اڙي توکي خبر نه پئي ڇا ته آمريڪي صدر ٽرمپ سڄي دنيا جي ملڪن تي ٽيرف مڙھي عالمي معاشي اسٽيج تي زلزلي وارا جھٽڪا پيدا ڪرڻ سان گڏ عالمي اسٽاڪ مارڪيٽ کي ڪريش ڪري زبردست ٻاڙائيءَ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ ھاڻي اسٽاڪ مارڪيٽ جا ماھر عالمي سطح جي اڪانامڪ ريسيسمينٽ جون دعوائون ڪري رهيا آهن… ڪلاس ۾ ليڪچر اٽينڊ ڪري آرٽس فيڪلٽيءَ جي پارڪ ۾ ويھندي دريا خان پنهنجي دوست امر سارنگ کي ٻڌايو.
يار، ٻن ٽن ڏينهن کان سنڌو درياءَ تي ڪينالن واري ڌرڻن ۾ مصروف ھئس ۽ ڪلھ به رات جو دير سان موٽيا ھئاسين، ھاڻي ته مغز ئي ڪچو لڳو پيو آ… چانهن پيار ته پوءِ ان تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪري ٿا وٺون، پر ڌرڻن تي وڃڻ کان اڳ مان پنهنجو آرٽيڪل فيس بُڪ تي اپلوڊ ڪيو، ھو جنهن ۾ مان آمريڪي ۽ عالمي ميڊيا مان ڪجهه اندازو لڳائي لکيو ھو، منهنجي خيال ۾ توهان به اھڙي قسم جون خبرون ٻڌائيندا، امر سارنگ پنهنجي گھاٽي دوست ۽ ڪلاس فيلو دريا خان کي جواب ڏنو.
تو وارو ڪالم ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ جي ڪري مس ٿي ويو آهي، پر مان پڙھي ٿو وٺان، پر تنهنجو ميڊم جي ليڪچر ڏانهن ڌيان گهٽ ھو جو تنهنجي چھري مان جنهن ٿڪاوٽ محسوس ٿي رهي هئي…، پر ھاڻي ٻڌ، ميڊم صدر ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ ۽ ان جي پسمنظر ۾ چين سان واپاري جنگ ۽ ان جي امڪاني نتيجن تي ھڪ اسائنمينٽ ڏني آهي، جنهن ۾ خبرن کانسواءِ پنهنجو به تجزيو لکڻو آهي ته ايندڙ وقت ۾ دنيا جو ٻيو نمبر طاقتور معاشي ملڪ يا ٻيا بلاڪ ڪھڙو رد عمل ڏيکاريندا۔ ھيءَ اسائنمينٽ سڀاڻي جمع ڪرائڻي آهي. ڇاڪاڻ ته ميڊم جو چوڻ آهي ته عالمي اسٽيج تي حالتون تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيون آهن. تنهنڪري اڄ ننڊ ڇڏ ته شام جو لائبريري ھلي ڪري اسائنمينٽ لکي جان ڇڏايون، دريا خان ھجت واري انداز ۾ چيس.
يار، اسائنمينٽ به لکنداسين، پر پھريان چانهن ته پيار نه. ڏس ڌرڻي جي ٿڪاوٽ جي ڪري اکين تي خمار چڙهيل آهن، جنهن جي ڪري ميڊم جي اسائنمينٽ واري ڳالهه به نه ٻڌي سگهيس، امر سارنگ پنهنجي ٿڪاوٽ جو اظهار ڪندي چيو ۽ تڪڙ ۾ پنهنجي کيسي مان موبائيل ڪڍي کيس ڏيکاريندي چيو، يار، ھي باقي ھيڏيون موبائيلون ڇا جي لاءِ آهن… بس چيٽ جي پي ٽيءَ کي ڪمانڊ ڏينداسين ته…
نه، نه!!! تڏهن ته ميڊم چيو ھو ته اخبارن جو ريفرنس ضرور لکجو ته مان چيڪ ڪندس، گوگل، ميٽا ۽ چيٽ جي پي ٽيءَ تان بلڪل به ورتل نه ھجن، دريا خان وڏا ٽھڪ ڏيندي چانهن واري ڇوڪري کي سڏ ڪيو.
جي ادا، حڪم ڪيو، ڇوڪري ادب سان آرڊر وٺڻ جي لاءِ چيو.
ٻه ڪڙڪ چانھيون، چار سمبوسا ۽ رائتو کڻي آءُ پر جلدي، دريا خان چپٽي وڄائي ڇوڪري کي اشارو ڪيو ته ڇوڪري ڪينٽين ڏانهن رخ ڪيو.
