خاص

ڪنهن کي به اين آر او ۽ معافي نه ڏبي، نوازشريف کي هر صورت ۾ واپس آڻڻ لاءِ برطانيا کان مدد وٺنداسين،: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي واپسي لاءِ آئيني معاملا ڏسڻ ۽ مخالف ڌر جي تحريڪ جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪابينا جي ڪميٽي جوڙيندي چيو آهي ته برطانوي حڪومت جي مدد سان نواز شريف کي واپس آڻينداسين، نواز شريف کي عدالتن آڏو پيش ٿيڻو پوندو، ڪرپشن ڪيسن ۾ ڪنهن کي به معافي نه ملندي ۽ نه ئي وري اين آر او ملندو، نواز شريف بيماري جو بهانو بڻائي ڀڳو آهي، کيس هر صورت ۾ واپس آندو ويندو، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته نواز شريف جي وطن واپسي لاءِ سمورا قانوني آپشنز استعمال ڪنداسين ۽ نواز شريف کي برطانوي حڪومت جي مدد سان هر صورت ۾ واپس آندو ويندو. هن چيو ته نواز شريف بيماري جو بهانو ڪري ملڪ مان ڀڳو آهي، کيس عدالتن ۾ پيش ٿيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ڪرپشن تي نه ڪنهن کي معافي ملي آهي ۽ نه ئي ڪو اين آر او ڏنو ويندو ۽ مخالف ڌر کي احساس ٿي ويو آهي ته اين آر او ملڻ وارو ناهي ان لاءِ ڪرپشن ڪيسن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ادارن خلاف مهم شروع ڪئي وئي آهي.