13 مئي 2025 تي آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ چئن ڏينھن جي دوري تي سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ قطر جهڙن عرب دوست ملڪن وٽ اچي چڪو آهي. صدر ٽرمپ جو دورو تمام گهڻي اهميت جوڳو سمجهيو پيو وڃي، ڇو ته هڪطرف غزه ۽ اسرائيل جو معاملو آهي ته ٻئي طرف ايران جي ڳنڀير صورتحال طرف عرب ملڪن کي پاڻ سان ملائڻ آهي. جڏهن ته پاڪ ڀارت ڪشيدگيءَ کي گهٽائڻ پٺيان ٽرمپ جا جيڪي مقصد آهن انهن کي هن مضمون ۾ بيان ڪرڻ ضروري نه پيو سمجهان، پر ٽرمپ جي هن دوري ۾ انهن ٻنهي ملڪن جي ايجنڊا به ضرور شامل آهي. هن وقت آمريڪا پنهنجي خاص مددگار اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياھو جي رويي تي ظاهر طور ڪاوڙيل آھي. ان ڪري عرب ملڪن خاص طور تي سعودي عرب کي ڪنهن به صورت ۾ اسرائيل کي تسليم ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ آهي ان ۾ ئي پنهنجي عزت سمجهي ٿو ۽ عرب ملڪن تي هٿ رکڻ سندس مجبوري آهي. هن پنهنجي ڪردار کي شفاف بنائڻ لاءِ پهريان اسرائيل ۽ فلسطين جي جنگ کي روڪيو، پر اسرائيل ان تي عمل نه ڪيو وري روس ۽ يوڪرين جنگ روڪڻ ۾ اڳڀرو ٿيو، پر کيس ڪا خاص موٽ نه ملي. اهڙي طرح يمن جي حوثين سان ٺاهه ڪيو. تازو پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سندس حڪم جاري ٿيو، پر ٻن ڏينهن بعد مودي جو بيان سامهون آيو ته پاڪستان سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون. اهڙي بيان کانپوءِ ائين پيو لڳي ته اڃان موديءَ جي مستي ختم ناهي ٿي ۽ ڪيڏي مهل به جنگ ڇڙي سگهي ٿي.