لوڪ ادب، جنهن کي عام ماڻهن جو ادب چيو وڃي ٿو. لوڪ جي معنيٰ “عام” آهي. اصطلاحي طور تي اهي عام ماڻهو، جيڪي عام زندگيءَ سان واسطو رکندڙ هجن، انهن پاران سرجيل ادب کي لوڪ ادب چيو ويندو آهي. لوڪ ادب ڇا آهي؟ ان حوالي سان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لکي ٿو ته: “لوڪ ادب، اهڙي ادب کي چيو وڃي ٿو جيڪو ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي نه، پر سڄي عوام جي تخليق هجي ۽ هر ماڻهو ان کي پنهنجو دل جو آواز محسوس ڪندو هجي.”
يعني لوڪ ادب ڪنهن هڪ ماڻهو جي انفرادي تخليق ناهي هوندو، اهو پوري سماج جي گڏيل تخليق هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته عام ماڻهو گهڻو پڙهيل لکيل ناهي، تنهنڪري ان کي ڪنهن به شهرت، نوڪري يا ايوارڊ جو آسرو، اميد يا لالچ ناهي هوندي، جو اهو تخليق ڪيل ادب پنهنجي نالي ڪري. تنهنڪري سڄو عوام ان ۾ پنهنجن احساسن، جذبن، امنگن ۽ خيالن کي شامل ڪندو آهي ۽ نتيجي طور اها پوري سماج جي رهندڙن جي اجتماعي ملڪيت ٿي ويندي آهي. لوڪ ادب هر ٻوليءَ ۾ هوندو آهي. سنڌي ۽ اردوءَ ۾ لوڪ ۽ انگريزيءَ ۾(folk) ادب چيو ويندو آهي. لوڪ ادب جو تعلق عام ماڻهن جي دلين سان جڙيل هوندو آهي، جنهن ۾ عام ماڻهن جا احساس، جذبا، امنگون، وهم ۽ وسوسا سمايل هوندا آهن. لوڪ ادب ذريعي انسان ۾ انسان جي اوائلي دور جي عڪاسي نظر اچي ٿي؛ ته انسان پنهنجي شروعاتي دور ۾ ڪيئن وهمن ۽ وسوسن سان زندگي گذاريندو هو. ان سان گڏ انهن ڏند ڪٿائن کي به شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي انسان پنهنجا زندگيءَ جا اصول جوڙيا.
لوڪ ادب ۾ رڳو عام ماڻهن جو وهم ۽ وسوسي جو ذڪر ناهي، پر هن ۾ مڪمل انهن ماڻهن جي ڏاهپ پڻ سمايل آهي ته ڪيئن ان وقت ۾ محدود علم هجڻ باوجود انسان ايڏي اعليٰ قسم جو ڪم ڪندو هو، اهو به بغير ڪنهن نالي، شهرت ۽ نوڪري وٺڻ جي ڪندو آهي. لوڪ ادب جي سرجڻهار کي سگهڙ چيو ويندو آهي، جيڪو لوڪ ادب سرجيندو آهي. سگهڙ محدود علم هوندي به ادب ۽ ٻوليءَ جي مختلف پاسن تي وڏو عبور رکندڙ هوندو آهي. هن کي ٻوليءَ جي ترقي، صنفن ۽ سماجي اٿل پٿل جي تمام سٺي واقفيت هوندي آهي.
لوڪ ادب کي محققن ٻن حصن ۾ ورهايو آهي، جنهن ۾ هڪ نثر ۽ ٻيو نظم آهي. نثر ۾ لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ داستان ۽ پروليون اچي وڃن ٿيون، جڏهن ته نظم ۾: نڙ بيت، هنر، ڳجهارت، ڏهس، سينگار، ٻهڳڻن جا ٻول، جھڙا مناظرا، لوڪ گيت، مورو، ڇلڙو، هيماريون، چرمڻي، ريساڙو، بادلوي ڪجليو وغيره نظمي صنفون شامل آهن. ان کان علاوه سنڌ ۾ مولود تمام گهڻو عوامي هجڻ ڪري، ان کي به لوڪ ادب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته مولود عام طور تي مذهبي محفلن، شادين ۽ غمين ۾ تمام گهڻو ڳايو ويندو آهي.
لوڪ ادب اسان کي اوطاقن ۾ اڪثر ملندو آهي، جتي ماڻهن جي ڪچهرين ۾ ويهي ڳجهارتن، پرولين، قصن، مولودن ۽ داستانن جي صورتن ۾ نروار ڪندا آهن. جنهن ۾ سگهڙ هر صنف تي بحث مباحثا ڪري پيا دل وندرائيندا آهن. جيئن ته لوڪ ادب وندر ورونهن جو وڏو ذريعو آهي. تنهنڪري ماڻهو وندر ورونهن ڪرڻ لاءِ هڪٻئي کي وندرائيندا آهن. لوڪ ادب عوام جي دلين جو ادب آهي، جيڪو صدين کان سيني به سيني هڪٻئي ۾ منتقل ٿيندو آيو آهي. تنهنڪري هن ادب ۾ وقت ۽ حالتن سان تمام گهڻي ڦير ڦار ايندي آهي. اهو مختلف دورن ۾ مختلف اثر پڻ قبوليندو آيو آهي، جن ۾ مذهبي، سياسي، سماجي، لساني ۽ ذهني اثر شامل آهن.
