خاصنئون

سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پيشڪش

پاڪستان، ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٽياڪڙي ڪرائڻ ۽ ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ ٻنهي ملڪن جون ڳالهيون ڪرائڻ لاءِ سندن ميزباني ڪرڻ لاءِ تيار آهي. خبرن موجب هڪ ڏينهن جي ايران جي دوري تي وزيراعظم عمران خان ايران جي قيادت کي ٻڌايو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ ٽياڪڙ جي حيثيت سان سندن جي وچ ۾ اسلام آباد اندر ڳالهيون ڪرائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم جي هن تجويز تي ايران جي قيادت پاران مڃتا طور عمل جو مظاهرو ڪيو ويو. هن موقعي تي وزيراعظم سان شاهه محمود قريشي ڊي جي آءِ ايس آءِ به موجود رهيا. ٻئي طرف اڄ وزيراعظم سعودي شهزادي آڏو به پنهنجي اها تجويز رکندو. واضح رهي ته وزيراعظم اهڙي وقت ۾ تجويز پيش ڪئي آهي جڏهن هنن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪشيدگي وڌي وئي آهي. ايران پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ هئڻ سبب ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ لڳڻ جي صورت ۾ پاڪستان ۽ پوري خطي تي ان جا تمام خراب اثر پئجي ويندا.