهي ته وائيس چانسلر فتح محمد برفت غير قانوني بدلين، پوسٽن ۽ ڪرپشن ۾ ملوث رهيو آهي. وي سي مٿان لڳل الزام لڳل آهي ته هو هائوسنگ اسڪيمن، سن ڪوٽا ۽ ٻين معاملن ۾ به هير ڦير ۾ ملوث رهيو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي هڙتال ڪندڙ ملازمن چيو ته وي سي يونيورسٽي  ۾ ٻاهريان ملازم آڻي پلانٽيشن ۽ بيوٽي فيڪشن جو ڪم ڪرايو ويو آهي، جيڪو يونيورسٽي جي ملازمن جو روزگار کسڻ برابر آهي. سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن واري تنظيم سنڌ يونيورسٽي آفيسرز ويلفيئر ايسوسئيشن جي صدر سجاد شاهه چيو ته اسان جي هڙتال تيستائين جاري رهندي جيستائين اسان جا مطالبا نه مڃيا ويندا.