مان پنهنجي ڪالم ۾ لکيو ھو ته صدر ٽرمپ جو گلوبلائيزيشن کان انڪار… کيس سرمائيدار قومپرست بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري ھن پروٽيڪشنسٽ (آمريڪا فرسٽ) واري پاليسي اپنائي آهي، امر سارنگ پنهنجي ڪالم جو ريفرنس ڏنس.
سرمائيدار به قومپرست ٿيندو آهي ڇا…؟ دريا خان حيرت مان پڇيس.
آمريڪا ھن وقت به عالمي معيشت ۽ سياست جي اسٽيج جو پھريون نمبر سپر پاور ملڪ آهي، پر ھاڻي آمريڪا جي آڏو ھن جا معاشي مقابلو ڪندڙ پيدا ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ سڀ کان پھرين نمبر تي چين
آهي، امر سارنگ اوٻاسي ڏيندي چيو. ڏس، آمريڪا چين جھڙو عالمي منصوبو بيلٽ ۽ روڊ انيشيئيٽو نه ٺاهي سگهيو آهي، جيتوڻيڪ صدر بائيڊن پنهنجي دور ۾ بلڊ بينڪ بيٽر ورلڊ انيشيئيٽو جو اعلان ڪيو ھو ۽ چيو ته ھن پراجيڪٽ ۾ اربين ڊالرن جي سيڙڪاري ٿيندي، پر سڀني ڏٺو ته اھي اعلان سگريٽ جي دونهين وانگر ڇلا ٺاهيندو ھوا ۾ تحليل ٿي ويو… پر ان جي ابتڙ آمريڪا بيلٽ ۽ روڊ انيشيئيٽو جي آڏو رڪاوٽون پيدا ڪرڻ يا سڄي ئي منصوبي کي تباهه ڪرڻ جو رٿ رٿيو اٿس، پر چين به ھڪ کرب ڊالرن کان به وڌيڪ خرچ ڪيو آهي سو ڪيئن… امر سارنگ ٿڪاوٽ ھوندي به دريا خان کي ٻڌايو.
دريا خان چانھ واري کي چانهن جلدي کڻي اچڻ جو اشارو ڪيو ۽ امر سارنگ کان حيرت ۾ وجھندڙ سوال ڪيو، توکي ته خبر آهي نه سرمائيدار کي ڌرتيءَ کان وڌيڪ پنهنجو سرمايو پيارو ھوندو آهي. تازو ئي پنچاب مان بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۽ دھشتگرديءَ جي ڪري ٽيڪسٽائل فيڪٽريون پنجاب مان منتقل ٿي بنگلاديش هليون ويون. سنڌ جا ھندو سرمائيدار به پنهنجي سرمائي سوڌو سنڌ ته ڇڏي ھندستان ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجي ڪاروبار ۾ جنبي ويا، پر انهن معصوم ھندن جي وڏي اڪثريت کي ڀنڀلائي وٺي ويا جيڪي سنڌ، سنڌو درياءَ ۽ مرشد لطيف رح کي ڇڏڻ ئي نه پيا چاهين. ڏسو نه، سنڌ ۾ رھجي ويندڙ سنڌي ھندن کي مڪمل آزادي آهي ته ڊاڪٽر ٿين، انجنيئر ٿين يا کين واپار ڪرڻ کان ڪو به نٿو روڪين باقي جيڪڏهن حالتن جي ڳالهه ڪجي ته سڄي سنڌ ۾ سڀني ماڻهڻ سان ھڪ طرح سان يا ٻي طرح سان ساڳيون حالتون آهن… جڏهن الھاسنگر يا بمبئيءَ مان معصوم ھندو سنڌي سنڌ ڏانهن واپس ٿيڻ جو ڳالهيون ڪرڻ لڳا ته واپاري ھندن کين سنڌ ڏانهن موٽڻ جي ڳالهه ڪندا ھئا ته ھي سرمائيدار ھندو کي قومي ڪلام ٻڌائي خاموش ڪرائيندا ھئن… ۽ ٻيو ته ٺھيو ايلون مسڪ جي ڪمپني ٽيسلا اليڪٽرڪ ڪارن جو ڪارخانو چين ۾ ھنيو آهي… ته پوءِ ٽرمپ به ته سرمائيدار آهي نه…!!
