کنڀيءَ ۾ دماغ ۽ حافظي لاءِ انتهائي فائديمند مرڪب دريافت
هونءَ ته کنڀيءَ جا گهڻائي فائدا سامهون ايندا رهن ٿا، پر هاڻ کنڀيءَ ۾ هڪ بلڪل نئون جزو دريافت ٿيو آهي، جيڪو نه صرف دماغي خلين (نيورون) کي وڌائي ٿو بلڪه يادداشت پڻ وڌائي ٿو. جامعه ڪوئنزلينڊ جي برين انسٽيٽيوٽ سان لاڳاپيل پروفيسر فيڊرڪ مينيئر چيو آهي ته ايشيا، اتر آمريڪا ۽ يورپ ۾ ٿيندڙ لائنزمين کنڀي (هريسيئم ايرينيڪيئس) ۾ هڪ نئون مرڪب دريافت ٿيو آهي، جيڪو اڳ ۾ چيني دوائن ۾ استعمال ٿيندو رهيو آهي. هن خوشنما ۽ خوش ذائقي کنڀيءَ ۾ دماغي اعصابن ۽ نيورونز کي وڌائڻ ۽ يادداشت کي طاقت ڏيڻ وارو اهم جزو دريافت ٿيو آهي.

