سنڌ ڪابينا ڪورونا تي ڪنٽرول لاءِ 10 ڪروڙ رپيا فنڊ جي منظوري ڏيئي ڇڏي

وزير اعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص خدمتگارن، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪورونا وائرس جو پهريون ڪيس ظاهر ٿيو ته مون ان ڏينهن ئي ٽاسڪ فورس ٺاهي ۽ ان جون لڳاتار گڏجاڻيون ڪري رهيو آهيان. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس جي 53 شڪي مريضن جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن مان فقط ٻن ڄڻن جون ٽيسٽون مثبت آيون آهن. 116 بسترن وارين 9 اسپتالن ۾ آئيسوليشن وارڊ ٺاهيا ويا آهن. وائرس جو سمورو معاملو انڊس اسپتال کي ڏيندي کين 10 ڪروڙ رپيا فنڊ ڏنو ويو آهي. جنهن مان 5 هزار ٽيسٽنگ ڪٽس خريد ڪيون وينديون. ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته چين 14 ڏينهن اسڪريننگ ڪري مسافر پيو موڪلي، ايران زائرين جي اسڪريننگ نه ڪئي جنهن جي ڪري ٻه ڪيس ظاهر ٿيا