برابر صحيح ٿا چئو جو اسان جي آڏو تاريخ ۾ ويجھا ۽ ڏور وارا مثال موجود آهن، جن جو اوھان ذڪر نه ڪيو. بخت نصر جڏهن يھودين جو قتل عام ڪري يروشلم تباهه ڪيو ته باقي بچي ويل يھودي يروشلم مان فرار ٿيا. جڏهن سائرس اعظم يروشلم کي نئين سر آباد ڪرائي کين واپس ڪيو ته انهن مان گهڻا يھودي يثرب (مدينه منوره)، شام، لبنان، مصر، سوڊان ۽ يورپ ۾ پنهنجي سرمائي سان چنبڙيل رهيا. جڏهن اسلام جي معاشي سسٽم يھودين جي وياج واري پاليسيءَ کي تباهه ڪيو ته ھنن تنهن وقت جو ھولو ڪاسٽ (خيبر جي جنگ) ڪري اتان ڀڳا. ويجهي تاريخ ۾ ھٽلر کي ميڊيا مھم جي ذريعي بدنام ڪري ھولوڪاسٽ جي پسمنظر ۾ آمريڪا ڏانهن پنهنجو سرمايو کڻي ڀڳا، پر پوءِ برطانيا ۽ ٻين يورپي ملڪن مان يھودي آمريڪا ڏانهن ڇو ويا. ھاڻي آمريڪا جي لاءِ مختلف ٿنڪ ٽينڪ ۽ ٻيا معاشي ادارا راءِ ٿا ڏين ته 2030ع ۾ چين معاشي طور تي طاقتور ٿي ويندو. اھڙي پسمنظر ۾، آمريڪي واپارين صدر ٽرمپ کي مجبور ڪيو آهي ته ھو پھريان آمريڪي معيشت جي ڳالهه ڪري پوءِ ٻيا ملڪ صدر ٽرمپ واپارين جي اھڙي دٻاءُ کي مان ڏيندي آمريڪا قوم پرستيءَ جو نعرو ھنيو آهي… پر حقيقت ۾ ھن اليڪشن جي دوران ڀورن ماڻهن کي سمجهايو ھو ته جيڪڏهن توهان منهنجي منصوبي تي نه ھليا ته ھڪ ڏينهن توهان اقليت ۾ ٿي ويندا ۽ پوءِ اسان ڀورن آمريڪين جو حشر به ريڊ انڊين وانگر ٿيندو، امر سارنگ دريا خان کي ڪجهه وڌيڪ مثال ڏيندي ھڪ طرح سان ھن جي خيال جو حامي ٿيو ۽ ٻي طرح سان ھن جي خيال کان به ڌار ٿي بيھي رهيو.
يار ڏس نه خاص طور تي ٻي عالمي جنگ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ دنيا واضح طور تي ٻن بلاڪن ۾ ورھائجي وئي يعني سوشلزم ۽ ڪيپيٽلزم… سچ ته اھو آهي ته اسان ھن دور ۾ سرمائيدار کي پنهنجو سرمايو محفوظ ڪرڻ يا کڻي چئجي ته سرمائيدار کي پنهنجي شين کپائڻ لاءِ مارڪيٽ کپندو ھو جيئن اسان اسٽڊي ڪئي آهي، پر سوويت يونين وٽ قوم جو ڪوبه تصور نه ھو، پر انهيءَ سڄي دور ۾ آمريڪا اولھ يورپ ۽ عرب ملڪن کي سوشلزم کان محفوظ ڪرڻ جي لاءِ سندن ئي رقمن مان ڊفينس سسٽم پئي ڏنو، پر ڪڏهن به انهن جي قومي سوچ کي ته نه، پر واپاري سوچ کي مضبوط ضرور ڪيو جنهن جو مثال شھزادي محمد بن سلمان جو نيوم شھر ٺاهڻ آهي. دريا خان پنهنجي ڳالهه تي زور ڏيندي چيو، منهنجو چاچو چوندو آھي ته وڏيرو ۽ جاگيردار به استحصالي طبقو آهي، پر جڏهن آخري جنگي گھڙيون ٿينديون آهن ته وڏيرو ۽ جاگيردار قومپرست ٿي ويندا آهن جو ھنن جو ناتو پنهنجي زمينن سان يا وري چئجي ته ڌرتيءَ سان جڙيل ھوندو آهي باقي جنگ ۾ سرمائيدار پھرين فلائيٽ پڪڙيندو آهي. ڪجهه گھڙيون سوچيندي وري چيائين، يار ڪجهه ٻيا مثال ڏي ته جيئن ٽرمپ جي قومپرستي سمجهه ۾ اچي وڃي.