لوڪ ادب جي لکجڻ يا سهيڙڻ جو ڪم سنڌ ۾ انگريزن جي دور کان ٿيو. جڏهن 1853ع ۾ سنڌي صورتخطيءَ کي جوڙيو ويو، تڏهن لوڪ ادب کي سهيڙڻ جو پڻ خيال آيو، جيڪو مختلف ننڍين ننڍين ڪتابي صورتن ۾ ايندو رهيو، پر باقاعده ان کي سهيڙڻ جو ڪم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪيو. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ وٽ 1955ع ۾ لوڪ ادب کي سهيڙڻ جي رٿ پيش ڪئي، جيڪا 1956ع ۾ منظور ٿي ۽ 1957ع کان ڪم شروع ٿيو. 1959ع ۾ پهريون ڪتاب شايع ٿيو. هنن اسڪيم تحت ٽوٽل 40 ڪتاب سهيڙي شايع ڪرايا ويا، جيڪي لوڪ لاءِ وڏي غنيمت هئا. ان ڪم ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڏهاڪو سال ڪشالا ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي. ان بنيادي مواد تان پوءِ لوڪ ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ تمام گهڻو ڪم ٿيو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي.
لوڪ ادب جي اهميت:
لوڪ ادب بابت جيئن چيو ويو آهي ته لوڪ ادب عام ماڻهن جو ادب آهي، انهن جي احساسن، جذبن، خيالن، وهمن ۽ وسوسن تي مشتمل آهي. تنهنڪري هن قسم جي ادب ۾ گهڻي ڀاڱي عام ماڻهن جون ڏند ڪٿائون به شامل آهن. لوڪ ادب جي دنيا جي ادب ۽ سنڌي ادب ۾ تمام گهڻي اهميت ۽ افاديت آهي، جيڪا اوائلي دور کان برقرار آهي. لوڪ ادب ۾ ٻوليءَ جي وڏي اهميت آهي، ڇاڪاڻ ته هن ۾ ٻوليءَ جو وڏو ذخيرو موجود آهي. ٻوليءَ جي حوالي سان هر دور جي لغت، لهجن ۽ لاڙن جو پڻ وڏو ذخيرو موجود آهي.
لوڪ ادب سان انساني سماج جي رهڻي ڪهڻي ۽ ان جي فڪري پس منظر جي ڀرپور عڪاسي ٿئي ٿي. شروعات کان اڄ جي دور تائين انسان ڪهڙن دورن مان ڪيئن گذريو آهي، هن ان دور جي ڪهڙن نفسياتي، فڪري ۽ مذهبي رخن مان پاڻ سنواريو آهي. لوڪ ادب سان عام ماڻهن جي ڏاهپ جو اندازو ٿئي ٿو. اسان جي سماج ۾ اهڙا ماڻهو جن کي جاهل، اڻپڙهيل جا هر وقت طعنا ڏنا وڃن ٿا، پر جڏهن لوڪ ادب پڙهجي ٿو ته انسان جو عقل دنگ رهجي وڃي ٿو ته اهڙا به ٻهڳڻا موجود هئا.
لوڪ ادب ۾ لوڪ گيتن جي ڪري انسان پنهنجي احساسن جو اظهار ڪري خوشي، غمي ۽ پنهنجا ڏک نهايت شاندار نموني سان ملهائي سگهي ٿو. لوڪ ادب جي مطالعي بعد اهو چئي سگهجي ٿو ته لوڪ ادب جي صنف ڪهاڻيءَ ۾ هر قسم جي نصيحت موجود آهي، جيڪا انسان جي زندگيءَ ۾ اتساهه ۽ ان جي تخليقي ذهن کي اڳڀرو ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪري ٿي. هن جي ڪردار ۾ سورهيائي ۽ بهادريءَ جا قصا ملن ٿا، جنهن ذريعي اسان کي سچائي ۽ برائي جي انجام جي ڄاڻ ملي ٿي. سگهڙ جي ڪچهرين سان هڪ سماج جو جڙڻ ۽ ان کان باخبر ٿيڻ ٿئي ٿو. هڪ ماڻهو ٻئي ماڻهو جي ڏکن ۽ سکن کان باخبر رهي ٿو.
لوڪ ادب پڙهڻ سان سماج ۾ ڪيترائي مثبت فائدا ٿين ٿا. لوڪ ادب اڄ جي هن دور ۾ سماج سان خوب نڀايو آهي، ان جي ذهني اوسر ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. اسان جڏهن لوڪ ادب جو مطالعو ڪريون ٿا، تڏهن اسان کي اها ڄاڻ ملي ٿي ته اڄ جيڪا به سائنس ۽ جديد ادب ترقي ڪئي آهي، ان جا بنياد لوڪ ادب ۾ ڪنهن نه ڪنهن ريت اشارن ۾ مليا آهن. اڄ جي دور ۾ جهاز جو مثال سوين سال اڳ اڏام کٽولي جي صورت ۾ ملي ٿو، وڊيو ڪال جو تصور وري جادوئي آئيني ۾ ملي ٿو. اهڙيءَ ريت جيڪڏهن اسان لوڪ ادب کي پڙهي پنهنجي عقل، فن ۽ حرفت سان پنهنجي زندگيءَ ۾ لاڳو ڪنداسين ته ان سان ڪيترائي نوان رخ ملي سگهن ٿا.