خاص

ڇا صدر جي نِڪ هيٺيان ڪو ٻيو بِلن تي صحيح ڪندو آهي؟ پ پ ۽ ن ليگ پاران صدر کان استعفيٰ جو مطالبو

ڇا صدر جي نِڪ هيٺان ڪو ٻيو بِلن تي صحيح ڪندو آهي؟ پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ صدر عارف علوي کان استعفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آئين تحت زباني حڪم کي حڪم تصور نه ڪيو ويندو آهي، صدر 10 ڏينهن ۾ اعتراضن سان گڏ واپس نه اُماڻي ته بِل کي قانون تصور ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته عارف علوي کي اعتراضن سان گڏ بِل واپس وٺڻ بابت لکت ۾ ثبوت ڏيڻا پوندا. صدر پنهنجي آفيس هلائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي، اخلاقي گهرج آهي ته هو عهدي تان استعفيٰ ڏئي. شيري رحمان چيو آهي ته صدر جي وضاحت سندس منصب سنڀالڻ جي اهليت تي سواليا نشان آهي.