ڏس يار، امر سارنگ چانهه واري کي ھٿ سان اشارو ڪندي چيو، تاريخ اھڙن واقعن سان ڀري پئي آهي، پر اسان پنهنجي سنڌ جو ٿا مثال وٺون. سنڌ جي حڪمران غلام شاهه ڪلھوڙي 1757ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ايجنٽ اليگزينڊر ايلينڊ سان واپاري معاھدو ڪري ڪمپنيءَ کي واپاري ڪوٺين کولڻ جي اجازت ڏني، پر سندس پٽ ميان سرفراز ڪلھوڙي 1773ع ۾ مقامي ھندو ۽ مسلم واپارين جي دٻاءُ ۾ اچي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سان واپاري معاھدو ختم ڪري واپاري ڪوٺيون بند ڪري ڇڏيون. ھتي ڪنهن ملڪ جو حڪمران ڪنهن حد تائين مجبور ٿي قومپرست ٿي وڃي ٿو ۽ صدر ٽرمپ به آمريڪي واپارين جي دٻاءُ ۾ اچي پنهنجو واپاري آرڊر پروٽيڪشنسٽ آڻي پاڻ کي آمريڪي قومپرست ٿو سڏائي نه ته سڄي دنيا کي خبر آهي ته آمريڪي به قوم آهي ڇا؟
پر يار، صدر ٽرمپ ته حد ڪري ڇڏي جو پنهنجي اتحادين جي مٿان ٽيرف لاڳو ڪيو اٿائين. دريا خان حيرت واري انداز ۾ چيو.
صاحب، نه ته ٽرمپ جي واپاري جنگ جسٽيفاءِ نه ٿئي ھا… ۽ ڏٺئي نه صدر ٽرمپ ھڪدم واپاري جنگ جو رخ چين ڏانهن ڪري ڇڏيو، پر ساڳي وقت تي يورپي يونين تي پڻ دٻاءُ وڌائڻ جي لاءِ چيائين ته جيڪڏهن صدر پيوٽن ۽ زيلنسڪي ڳالهين جي ميز تي نٿا اچن ته آمريڪا يوڪرين جي جنگ تان ھٿ کڻي ويندو پوءِ زيلنسڪي ڄاڻي ۽ يورپي يونين ڄاڻي… امر سارنگ ڪجهه وڌيڪ چوڻ ٿي چاهيو، پر بيرو چانھ کڻي آيو، پر ڊش تي ٽي ڪوپ رکيل ھئا ته امر سارنگ چيس ٽين چانھ ڪنهن جي لاءِ.
يقين ڪيو ته منهنجو اوھان ڏانهن ڌيان ئي نه ويو، جنهن جي لاءِ ريئلي سوري.
سوال ڪرينس، صنوبر دريا خان کي اجازت ڏيندي چيو ۽ سموسي سان چانھه جي سرڪ ڀري.
ڇا آمريڪا کي واپاري جنگ ۾ شڪست ايندي، دريا خان امر سارنگ کان پڇيو.
ھن سوال کي سمجھڻ جي لاءِ نائن اليون واقعي کانپوءِ دھشتگرديءَ جي خلاف جنگ کي سمجهڻ ته آخر آمريڪا پنهنجي ئي پٺو تنظيمن ۽ انهن جي اڳواڻن کي مارڻ کانسواءِ سڄي اسلامي دنيا ۽ يورپ ۾ خودڪش حملا ڪرائي انهن کي مجبور ڪيو ته اهي آمريڪا جي طاقتور ھجڻ جو احساس ڏيارين ۽ ٻيو ته چين جو خاموشيءَ سان آمريڪا جي دھشتگرديءَ جي خلاف جنگ سمجهڻ کانپوءِ چين جي پھرين واپاري جنگ ۾ ثابت قدم رھڻ ۽ ٻي واپاري جنگ جھڙو ٽيرف تھڙو جواب جي بنياد تي شروعات ٿي آهي. منهنجي خيال ۾ صدر ٽرمپ اپريل جي مھيني ۾ لڳايل ٽيرف ھٽائي سگهي ٿو، پر صدر شي جنپنگ جي صدر ٽرمپ کان پنهنجي پھرين دور وارو ٽيرف ھٽائي ته پوءِ چين سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون يعني ھڪ طرح سان ان کي شڪست ئي چئجي.
توهان جو ڊسڪشن ڏاڍو بھتر آهي، پر منهنجي به ته ٻڌو نه ته عالمي معاشي جنگ ۾ اسان جي سنڌي سماج تي به لالچ واري انداز ۾ ھڪ جنگ مڙھي وئي آهي.
سنڌي معاشري جي مٿان معاشي جنگ مڙھي وئي آهي، امر سارنگ سموسي مٿان چانھ جو ڍڪ ڀريندي چيو، سا وري ڪيئن؟؟
اسان پنهنجي اسٽڊيءَ ۾ مصروف ھئاسين ته پويان منهنجي ڀاءُ موبائيل تي ھڪ تازي لانچ ڪيل ايپليڪيشن اين ايف ٽي ٽريزر ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30000 رپين جي سيڙپڪاري ڪئي، پر ان ۾ انٽريسٽ جي شرح وڌڻ جو ھڪ ئي چانس ھو ته وڌ کان وڌ ميمبر ڪيا وڃن. صنوبر ھڪ ساھيءَ ۾ پنهنجي ڏک ڀري ڳالهه ڪري وئي.