خاص

حيدرآباد ۾ خانگي اسڪول جي ٽين ماڙ تان شاگردياڻي ڪري فوت پوليس پاران واقعو آپگهات قرار اسڪول جي رجسٽريشن معطل

سحرش نگر واري علائقي ۾ قائم دي سٽي اسڪول ۾ پڙهندڙ 12 ورهين جي مومنا ناريجو ٽين ماڙ تان ٽپو ڏئي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهتي جائزو ورتو ويو، سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪيا ويا. صوبائي وزير سردار شاهه پاران نوٽيس وٺڻ بعد انڪوائري مڪمل ڪئي وئي، اسڪول جي رجسٽريشن معطل، پرنسپال کي هٽائڻ جي هدايت. واقعو 100 سيڪڙو آپگهات لڳي ٿو، ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا، رپورٽ اچڻ بعد خبر پئجي ويندي، شروعاتي تحقيق مان خبر پئي آهي ته ڇوڪري تمام گهڻي حساس هئي ۽ منجهيل نظر ايندي هئي: ايس ايس پي.