خاص

لاڙڪاڻي ۾ 346 رٿائن لاءِ جاري ڪيل 16 ارب 87 ڪروڙ رپيا استعمال نه ٿي سگهيا

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڙڪاڻي ڊويزن جي 5 ضلعن ۾ هلندڙ 16 ارب 87 ڪروڙ رپين جي 346 اسڪيمن جو جائزو وٺندي چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي آهي ته ترقياتي ڪمن جي مالڪي ڪئي وڃي ته جيئن انهن جي معيار ۽ وقت سر پڄاڻي کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ صوبائي وزير نثار کهڙو، سيد ناصر حسين شاهه، شبير بجاراڻي، چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه، چيئرمين پي اي ڊي محمد وسيم، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، لاڳاپيل سيڪريٽري، ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، لاڳاپيل ضلعن جي ايم اين اي ۽ ايم پي ايز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ 5 ارب 71 ڪروڙ رپين جون 109 ترقياتي اسڪيمون هلندڙ آهن، جنهن لاءِ 2 ارب 92 ڪروڙ رپيا (51 سيڪڙو) فنڊ جاري ڪيا ويا آهن. جڏهن ته خرچ فقط هڪ ارب 63 ڪروڙ رپيا ٿيا آهن