خاص

غير تندرست وات دماغ کي متاثر ڪري سگهي ٿو

وات جي اندروني صحت نه صرف معدي جي مرضن کان محفوظ رکي ٿي، پر ان جي متاثر ٿيڻ سان دماغي مرضن ۽ فالج جو خطرو پڻ وڌي سگهي ٿو. ڊاڪٽر هڪ عرصي کان چوندا پيا اچن ته پنهنجي وات جي اندروني صحت (اورل هيلٿ) جو خيال رکو ڇو ته وات جي گندگي پوري بدن کي متاثر ڪري طرح طرح جا مرض پيدا ڪري سگهي ٿي. ان ۾ ڏندن جي صفائي، فلوسنگ ۽ گُرڙا وغيره پڻ شامل آهن.