گورنر ۽ اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ تي فٽ بال کيڏڻ بند ڪن: پرويز الاهي
اڳوڻي وزيراعليٰ پنجاب چوڌري پرويز الاهي سان تحريڪ انصاف جي مرڪزي رهنما ۽ اڳوڻي وزير دفاع پرويز خٽڪ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي چونڊن سميت سياسي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران چوڌري پرويز الاهي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته عدالتي فيصلي کانپوءِ اليڪشن جي تاريخ ۾ دير جو ڪوبه جواز نه آهي، عدليه آئين جي بالادستي سان بيٺي آهي، ڪنهن کي به آئين پامال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.